حڪومتي ٻيڙيءَ ۾ رٽائرڊ ملازم ڳرا؟!! محمد ادريس راجپوت شهزادو سليم، جيڪو پوءِ جهانگير جي نالي سان هندستان جو بادشاهه ٿيو، سو عجيب شخصيت جو مالڪ هو. نوجوانيءَ ۾ هڪ گهريلو نوڪرياڻي انارڪلي جي عشق ۾ پنهنجي پيءُ اڪبر بادشاهه سان بغاوت ڪري ويٺو ۽ پوءِ جنگ ڪيائين. جهانگير بادشاهه نورجهان جي عشق ۾ گرفتار ٿيو، ۽ شاديءَ ڪري ان کي هندستان جي راڻي بڻايائين. وري جڏهن عوام سان انصاف ۽ عدل جو اونو ٿيس ته فريادين لاءِ محل کان ٻاهر هڪڙي زنجير لڳرائي ڇڏيائين، جنهن کي زنجير عدل چيو ويندو هو. زنجير ڇڪڻ سان گهنڊ وڄندو هو. فريادي گهنڊ وڄائيندو هو ته بادشاهه ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ فريادي جي شڪايت ٻڌي ان جي داد رسي ڪندو هو. وقت گذرڻ سان گهنڊ تي ڪا وَل چڙهي آئي. هڪڙي دفعي گهٽين ۾ رلندڙ گهوڙو بک ۾ انهيءَ وَل کي کائڻ لڳو، انهيءَ چر پر ڪري گهنڊ وڄي پيو. بادشاهه ٻاهر نڪري آيو ۽ ڏٺائين ته هڪ بکئي ۽ رولاڪ پوڙهي گهوڙي جي وَل ۾ وات وجهڻ ڪري گهنڊ وڄي پيو. بادشاهه انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪرڻ بدران سوچيو ته هي گهوڙو به ماڻهن وانگر مون کان انصاف گهرڻ آيو هو. حڪم ڪيائين ته گهوڙي جي مالڪ کي ڳولهي وٺي اچو. حڪم جي تعميل ٿي ۽ مالڪ کي وٺي آيا. بادشاهه ان کان گهوڙي بابت پڇا ڪئي. گهوڙي جي مالڪ ٻڌايو ته جڏهن گهوڙو جوان ۽ صحتمند هو ۽ ڪم ڪندو هو ته هو ان جي پرگهور لهندو هو ۽ کارائيندو هو، پر جڏهن کان هو پوڙهو ٿيو هو ۽ ڪم جو نه رهيو هو، ته هن ان کي آزاد ڇڏي ڏنو هو. بادشاهه چيو ته، ”هن گهوڙي به گهنڊ وڄائي مون کان انصاف گهريو آهي، جنهن گهوڙي سڄي عمر تنهنجي خدمت ڪئي، ان جو حق آهي ته تون به پوڙهائپ ۾ ان جو خيال ڪرين، تنهن ڪري مان حڪم ٿو ڏيان ته هن گهوڙي کي پاڻ سان وٺي وڃ ۽ جيستائين اهو جيئرو آهي، ان جي سار سنڀال لهه“. آبپاشي کاتي جو هڪ رٽائر ٿيل سپرنٽينڊنگ انجنيئر (ايس اي) رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي هڪ واقف مختيارڪار وٽ آفيس ۾ ملڻ ويو. پٽيوالي اندر وڃي مختيارڪار کي ٻڌايو ته فلاڻو صاحب ملڻ آيو آهي، مختيارڪار ڪجهه مصروف هو، تنهن پٽيوالي کي چيو ته ان کي ويهاري ڇڏ. مختيارڪار کان ڳالهه وسري وئي. اڌ منو ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ ايس اي وري پٽيوالي کي اندر موڪليو، جنهن تي هن پٽيوالي کي ايس اي کي اندر وٺي اچڻ جو چيو. جڏهن ايس اي اندر ويو ته مختيارڪار شرمندو ٿيو ۽ پنهنجي منهن جي پڪائي رکڻ لاءِ پٽيوالي کي رڙ ڪري چيائين: ”اڙي ڇورا! مان توکي ڪو نه چئي رکيو آهي ته جڏهن به ڪا رن زال، يتيم ٻار ۽ رٽائرڊ آفيسر مون سان ملڻ اچي ته ان کي يڪدم اندر وٺي ايندو ڪر“. اهو ايس اي صاحب تنهن کانپوءِ پنهنجي يارن دوستن کي اهو قصو ٻڌائي چوندو هو ته رٽائر آفيسر به رن زال ۽ يتيم ٻارن جي ڪئٽيگري ۾ آهي. سنڌ سرڪار پنهنجي سالياني بجيٽ 11-2010ع ۾ رٽائر ٿيل سرڪاري ملازمن، جن کي پينشرز چئجي ٿو، تن جي پينشن نه وڌائي آهي. چون ٿا ته بجيٽ 422-ارب رپين جي آهي ۽ پينشنرز جي پينشن وڌائڻ لاءِ رڳو 2-ارب 40 ڪروڙ رپيا کپندا هئا، يعني رڳو اڌ سيڪڙو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه حقيقتون ۽ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، سي هن ريت آهن: 1. وفاقي حڪومت پنهنجي حاضر سروس ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي ۽ رٽائرڊ ٿيل ملازمن جي پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. 2. ٻنهي صوبن يعني خيبر پختونخوا ۽ پنجاب به ساڳي نموني حاضر سروس ملازمن جي پگهار ۾ 50 سيڪڙو ۽ رٽائر ٿيل ملازمن جي پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. 3. ساڳئي وقت وفاق ۽ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب صوبن هڪ کان 15 گريڊ حاضر سروس ملازمن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ۽ 16 کان 22 گريڊ جي حاضر سروس ملازمن کي سندس بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو ميڊيڪل الائونس ۽ رٽائر ٿيل ملازمن کي ملندڙ پينشن واري رقم جو 20 کان 25 سيڪڙو ميڊيڪل الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو. 4. رٽائر ٿيل ۽ گهٽ پينشن کڻندڙ ملازمن جي پينشن جي گهٽ ۾ حد ٻه هزار رپين کان وڌائي ٽي هزار رپيا ڪئي وئي آهي. 5. رٽائر ٿيل ملازمن مان جيڪي سال 2001ع کان اڳ رٽائر ٿيا، تن جي پينشن 20 سيڪڙو ۽ جيڪي سال 2001ع کانپوءِ رٽائر ٿيا، تن جي پينشن ۾ واڌ 15 سيڪڙو ڪئي وئي. 6. وفاقي حڪومت پنهنجي پارليامينٽ جي پگهار 10 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏي آهي. 7. سنڌ حڪومت حاضر سروس ملازمن جي پگهار 50 سيڪڙو وڌائي ڇڏي. 8. سنڌ حڪومت رٽائر ٿيل ملازمن جي پينشن نه وڌائي. 9. سنڌ حڪومت پنهنجي صوبائي پارليامينٽرين جي پگهار ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي. 10. اختيار کوکر پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته سنڌ سرڪار جي فنانس محڪمي جي ڪامورن مطابق هن سال پينشن نه وڌائڻ جا ٻه ڪارڻ هئا، هڪ ته وفاقي سرڪار سنڌ کي انهيءَ بابت اعتماد ۾ نه ورتو هو ۽ ٻيو اهو ته سنڌ سرڪار تي ٻه وزن پيا پون، هڪڙو حاضر سروس ملازمن جي پگهار 50 سيڪڙو وڌائڻ جو، جنهن لاءِ 30 ارب کپندا هئا ۽ ٻيو رٽائرڊ ملازمن جي پينشن وڌائڻ جو، جنهن لاءِ 2.4 ارب کپندا هئا. سرڪار ٻئي وزن نه پئي کڻي سگهي، تنهن ڪري حاضر سروس ملازمن جي 50 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو وزن کنيو ويو ۽ رٽائر ملازمن جي پينشن وڌائڻ وارو وزن ڇڏيو ويو. حاضر سروس ملازم حڪومت جي ضرورت آهن. جيڪڏهن اعلان ٿيل 50 سيڪڙو انهن جون پگهارون نه وڌائجن ها ته حڪومت جي انتظامي ڍانچي جو، ڏڦيڙ جو شڪار ٿيڻ جا امڪان هئا. بجيٽ ٺاهڻ فنانس محڪمي جي ماڻهن جو ڪم آهي، سياستدان ته انهن جي صلاحن تي هلندا آهن. فنانس محڪمي جا ماڻهو سرڪاري ملازم آهن، انهن کي به سدائين انهن ڪرسين تي نه ويهڻو آهي، هڪڙي ڏينهن رٽائر ٿي پنهنجي گهر وڃڻو آهي، جيڪڏهن هنن اهو ڪم ڄاڻي ٻجهي ڪيو آهي ته پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي، پنهنجي دنيا ۽ پڇاڙي برباد ڪئي آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ماڻهوءَ جو پيءُ جهور پوڙهو ٿي ويو ۽ ان جو پٽ ان مان تنگ اچي ويو ۽ ان مان جان ڇڏائڻ جو پروگرام ٺاهيائين. هڪڙي ڏينهن کاڌي پيتي جون شيون گڏ ڪري پيءُ کي جبل جي غار ۾ وٺي ويو. کاڌي پيتي جون شيون اتي رکي پيءُ کي اتي ويهاري ڇڏيائين، پر اتي ڏٺائين ته ڪنهن ماڻهوءَ جو هڏائون پڃرو پيو هو. همراهه اهو سوچي رهيو هو ته هي ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو ته پوڙهي پيءُ ٻڌايو ته، ”هي تنهنجي ڏاڏي جو هڏائون پڃرو آهي، جنهن کي آئون چاليهه سال اڳي اتي ائين ڇڏي ويو هوس، جيئن اڄ تون مون کي ڇڏڻ آيو آهين“. همراهه ڏاڍو شرمندو ۽ پشيمان ٿيو ۽ پيءُ کي گهر وٺي آيو. فنانس کاتي جي آفيسرن کي به انهيءَ تي سوچڻ کپي ۽ انهيءَ جو تدارڪ ڪرڻ کپي. وري جيڪڏهن هنن کان ڀل ٿي وئي آهي، يعني رٽائرڊ ماڻهن جي پينشن وڌائڻ جا پئسا رکڻ غلطيءَ مان رهجي ويا آهن ته انهيءَ کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. انسان جي فطرت آهي ته پنهنجي غلطي نه مڃيندو آهي، پر چوندا آهن ته وڏو ماڻهو اهو ناهي، جيڪو پنهنجي غلطي نه مڃي ۽ ضد ڪري بيهي ته مون صحيح ڪيو آهي، بلڪه وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي غلطي تسليم ڪري ۽ انهيءَ کي درست ڪري. پينشن نه وڌڻ ڪري اٽڪل سوا لک رٽائر ٿيل ملازمن کي تڪليف پهچندي، جن ۾ 80 سيڪڙو بيواهه ۽ يتيم آهن. جيڪڏهن انهن جي حالت ڏسڻي هجي ته هر مهيني جي پهرين تاريخ ڪنهن به ٽريزري آفيس ۾ هليا وڃو، انهن ۾ ڪيتريون بيواهون آهن، ڪيترا پوڙها آهن، ڪي ڏسي نٿا سگهن، ڪي هلڻ ۾ ٿيڙ کائين ٿا، ڪي هلڻ مهل سهڪن ٿا. حاضر سروس ملازمن کي آمدني جا ٻيا به ذريعا آهن، ڪي پارٽ ٽائيم ٻيو ڪم ڪن ٿا، ڪي شيئر جو ڪاروبار ڪن ٿا. رٽائر ٿيل 80 سيڪڙو ماڻهو، انهن جون بيواهون ۽ ٻيا واسطيدار رڳو پينشن تي گذر ڪن ٿا. اچو انصاف واري ڳالهه تي. ٻيا سڀ صوبا ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي رٽائر ٿيل ماڻهن کي 15 کان 20 سيڪڙو پينشن ۾ واڌ ڏين ٿا، سنڌ صوبو نٿو ڏئي، جڏهن ته حاضر سروس ملازمن جي پگهار 50 سيڪڙو وڌائي وڃي ٿي. ڇا اهو انصاف آهي؟ حاضر سروس ملازمن لاءِ 50 سيڪڙو پگهار واڌ ڏئي بجيٽ ۾ 30-ارب رپيا رکڻ بجيٽ تي بار ناهي، رٽائر ٿيل ملازمن کي 15 کان 20 سيڪڙو پينشن ۾ واڌ ڏيڻ لاءِ 2-ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏيڻ ئي بجيٽ تي بار آهي؟ پ پ جي حڪومت ماڻهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ آئي آهي ۽ ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪرڻ لاءِ نه آئي آهي. ان ڪري اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته، حڪومت ضرور انهن سوا لک پينشرن جو خيال رکندي