مان جلد ايندس مير سردار چنڙ ڌرتي جي هن گولي تي روزانو ڪيترائي انسان ڄمن ۽ مرن ٿا ڪجهه جنم جنم ٿيندا آهن جنهن جي اچڻ سان هر طرف خوشيون ئي خوشيون پکڙجي وينديون آهن ڌرتي آڪاس جھومڻ لڳندو آهي ون ٽڻ خوش ۾ ٽڙندا آهن پر ڪجه وڇوڙا ايترا ته اذيتناڪ هوندا آهن جيڪي تمام گھرا گھاءَ ڏئي ويندا آهن جيڪي گھاءَ صدين تائين ڀرجي ناهن سگھندا آهن انهن وڇورن ۾ ڌرتي زلزلا ۽ آسمان ۾ گجگوڙ هوندا آهن هوائون بادل انسان وڻ ٽڻ سڀ سوڳ ۾ ورتل هوندا آهن اهڙو ئي هڪ وڇوڙو اسان سان 02 فيبروري 2019ع تي پيش آيو هو جنهن ۾ هر طرف سوڳ ڇانيل هو اکين جا بادل زور شور سان وسي رهيا هئا مرڪندڙ چهرا مرجهائجي ويا هئا اهو وڇوڙو هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ يارن جي يار ايوب عمراڻي جو هو. ايوب عمراڻي سان منهنجو رابطو عالمي اوطاق فيسبڪ ذريعي ٿيو هو هو شروعاتي سفر ميسينجر کان ٿيندو ڪال تائين ترقي ڪري ويو هو ايوب سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪال ميسيج ذريعي ٿيل آهن پر ڪڏهن روبرو ملاقات نه ٿي سگھي هئي کيس هڪ دفعي ڪال ڪري چيم سائين حيدرآباد اچو ٿا ته اسان طرف ڪڏهن قدم نٿا ڀري اچو ته چوندو هو مير ! توکي ته خبر آ زندگي جو سفر ڪيترو ڏکيو رهو آ منهنجي زندگي تمام مصروف ٿي وئي آ ڪهاڻين جي ڊبل سينچري ته مڪمل ڪري چڪو آهيان پر ڪو ڪتاب شايع ناهيان ڪرائي سگھيو هاڻ ”دوزخ“ ناول شايع ڪرايان پيو ان جا پنڌ ڪيان پيو پبلشرن وٽ پبلشرن جا وڏا پنڌ آهن تنهنجو به گذر منهنجي شهر کان آهي اچين پاڻ به ڪون ٿو برحال مان تو وٽ جلد ايندس! اهڙو پيارو ايوب وڇڙي ويو جنهن جا اڃا وڇڙڻ جي عمر ئي نه هئي جنهن جي خوابن جي اڃا ساڀيان ئي نه ٿي هئي جنهن جي وڇوڙي جو اکين کي اعتبار ئي نٿو اچي ڇاڪاڻ ته سندس ڪيل ميسيج اڄ به اکين اڳيان موجود آهن اکيون اڄ به سندس انتظار جون منتظر آهن توکي خبر ناهي ته انتظار ڪيترا ڪرب ڏيندڙ ٿيندو آهي اڄ تنهنجي راهن ۾ اکيون کتل آهن اڄ ناهي کٽو اڄ به ساڳو آهي تنهنجو انتظار ايئن آهي جيئن وفا ناٿن شاهي ڪري ٿو نه تون آئين نه انتطار کٽو ديب جلندا رهيا سحر تائين ايوب عمراڻي جنهن جو جنم اڄ کان 66 سال اڳ 28 اپريل 1966ع ۾ محمد اسماعيل عمراڻي جي گھر ڳوٺ شاهه اويس قرني سن (اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشورو) ۾ ٿيو ايوب عمراڻي جو خاندان ڳوٺ مان لڏي اچي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي پاڙي ۾ رهڻ لڳا ايوب عمراڻي اڃا ابهم ئي هو ته سندس والد محمد اسماعيل عمراڻي لاڏاڻو ڪري ويو. ۽ ايوب جي ماءُ جي ڀاڪرن ۾ پرورش ٿي پاڻ شروعاتي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول مانجهند ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سن مان ڪيائين انٽر سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئشن جي ڊگري سنڌ ورسٽي ڄامشورو مان ڪئي ۽ جمال ابڙو ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جو تقابلي جائزو ۽ اسلوب تي سنڌ ورسٽي مان ايم فل ڪيائين ايوب عمراڻي ننڍپڻ کان يتيم هجڻ ڪري زندگي جي سفر ۾ تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ايواب عمراڻي ڪراچي ۾ اخبارن ۾ پورهيو به ڪيو هن پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي زندگي جي ڏسن سورن صدمن تي ”آتم ڪٿا“ پڻ لکي جيڪا هزار داستان ۾ قسطوار شايع ٿي هئي . ايوب جو ادب ڏانهن لاڙو فطري طور تي هو شروعات نظم سان ڪيائين بعد ۾ نثر طرف آيو جنهن ۾ تمام گھڻي شهرت مليس 1979ع کان باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين ايوب مختلف اخبارن ۾ پورهيو ڪيو 1983ع ڪيليگرافي طور هلال پاڪستان 1984ع ۾ روزاني ناظم ڪراچي ۽ 1985 ع ۾ عبرت حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين 1985ع کان 1989ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد ۽ روزاني سنڌو جي سب ايڊيٽر طور خدمت سرانجام ڏنائين . ايوب عمراڻي جو تعلق سن سان هجڻ ڪري سندس سائين جي ايم سان رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون سائين جي اوطاق تي ئي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون سائين جي ايم سيد جي اوطاق تي مسلسل حاضريون ڀريندو رهندو هو جنهن جو ذڪر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪري چڪو آهي ايوب عمراڻي 1996ع ۾ سن ۾ ٿيندڙ رياستي ڪاهه ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ 6 مهينا قيد ڪاٽيائين ان قيد دوران ئي هن ناول ”دوزخ“ لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ جيل اندر هلندڙ ڪاروهنوار جا عڪس آهن جيلن ۾ ٿيندڙ ظالمن سان رعايتون ۽ بي گناهن کي ملندڙ ڏوهن جي سزائن جو ذڪر آهي . ايوب عمراڻي 1988ع ۾ پرائمري استاد طور سرڪاري نوڪري ملي جنهن ۾ 2009ع تائين علم جا ڏيئا ٻاريندي ڪيترن جون ئي دليون روشن ڪيون 2009ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرار ٿيو سندس مقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ ٿي جتي ساهه جي آخري گھڙين تائين ليڪچر ڏيندو رهيو. ايوب عمراڻي 1991ع کان 1994ع تائين روزاني سنڌو ۾ ( من اندر جون ڳالهيون) جي عنوان هيٺ ۾ ڪالم لکيائين 60 کان مٿي اسٽيج ڊارما لکيائين جيڪي وقت به وقت استاد يونس سنائي جي ڊائريڪشن هيٺ مختلف شهرن ۾ پيش ٿيندا رهيا سندس لکيل 50 کن ٽي وي ڊراما سيريز ۽ 10 ٽيلي فلمون پڻ نجي ٽي وي چيئنلن تان نشر ٿينديون رهيو آهن 200 کان مٿي ڪهاڻيون لکيون هئائين جيڪي هزار داستان داستان سميت سنڌ جي مختلف ۾ رسالن ۾ شايع ٿيون . ايوب عمراڻي 7 ناول لکيا جن ۾ ”جيئينم“ ”دوزخ“ ”هوشو“ ”سنڌ جا “ ”امبرجو موت“ ”جنم“ ”احساس“ هئا پر سندس هڪ ناول ئي ڪتابي صورت ۾ آيو جيڪو سنڌ راڻي پبلڪيشن پاران ايوب عمراڻي جي وڇڙڻ بعد مارڪيٽ جو حصو بڻيو پر افسوس! ايوب عمراڻي پنهنجي ادبي پورهئي جو پهريون ڪتاب به ڏسي نه سگهيو ايوب عمراڻي پنهنجي ڪهاڻين ڪالمن مضمونن ڊرامن ذريعي سنڌ جي دردن سورن ڏکن جي ترجماني ڪندو رهيو هو هن پنهنجي لکڻين ۾ وڏيرا شاهي سياستدانن جاهلاڻن دقيانوسي سوچن بابت تمام گھڻو لکيو هو سندس هڪ ڪهاڻي ”باب حاجي ڪوڙه خان “ مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو هو جيڪا شايد 2018ع ۾ هزار داستان جي ڪنهن ميگزين ۾ شايع ٿي هئي جيڪا سياستدانن جي ڪرپشن ۽ ٺيڪدارن جي چاپلوسين تي لکيل هئي ايوب عمراڻي ادبي سماجي تنظيمن سان وابسطا رهيو آهي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت مانجهد جو بنيادي ميمبر هو جيڪو آخري وقت تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيوهڻ جو ميمبر رهيو 1981ع ۾ لطيف سنگت جو مرڪزي پريس سيڪريٽري رهيو سنائي آرٽس سرڪل ۽ شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائتي سن پڻ رهيو. ايوب عمراڻي کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ 1983ع ۾ لطيف سنگت طرفان بيسٽ آرٽيڪل ايوارڊ 1985غ ۾ گل ڦل ميگزين طرفان بيسٽ آرٽيڪل ايوارڊ 1992ع ۾ بيسٽ شارٽ اسٽوري رائيٽر ايوارڊ 1993ع سنائي آرٽ سرڪل سن طرفان بيسٽ اسٽوري ليکڪ 2005 ع ۾ ترقي پسند پارٽي پاران بيسٽ اسٽوري رائيٽر ايوارڊ 2010ع ۾ ترقي پسند پارٽي پاران بيسٽ فلم رائيٽر ايوارڊ 2010ع ۾ مير محمد مورل جويو بيسٽ ڊراما رائيٽر ايوارڊ 2011ع ۾ ايوب سماريا فائونڊيشن پاران ايوارڊ 2013ع عبرت گروپ آف پبلڪيشن پاران بيسٽ اسٽوري رائيٽر 2015ع ۾ سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم طرفان ”جو کيڙي سو کائي “ تي بيسٽ فلم ايوارڊ ۽ ڪجهه سرٽيفڪيٽ مليا هئا ايوب عمراڻي 25 جنوري 2019ع تي ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان پنهنجي ڊيوٽي تان واپس سيوهڻ کان سن طرف وين ۾ اچي رهيو هو آمري ويجهو وين ۽ ڊمپر جي خوفناڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو جنهن کي حيدرآباد ۾ ميو ويو طبعيت خراب ٿيڻ ڪري کيس ڪراچي ي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو هو 7 ڏينهن بعد 2 فيبروري 2019ع تي 64 ورهين جي ڄمار ۾ وڇڙي ويو. ايوب عمراڻي جو هڪ سهڻو سادو ليکڪ جي وڇڙڻ تي تمام گھڻو ڏک ٿيو اڄ ايوب عمراڻي جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي اسان ايوب کي ڪڏهن وسارنٿا سگهون ايوب اسان سان پنهنجي ڪالمن ڪهاڻين ناولن ذريعي سدائين گڏ رهندو ايوب عمراڻي جي ڪهاڻين ڪالمن ۽ ناولن کي ڇپرائڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن بابت ثقافت کاتي ۽ پبلشرن کي اها نماڻي التجا ڪجي ٿي ته سندس لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي نوجوانن تائين پهچايو وڃي. ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون