راءِ بهادر اوڌ وداس تاراچند ڇاٻڙيا _ هڪ وساريل هيرو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ڊاڪٽر گل حسن سيٺار طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2020۔

  1. ڊاڪٽر گل حسن سيٺار

    ڊاڪٽر گل حسن سيٺار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    91
    راءِ بهادر اوڌ وداس تاراچند ڇاٻڙيا _ هڪ وساريل هيرو

    ليکڪ: ڊاڪٽر گل حسن سيٺار (ڪويت)


    1979عيسوي جي جو اهو ڏينهن اداسيءَ جو ڏينهن هو. دل ۾ ڪجهه بيچيني هئي. هڪ مذهبي جماعت جا جذباتي ڪارڪن وڦريل هئا، سندن ذهن ۾ بدلي جي باهه ڀڀڙ وانگر ڀڙڪي رهي هئي. انهن جي ذهن تي خون ڪرڻ جو جنون سوار هو. اها شخصيت به اهڙي هئي جنهن جو ڪجهه به قصور نه هو بلڪ ان شخصيت جا انهن سڀني جي مٿان احسان هئا ۽ اها شخصيت انهن جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ هروقت تيار رهندو هو. نه صرف اهي ان شخصيت جو ڌڙ تن کان ڌار ڪرڻ چاهين پيا بلڪ ان جي نڪ ڪن ۽ هٿن کي به ڪٽي پرزا پرزا ڪرڻ چاهين پيا. انهن جي دل جي ڀڙاس ايساتئين به ٿڌي ٿيڻ واري نه هئي بلڪ ان جي چهري تي ڪاراڻ به ملڻي هئي. وڦريل جوان پنهنجي هٿن ۾ ڪي ڪهاڙا کڻي آيا ته ڪي وري هٿوڙا، ڪن جي هٿن ۾ رنبا هئا ته وري ڪي وري ٽيشيون کڻي آيا هئا. اهي سڀ جمع ٿي ويا هئا، هر رستي تي هُل ۽ هنگامو هو، سرڪار به خاموش هئي ته عوام به غفلت جي گهري ننڊ ۾ هو. ڪو به اهڙو شخص نه هو جيڪو انهن جنوني جوانن کي سمجهائي ته ائين نه ڪريو ليڪن انهن ائين ئي ڪيو. انهن ان مهان شخصيت جي سر کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. ان جو نڪ به ڪپيو ويو ته ڪن به ڪاٽيا ويا، هٿ به ڪپيا ويا، ان جي جسم کي بيدرديءَ سان ڪيرايو ويو ۽ جسم کي لتاڙيو ويو ۽ ان جي چهري تي ڪاراڻ ملي وئي. جنوني اهو سڀ ڪجهه سرڪار جي موجودگيءَ۾ ڪري ويا، نه ڪنهن انهن کي قيد ڪيو ۽ نه ئي کين ڪنهن ملامت ڪئي، اهي سڀ پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍي فتح جا نعرا هڻندي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. معاشري جي بي حسي اڄ به اسانجي ان عمل تي ملامت ڪري رهي آهي. اهو شخص ڪير هو؟ اهو شخص ته اوڌوداس هو. جنهن اسپتال بڻائڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ مال کي قربان ڪري ڇڏيو هو. اهو شخص شڪارپور جو مشهور واپاري هو جنهن وٽ سڀ ڪجهه هو جنهن پنهنجي زندگيءَ کي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ان هڪ وڏي اسپتال بڻائي هئي ان سپتال ۾انهن جو به علاج ٿيندو هو جن اهڙو ڪُڌو ۽ گندو ڪم ڪيو هو. انهن جي ابن ڏاڏن جو به علاج ان جي ئي بڻايل اسپتال ۾ ٿيندو هو. ليڪن انهن جنونين اهو انتقام ڪنهن زندهه انسان کان نه ورتو هو بلڪ اهو سڀ ان جي مجسمي کان ورتو هو جيڪو مجسمو صرف يادگار جي حيثيت سان لڳايو ويو هو. نه ته ڪوئي ان جي پوڄا ڪندو هو ۽ نه ئي ڪوئي ان کي الله جو درجو ڏيندو هو، نه ته اهو مجسمو ڪنهن مسجد ۾ هو نه ئي وري مندر ۾. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته ان جنونين مجسمي کي مسمار ڪري مڪي جي فتح واري تاريخ دهرائي هئي.

    مختصر طور اوڌوداس شڪارپور شهر جي هڪ مهان شخصيت ۽ مشهور واپاري هو. ان وٽ سڀ ڪجهه هو۽ ان جي دل انسانيت جي خدمت سان سرشار هئي. چون ٿا ته ان جي امڙ بيمار ٿي پئي ان وقت شڪارپور ۾ ڪا وڏي اسپتال ڪونه هئي جنهن سبب ان کي اهو خيال پيدا ٿيو ته شڪارپور ۾ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائي وڃي جنهن سان غريبن جو علاج مفت ۾ ڪيو وڃي. 1933 ع ۾ اسپتال جو سنگ بنياد رکيو ويو ۽ ان هڪ لک روپيه اسپتال جي لاءِ چندو ڏنو. ان زماني ۾ هڪ لک روپيا اڄ جي زماني ۾ غالباً هڪ ارب روپين جي برابر ٿيندو. جنهن جاءِ تي اسپتال بڻائي وئي اها زمين سرهندي پيرن کان خريد ڪئي وئي هئي ۽ 1935ع ۾اسپتال کي شروع ڪيو ويو. هن اسپتال جي دواخاني جي مٿان ڪلمه طيبہ لکرايو جيڪو اڄ به موجود آهي. اسپتال ۾ داخل ٿيڻ واري فرش تي هن پنهنجو نالو لکرايو ته جيئن اچڻ وڃڻ وارا سندس جي نالي تي پير رکي داخل ٿين. 1943ع ۾ اسپتال جي خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ بمبئي ويا ته جيئن اتان جي مالدارن کان چندو جمع ڪري شڪارپور جي غريب جو مفت ۾ علاج ڪيو وڃي ليڪن اهي اتي بيمار ٿي پيا ۽ 17 جنوري 1943ع تي وفات ڪري ويا.

    تعارف: نالو: اوڌوُداس تاراچند ڇاٻڙيا

    ڄم جو سال: 1870 عيسوي

    پيشو: وڻج واپار

    لقب: راءِ بهادر (هي لقب کيس انگريز سرڪار 1935 ۾ سندس سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڏنو. واضح رهي ته راءِ بهادر اصل ۾ رائو بهادر آهي ۽ رائو جي معنيٰ آهي شهزادو ۽ بهادر جي معنيٰ مظبوط دل وارو يا نهايت ئي عزت وارو. اهو ساڳيو لقب مسلمان ۽ پارسين لاءِ خانبهادر ۽ سکن کي سردار بهادر جي نالي سان ڏنو ويندو هو.)

    وفات: 17 جنوري 1943 عيسوي. وفات وقت عمر 73 سال هئي.

    سماجي خدمت: اسپتال جي اڏاوت: 30 اپريل 1933 ع تي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر سکر جي ڪليڪٽر ايڇ – ٽي – سورلي رکيو. اسپتال جو افتتاح 2 فيبروري 1935 عيسويءَ ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ برابورن رکيو هو.

    مجسمو ڪٿي آهي: هي مجسمو هاڻي سنڌالاجي عجائب گهر ۾ آهي.

    سبق: جن مجسمو کي قتل ڪيو اهي خود ئي قتل ٿي ويا. مجسمي وارو اوڌوداس اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.

    اسانجا سوال: مذهبي روادري اسانجي سماج جو حصو آهي. ڪنهنجي مجسمي کي بت سمجهي ڊاهڻ اسانجي سماج ۾ صحيح نه آهي باقي دين اسلام ۾ ايتري گنجائش ضرور آهي ته اقليتن جي حقن جي حفاظت اسان جي مٿان لازم آهي. هر ڪم کي مذهب سان جوڙڻ ضروري نه آهي. رسول الله ﷺ جو يهودين سان ميثاق مدينه ڪرڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي.

    اڄ به سنڌالاجيءَ ۾ موجود اهو مجسمو اسان کان سوال ڪري ٿو ته منهنجو ڪهڙو قصور هو جو اوهان منهنجي ايڏي توهين ڪئي.

    منهنجي ته سڀني لاءِ اها دعا هئي ته:

    سڀني جا دک دور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ

    دانهون دکين جي ٻُڌي، مالڪ ٿي مهربان

    معاف ڪر منهنجا پرين! عيب ڀريو انسان

    عرضي اوڌُءَ جي اگهاءِ، ڏي تندرستي دان.


    1. https://www.dawnnews.tv/news/1033203

    2. https://ur.wikipedia.org/wiki/ادھو_داس#cite_ref-2

    3. سندھی روزنامہ عبرت 20 جنوری 2016ع، کالم: آئیں ایک محسن کو یاد کریں، کالم نویس: نسیم بخاری

    4. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اوڌو داس تارا چند اسپتال

    5. نقش ناياب منگي--”راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال“ شڪارپور (هڪ تعارف) رسالو:مهراڻ 1999 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ

    6. https://sd.wikipedia.org/wiki/راءِ_بهار_اوڌو_داس_تارا_چند_اسپتال_شڪارپور

    7. زاهد نون صحافي: جنهن هن واقعي کي رپورٽ ڪيو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو