• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيدرآباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد يونيورسٽي پوائنٽ مان ڪري چيڀاٽجي فوت

سوبيا

سينيئر رڪن
muets10022020.jpg

حيدرآباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد يونيورسٽي جي پوائنٽ مان ڪري پيو، چيڀاٽجي فوت.

خبر موجب قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ وٽ مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪري فوت ٿي ويو. 22 سالن جو شاگرد شايان پٽ مير علي شاهه يونيورسٽي مان پوائنٽ بس ذريعي قاسم آباد پئي آيو ۽ نسيم نگر چوڪ تي هلندڙ پوائنٽ بس مان ڪري ٽائرن ۾ اچي فوت ٿي ويو.

پوليس پهچي سندس مڙھ سول اسپتال منتقل ڪيو. مڙھ ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ياد رهي ته فوتي نوجوان مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهندو هو.

 
Back
Top