رني ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڦير فار ڪري قومي ۽ تاريخي ورثي کي تبديل ڇو پيو ڪيو وڃِي؟

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2020۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    خدابخش جويو


    قومون پنهنجي تاريخي ماڳ مڪانن ،تهذيب ۽ تمندن تي نه رڳو فخر ڪنديون آهن پر انهن جي سار سنڀال، ان جي مقصديت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن. انهن قديمي آثارن جي موجودگي کي اصلي صورت ۾ برقرار رکڻ لاءِ ادارا به هوندا آهن.جن ۾ تاريخ ۽ آڳاٽي تهذيب ۽ تمندن تي دسترس رکندڙ اهل علم ماڻهن کي مامور ڪيو ويندو آهي. پر هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان متعلق هڪ جهلڪ اوهان آڏو پيش ڪرڻ جي نماڻي جسارت ڪريان ٿو.. جيئن ته اها ڳالهه چٽي ۽ پڌري آهي ته رني ڪوٽ هڪ دفاعي نوعيت وارو قلعو Defensive nature جڙيل آهي. جن به ان ڪوٽ جي تعمير ڪئي . انهن جي رٿا ۽ انجينيئنگ ڪمال جي آهي . جنهن کي قديمي تاريخي اهميت حاصل آهي. پر موجوده دور ۾ جن فردن کي اختيار آهن سي صرف پنهنجي پيٽ پوڄا تحت يا قلعي جي تاريخي دفاعي نوعيت کي غير اهم سمجهندي، سرڪاري / غير سرڪاري خزاني معرفت ان جي تاريخي سڃاڻپ بگاڙي ڇڏي آهي. ڪوٽ جي شناخت جيڪا دفاعي نوعيت Defensive natureجي هئي اها هن وقت ختم ٿي چڪي آهي.


    رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بنيادي طور تي ٻن مک دروازان جا نالا “سن دروازو ” ۽ “موهن دروازو“سڏجن ٿا ۽ ٻه پاڻي جا گذر گاه جن جا نالا “آمري دروازو“ يعني ٻڌيا موري ۽ “شاهه پر دروازو“ يعني وسيع ميداني علائقي وارو دروازو سڏجن ٿا.. موهن دروازي ۽ سن دروازي جي جوڙجڪ هڪجهڙي هئي . عام وخاص کي جنهن جاءِ لاءِ “سن دروازو ٻڌايو ويندو آهي اهو حقيقيٽ ۾ رني ڪوٽ مان ٻاهر نڪرندڙ برساتي نئين وارو هنڌ آهي. جنهن کي رني ڪوٽ جي “مهڙ” سڏي سگجي ٿو. ان نئين جي اخراج واري جاءِ تي وڏا پلر يا ٺلهه هئا جن جي مٿان پهري ڏيڻ لاءِ پل اڏيل هئي. ۽ انهن پلرن ۾ سوراخ به هئا، جنهن مان واضح اندازو لڳائي سگهبو هو ته لوهه يا ڪاٺ سان مٿان کان هيٺ تائين ان کي بند ڪيو ويندو هوته جيئن ان طرف کان ڪو به حملي آور يا ڪو ٻيو ڪوٽ جي اندر اچي نه سگهي.


    رني ڪوٽ جي ان مهڙ وٽان، جتان ڪوٽ مان نئين سن جو پاڻي خارج ٿئي ٿو ان جي ڏکڻ ۾ لڳو لڳ “سن دروازو” جڙيل آهي ۽ اهو خفيا گيٽ دروازو آهي..


    مهڙ واري حصي وٽان ايامن کان تيز نئين اچڻ ڪري، ان جي مٿان ٻاهرين چر پر تي نظر رکڻ لاءِ ٺهيل پل نه رهي پر اتي ان پل لاءِ بيٺل پلر به اڳتي رڙهي ويا. جن کي اسان پنهنجي عمر جي سانڀر ۾ ڏٺو. جن کي موجوده وقت ۾ ڊاهي پٽ ڪري مهڙ واري دفاعي نوعيت واري پل واري خيال کي مليا ميٽ ڪري ڪوٽ جي دفاعي سڃاڻپ واري اهميت کي ميساري پنهنجي نئين ۽ هٿ ٺوڪي انجينئرنگ جو ڪمال ڏيکاريو آهي ۽ ان جاءِ تي ٻاهر کان ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ته ٻاهران ايندڙ ڪو به حملي آوار آساني سان ان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو۽ رني ڪوٽ دفاعي پرپز کان ٺهيل ناهي .جيڪا تاريخي قلعي جي سڃاڻپ ۽ اهمت کي بگاڙي وڏي زيادتي ۽ هٿ چراند ڪئي وئي آهي.


    موهن ۽ سن درازي متعلق سمجهڻ کان پوءِ اچو ته آمري درازي متعلق سمجهون.

    هي هڪ ونگ تي موري آهي جيڪا رني ڪوٽ جي اتر پاسي سن دروازي کان تقريبن چهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. ان مان رني ڪوٽ اندران برساتي پاڻي جو ڪجهه حصو ننڍي نئين جي صورت ۾ ٻاهر نڪرندو آهي. جيڪو اڳتي هلي، نئين سن ۾ شامل ٿيندو آهي. ان موري کي ٻڌيا موري يا آمري گيٽ به سڏجي ٿو. اها موري رني ڪوٽ جي ديوار هيٺان ٺهيل هئي/آهي جنهن لاءِ گهرائي سان سوچيندڙ ماهرن جو چوڻ هو ته ان جي مٿان به مورچن ۽ ديوار سان جڙيل چونڪي هئي. جيڪا وقت جي ستم ظريفي سبب ختم ٿي وئي. ان موري مان نڪرندڙ پاڻي کي تومنگ نئين سڏبو آهي

    شاه پر دروازو : هي دروازو به ٻڌيا موري يا آمري دروازي وانگر هو بهو ٻڌيا موري جهڙي هڪ ونگ تي ٺهيل موري هئي جيڪا ڪوٽ جي ڏکڻ طرف هئي جنهن کي شاهه پر دروازو سڏيو ويندو هو. ان موري کي مون 89. 99ع ۾ زبون حالت ۾ ڏٺوهو جيڪا اڳتي هلي ڊهي وئي. ان موري مان ميداني علاقي مان برساتي پاڻي نئين جي صورت ۾ رني ڪوٽ جي اندر داخل ٿئي ٿيندوآهي

    ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته شاهه پر دروازي کي اصل موريءِ واري شڪل ڏئي اصليت برقرار رکجي ها پر موجوده وقت ۾ ان تاريخي حيثيت کي مٽائي اتان سڌو پاڻي لاءِ رستو ٺاهيو ويو آهي. ۽ چوڻ لڳا آهن ته اهو نئين لاءِ رستو آهي. اهڙي هٿ چراند جو اڳتي هلي نتيجو اهو نڪرندو ته رني ڪوٽ تي ريسرچ ڪندڙ رني ڪوٽ کي غير محفوظ قلعو قرار ڏيندا. ۽ ان کي پنجين دروازي طور ڳڻيو ويندو. اها ڪوٽ جي بناوت ۽ اصل تاريخي مقصديت سان وڏي ويڌن ڪئي وئي آهي..

    پراڻي دور کان وٺي سن کان رني ڪوٽ ايندي سن دروازي کان اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پهريان هڪ ڪچو رستو ڌکڻ طرف نڪرندو هو ۽ آهي جيڪو اڳيان هلي ڪوهستان جي ڪرچات ۽ بصران ڳوٺن ڏانهن ويندو آهي. اهو رستو اٺن، گڏهن ۽ ماڻهن جي پنڌ طور استمال ۾ ايندو رهيو هو ڇاڪاڻ ته ان رستي اڳيان اڳتي هلي پهاڙي ڇپ جي اچي وڃڻ ڪري گاڏين جي اچڻ وڃڻ لاءِ ڏکيو آهي

    ڪرچات ۽ بصران ڏانهن سولائي سان وڃڻ لاءِ مقامي ماڻهن اندازن 50 سال اڳ رني ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ واقع شاهه پر دروازي کان هڪ فرلانگ کن اولهه طرف واري ديوار کي ٽوڙيو ۽ گاڏين جي اچ وڃ لاءِ رستو ٺاهيو ويو ۽ ان کي شاهه پر دروازو سڏيو ويو. اهو اهڙو هنڌ آهي جيڪو ديوار هجڻ باوجود ڏکڻ ۾ واقع وسيع ميداني علائقو آهي. جتان حملي آوار آساني سان حملي آور ٿي سگهيو ٿي ۽ڪوٽ جي ڪمزور پاسي هجڻ واري امڪان کي نظر ۾ رکندي. ڪوٽ جي معمارن ان جاءِ وٽ وڌيڪ چونڪيون ٺاهيون هنيون ۽ ڪجهه ديوار ۽ مورچا ڏکڻ طرف به ٺهيل آهن.. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان جاءِ کي بند ڪري ساڳي حالت ۾ بحال ڪجي ها پر تاريخي اڻ ڄاڻائي سبب هن وقت ان ڀڳل ديوار کي لنگهه بنائي شاهه پير گيٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ بلڊوزر سان اوستائين رستو ٺاهي شاهه پير گيٽ جو بورڊ لڳايو ويو آهي ۽ هر ايندڙ ماڻهون ان کي شاهه پير دروازو سمجهندو آهي. اهو سڀ ڪجهه اڄوڪن ڊگري يافته ماڻهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي.

    ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو

    انهن وڻن تي ويٺا چٻ چڙهي

    وري ٿيو وطن ڪوڙن ڪائيرن جو.
     
    آخري ترميم: ‏10 فيبروري 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو