ڏيتي ليتي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏيتي ليتي​


    محمود مغل

    ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهيءَ جيان انيڪ ڏُک ورائي ويندا آهن.​


    پنهنجي سوچَ پاڻ کي ئي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، حياتي هڪدم ”مشڪل“ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”جيئڻ جو فن“ ڪمال فن آهي، جنهن کي اَچي....جنهن کي مِلي... جيڪو ايڏو ”زيرڪ“ هجي، چالاڪ هجي... باقي پاڻ ته ڄڻ ڀاڄي ۽ کاڄا هڪ ئي اگهه ۾ وڪڻي آيا هجون...

    ڪالهه معراج جي رات هئي ۽ حسبِ ”جديد روايت“ ۽ حسب ”جديد دستور“، سڄي ملڪ ۾ ايس ايم ايس يعني ننڍڙن نياپن جي وٺ وٺان ٿي وئي هئي... اهي، جيڪي اڳي ”خط لکڻ“ کي مسئلو سمجهندا هئا، هاڻي ڌڙا ڌڙ، مليل نياپا، اڳيان موڪلين ٿا، مٿان وري وڏي مهرو عنايت انهن موبائيل ڪمپنين جي به آهي، جيڪي ”پيڪيجز“ آفر ڪن ٿيون. نامه بري، سستي کان سستي ٿيندي ٿي وڃي ۽ عقل، علم ۽ شعور، بس ”فارورڊ“ ٿيندا، پنهنجا وار پٽيندا رهن ٿا... ڪيترن کي ته خبر ئي نه ٿي پوي ته هو ڪن ڇا پيا... بس، هڪ وهڪرو آهي، جنهن ۾ وهڻ لاءِ هرڪو تيار آهي.

    عنايتن جي جهان ۾، جيڪي نياپا موصول ٿيا انهن ۾، اسي سيڪڙو تقريباً، اهڙا هئا، جن جي موڪليندڙن کي ئي خبر نه هئي ته هو ڪن ڇا پيا... بس نياپو هيو، جيڪو هنن موڪلي ڇڏيو هيو... عام نياپو هو ”اڄ رات معراج جي ڀلاري رات آهي... اوهان کي مبارڪون هجن... هن رات ۾ حساب ڪتاب طئي ٿيندا آهن... مون جي اوهان کي رنجايو هجي... يا مون کان ڪا غلطي ٿي هجي ته مون کي معاف ڪندا ۽ دعائن ۾ ياد رکندا...“ هاڻي ڌڙا ڌڙ اهو نياپو شروع ٿيو ۽ مٿي تي هٿ، بس ايندا ئي رهيا، عقل جي موڙهن مان ڪنهن به اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته خدا جا بندا... هي شبِ معراج آهي... شب برات ناهي... 27 رجب المرجب آهي... 15 شعبان المڪرم ناهي... هن رات مٺڙي رب جل شانه جو مٺڙو محبوب صلي الله عليه وسلم، معراج جي معجزي سان سرفراز ٿيو هيو... حساب ڪتاب ۽ حياتي، رزق، موت ۽ ٻئي سڀ نقش جو انگ، 15 شعبان تي چٽجندو آهي... جيڪا اڃا اچڻي آهي... اتي اهم ترين ڳالهه اها ته جن به هي نياپو فارورڊ ڪيو هوندو، تن پڙهيو ته ضرور هوندو نه... ڇا انهن سڀني کي، ان ايڏي ضروري ۽ اهم نڪتي جي خبر ناهي..!؟ جي آهي ته هنن ڇو فارورڊ ڪيو ۽ جي ناهي ته ڇا اها اسان جي ديني ڄاڻ جي ”پستي“ ناهي؟...

    مٿان وري، هڪڙي ٻئي مهربان پڇيو ”سائين... هيءَ ساڳي شب قدر آهي نه... ستاويهين رجبي...؟“ بس... عزيزانِ مَن... ٺپ ئي ٺري ويا.. ڇا ڳالهائجي ۽ ڇا عرض ڪجي... ۽ جي ڀلا ماٺ به رهجي... ته ڪيئن رهجي...

    ڳالهه ڪا ديني ماهر ٿيڻ جي ناهي، اهو لازم ناهي ته هرڪو، هر ڪا ڄاڻ رکندو هجي، پر بهرحال، بنيادي ڄاڻ ته بنهه لازم آهي... ڇا اسين اهو ڄاڻون نه ٿا، يا ڄاڻڻ جي پرواهه نٿا ڪرڻ گهرون...؟

    رمضان المبارڪ جي خاص رڪارڊنگ هئي... سوال هيو ته پهرئين ڪلمي کي ڇا چئبو آهي...؟ جواب مليو... ”الاءِ“... وڏي اطمينان ۽ اعتماد سان، نوجوان جوڙي جواب ڏنو هو... سندن اطمينان ڏسي، مائيڪ جي پويان مان پگهرجي ويو هئس، صاحبانِ علم و هنر... اها ته خير رڪارڊنگ هئي ۽ سوال ڪينسل ڪري، ٻيو سوال پڇيو ويو... پر ان حد تائين اسان جي لاعلمي...ڇا ٿي ظاهر ڪري...! ڪهڙي پاسي وڃون پيا ٿا صاحبانِ زمانه... ڪهڙي کاهيءَ ۾ ڪرون پيا ٿا؟

    عام حالتن جيان، هڪ حالت ۾، هلندڙ نماز ۾، ”تم سي ملني ڪو دل ڪرتا هي رَي بابا... تم هي هو جس په دل مرتا هي...“ جي رنگ ٽون، موبائيل جي فل آواز ۾ وڄڻ لڳي...هڪ طرف مولوي صاحب تلاوت ڪري رهيو هيو ۽ ساڄي پاسي صف مان ڪمار سانو ۽ الڪا ياگنڪ جو آواز اچي رهيو هو، وري سون ته سهاڳو اهو جو عبادت ڪندڙ، پنهنجي فون کي هٿ هڻي بند به نه ٿي ڪرڻ گهريو... تقريبن پوري اسٿائي، رنگ ٽون ۾ شامل هئي ۽ خوب وڳي... هلو ڀلا... غلطي ٿي وئي.. پر پوءِ اها هڪڙي ڇا.. گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا وري فون وڳي هوندي، جنهن ۾ هڪ رڪوع، ٻه سجدا ۽ قيام اچي ويا... مڃجي ٿو ته ٿي سگهي ٿو پريان ڪا ايمرجنسي هجي... مڃجي ٿو ته غلطيءَ سان موبائيل ”ماٺ“ ڪرائڻ رهجي ويو هجي... پر ڇا اهو، ائين به نه ٿو مڃي سگهجي ته، جنهن فون ڪئي آهي، ان کي اها خبر به ناهي ته ڪو اوهان ڌڻيءَ در حاضر ٿيو ٿا... ۽ جي ڀلا خبر به اٿس، ته شايد حاضريءَ جي وقتن جي ”ڄاڻ“ نه اٿس... هن لاعلميءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏئي سگهجي ٿو!

    اسين الاءِ ڪهڙي رخ سفر پيا ٿا ڪيون عزيزانِ مَن... الاءِ سفر ڪيون به پيا... الاءِ بس... وقت پيا ٿا ڪاٽيون... پنهنجي اعمالن جو فڪر ڪرڻ هاڻي اسان تقريبن ڇڏي ئي چڪا آهيون...

    ديني حوالي سان، صاحب ڏاڍو مضبوط هيو، سندس عبادت ڏسي رشڪ ايندو هو... خضوع ۽ خشوع ڏسڻ وٽان هيو ۽ حسرت هوندي هئي ته اهڙو سليقو شل نصيب ٿئي... اتفاق سان، اخبار ۾ هڪ سرڪاري ملازمت جي اشتهار جي نسبت سان ملاقات ٿي... ٻڌايائون ته هر لحاظ کان هن پوسٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪن ٿا... ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪ لائق، صاحب علم، ڪنهن صحيح مستند تي اچي براجمان ٿيندو... جو ويندي ويندي پڇا ڪيائون ”ان کاتي ۾ اوهان جو اثر رسوخ ڪيترو آهي مغل صاحب...!؟“ حيرت سان ڏٺو مان ته مرڪندي فرمايائون...”ڏسو... جي ڪو جهان ٺهي ٿو ته ٺاهي وٺجو... مڙئي ڪم ٿي وڃي... باقي ٻيو ڏسي وٺنداسين...“

    ازل ابد کان ”وات پَٽيل مغل صاحب“..وائڙن وانگر پڇيو ”سائين مطلب....“

    ڳالهه ڪٽيندي چيائين ”سڀ سمجهو ٿا اوهان ته جهان ڪيئن هلي ٿو... جي ڪجهه گهرن ٿا ته ڳالهه صاف ڪجو... اهو به ڏينداسين، پر اها جاءِ هٿان نه وڃي... سائين جهان ۾ جيڪو هلي ٿو ته اسين ان جهان ۾ ئي ته رهون ٿا... جيترو گهرن ٻڌائجو... ارينج ڪري وٺبو... مٿان وري اوهان به جي زور ڏيندو ته مڙئي ٿوري ۾ جان ڇٽي ويندي...“

    سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو آهي عزيزانِ مَن... هنن غلط نياپن... هنن عجيب سلوڪن روح تي ڏکن جي وڻ ويڙهي چاڙهي ڇڏي آهي، ڏيتي ليتي جي جهان ۾، اسان کي سڪي جي خبر ته پئي ٿي... گناهه ثواب جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪو فڪر ئي ناهي... اسين رڳو جملن جا ٺهيل آهيون ۽ بس... ڇا ان کان وڌيڪ هاڻي اسان وٽ ڪجهه به ناهي بچيو... ڇا هاڻي اسان وٽ پنهنجي پاڻ پروردگار وٽان وٺڻ لاءِ صرف ”ليتي... ليتي“ ئي آهي... سندس حضور ۾ حاضر ڪرڻ لاءِ ڇا اسان جا هٿ خالي ٿيندا ٿا وڃن...؟ ڇا اسين، سندس حضور ۾ به، بنان ڪجهه سوچڻ جي، ائين غلط فارورڊ ڪيل نياپي وانگر روانه ٿي وينداسين
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڏيتي ليتي

    سائين ليک ۾ هر ڳالهه صحيح لکيل آهي۔۔۔ بنا سوچي سمجهي فارورڊ ڪيل پيغامن کان وٺي اسان جي ديني اڻڄاڻائي جي صحيح نشاندهي ٿيل آهي۔۔۔
    باقي جهان ته ايئن ئي هلي پيو جيئن سائين محمود مغل نشاندهي ڪئي آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو