ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪيندو رهيو ته اسان پنجاب لاءِ بندرگاهه، گئس ۽ هاءِ وي بند ڪري سگهون ٿا:سنڌ سرڪارڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي رٿابندي ۽ ترقي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي پنجاب کي خبردار ڪيو آهي ته پنجاب جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي روڪيندو رهيو ته پوءِ سنڌ وٽ ٻيا هٿيار به آهن، پنجاب جا رستا بند ڪري سگهجن ٿا ۽ پنجاب لاءِ بندرگاهه ۽ گئس فراهمي به بند ڪري سگهجي ٿي، ڪالهه ڪراچي ۾ عوامي جمهوري ڪائونسل پاران ”جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياري“ جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار ۾ ڳالهائيندي قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته ارسا جي وقتي چيئرمين جو فيصلو غير قانوني آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بندرگاهه بند ڪنداسين ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وٽ ڀارت سان معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو ئي نه بچندو، سيمينار ۾ ٺهراءُ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته بنا دير چشما-جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪري ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود کي هٽائي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمدڪيو وڃي، 1940ع جي قرارداد تحت صوبن کي خودمختياري ڏئي فوج توڙي سمورن ادارن ۾ صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي، ٺهرائن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قدرتي وسيلن تي صوبن جي حق کي تسليم ڪري ان جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، بلوچستان مان آپريشن جو خاتمو آندو وڃي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته موجوده جمهوري حڪومت 19 سالن جو پراڻو اين ايف سي ايوارڊ صوبن کي ڏياريو، سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير پنهنجي نگران وڏ وزارت بچائڻ لاءِ 37 سيڪڙو صوبن ۽ 67 سيڪڙو وفاق کي حصو ڏيڻ جو معاهدو ڪيو پر موجوده جمهوري حڪومت وفاق کي صرف 44 سيڪڙو اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڏنو، جڏهن ته 56 سيڪڙو صوبن کي حصو مليو ۽ پارليامينٽ تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو ۽ ڪي ٽي بندر رٿا ماضيءَ جي حڪمرانن ڄاڻي واڻي ختم ڪيا، ٻارنهن سالن ۾ هڪ يونٽ به بجلي پيدا نه ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ لڳل چئن مارشل لائن کي سپريم ڪورٽ قانوني حيثيت ڏني، چونڊيل نمائندن جو ڪو به ڪردار نه هو. جڏهن هاڻ عدليا کي رڳو اهو چيو ويو ته توهان جا نالا پارلياماني ڪاميٽي مقرر ڪندي ته ان تي واويلا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪالاباغ ڊيم ٺاهيندڙ جنرل مشرف ۽ ٻين جنرلن کي ڀڄايو، سنڌ اها قوت آهي ته اها پنهنجا حق وڙهي حاصل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان سرائڪي صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. هن چيو ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جا شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ مون ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا تي اهو واضح ڪيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جا ٻين صوبن ۾ به ڪئمپس کوليا وڃن. وڏي وزير جي ترقي ۽ رٿابندي بابت صلاحڪار قيصر بنگالي چيو ته سنڌ کي ماتم جي سياست ڇڏڻي پوندي ۽ اهي پنهنجا حق وڙهي حاصل ڪن. جيڪڏهن پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪيندو ته سنڌ وٽ ٻيا هٿيار آهن. سنڌ پورٽ، گئس ۽ هاءِ ويز کي روڪي سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڻي تي به سنڌ مجبور ناهي، پنجاب ۾ مينهن وسائيندڙ بادل به سنڌ مان وڃن ٿا، جديد ٽيڪنالاجي وسيلي انهن بادلن مان سنڌ ۾ برساتون ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) صرف پنجاب جي پارٽي بڻجي وئي آهي، پنجاب پاران چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ نواز ليگ جو سياسي حربو آهي، جيڪو هن نااهل ٿيندڙ ميمبرن جي تڪن تي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته جعلي ڊگرين جي بنياد تي نااهل ٿيندڙن ۾ 50 سيڪڙو نواز ليگ جا ميمبر آهن، نواز ليگ پنجاب جي چئمپين بڻجڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان اين ايف سي ايوارڊ ڳالهين وسيلي حاصل ڪيو ۽ ايندڙ اين ايف سي اڃا وڌيڪ گهڻ رخي اهڃاڻن تحت حاصل ڪئي ويندي. هن چيو ته گئس تي رائلٽي ملي پئي، سنڌ جي تعليم تباهه آهي، ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، 49 هزار اسڪولن مان 42 هزار اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، جڏهن ته 50 سيڪڙو استاد گوسڙو آهن. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي عوامي جمهوري ڪائونسل جي صدر ابرار قاضي چيو ته ملڪ ۽ قومن جا فيصلا گهڻائيءَ جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجن پر اهي اڪثريت سان ٿيڻ گهرجن، پنجاب هميشه سنڌ سان ڏاڍايون ڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سمجهي ٿو ته اسان جو وڏو صوبو آهي. هر پنجن سالن کانپوءِ آئين ۾ ترميمون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته جيستائين فوج ۾ صوبن کي برابري نٿي ڏني وڃي، تيستائين مارشل لائن جو خطرو برقرار رهندو. سگا جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿيندي تيستائين تعليم تباهه آهي، سنڌ ۾ اسڪول يتيم آهن، استاد اسڪولن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهن، سنڌ واحد صوبو آهي، جتي گهڻي ۾ گهڻا اسڪول بند آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد غلام شاهه چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين سنڌ سان زيادتين جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ علي حسن چانڊيو چيو ته چشما-جهلم لنڪ ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال واريون رٿائون هميشه لاءِ ختم ڪري پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي. تقريب کي مظهر الحق صديقي، وشنومل، يوسف مستي خان، عبدالخالق بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو