مسڪينن جو مسڪين جهان خان ٿري واگهومل ميگهواڙ ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ 1909ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي 1937ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو.ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽ مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار 23 جولاءِ 1980ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي. بشڪريه عوامي آواز
جواب: مسڪين جهان خان کوسي جون آخري گهڙيون مسڪين جهان خان کوسي جون آخري گهڙيون عبدالواحد آريسر اخبارن رسالن ۽ ڪتابن ۾ بار بار پڙهيم پر ڏسڻ جو موقعو نه مليو هوم. تعلقي ننگر جي رهواسين لاءِ سندس شخصيت ڪرسمس جي مهربان ڪڙاري واري هئي ۽ منهنجي لاءِ سندس شخصيت جي چوداري الک اسرار جو گهيرو آيل هو. دل ۾ سدائين خواهش هوندي هئي ته ڪڏهن مسڪين سان سندس ڊگھي جاکوڙ ۽ اڻ کٽ سفر متعلق ڪچهري ڪريان. اِها ملاقات ٿي ، پر اهڙي حالت ۾ جو آءُ زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ مسڪين جو اڻ کٽ سفر کٽڻ تي ۽ سندس جاکوڙي ذهن اٿاه اونداهين ۾ ٻڏڻ وارو هو. ٿيو هئين جو پهرين جولاءِ 1980ع جي صبح جو مونکي جيل انتظاميا سڏي پوليس گارڊ جي پهري هيٺ سول اسپتال ڄام شوري روانو ڪيو ته جئين آءُ پنهنجي ٻانهن جي سور جو پروفيسر عالماڻي کان معائنو ڪرايان. پروفيسر عالماڻي منهنجو معائنو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ماتحت کي چيو ته عبدالواحد کي منهنجي وارڊ نمبر 17 ۾ ڇڏي اچو. ماتحت، عالماڻي صاحب کي ٻڌايو ته روم نمبر 17 ۾ مسڪين جهان خان کوسو داخل آهي . عبدالواحد لاءِ نمبر 18 روم خالي ڪرايون ٿا. اهو ٻڌي مونکي ٻيڻي خوشي ٿي. هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيئڻ تي ۽ ٻيو مسڪين جي ڀرسان رهڻ جي، جتي آءُ مسڪين سان ڳل ڳراٽي پائي روح رچينديون رهاڻيون ڪري سگھندس. روم نمبر 18 ۾ پهچڻ کان هڪدم پوءِ هڪ ڇهه فٽو پنجابي ڊاڪٽر مون کي نيلام جي زمين سمجهي وڪوڙي ويو. هسٽري معلوم ڪرڻ لڳو. هن جي سخت سوالن ۽ کهري لهجي کان تنگ ٿي مون چيو ، يار تون ڊاڪٽر هجڻ جي باوجود مون کان اهڙيءَ ريت سوال ڪري رهيو آهين جهڙيءَ ريت ڪو ميجر پڇ پڇان ڪندو آهي . هن هڪدم منهنجي منهن ڏانهن ڏسندي چيو، فوجي خراب ته ڪونه هوندا آهن. مون چيو ته آءُ ڪڏهن ٿو چوان فوجي خراب هوندا آهن، پر اهي ڪهڙا هوندا آهن، سو لومبيا جو روح باچي جي بيوه ٻڌائي سگهن ٿا. انهيءَ ڪاروائي کان واندڪائي ملڻ تي مون ڊيوٽي گارڊ انچارج مسٽر صاحبڏني لاکي هيڊ ڪانسٽيبل کي چيو ته آءُ روم نمبر 17 ۾ مسڪين وٽ وڃڻ چاهيان ٿو. هن پوليس جي روايتي اخلاق کان هٽي هڪدم نه رڳو اجازت ڏني پر چوڻ لڳو ته آءُ پاڻ به هلان ٿو جئين رڻ جي راهي کي ڏسي سگھان. اسان روم نمبر 17 ۾ داخل ٿياسون. سامهون پلنگ تي جدوجھد ۽ جاکوڙ جو ڏونگر بي ست ۽ بي سُڌ پلنگ تي ليٽيو پيو هو. هو ڳالهائي به نه ٿي سگھيو. لڳاتار سمهڻ ۽ پوريءَ ريت پرگھور نه هجڻ ڪري سندس ويهڪ واري جاءِ ۽ پٺن تي چُٽا پئجي ويا هئا. مکين جا ڀنڀٽ سندس جسم تي ويٺا هئا. هن جي ڪنهن وقت جي سگھاري جسم ۾ هن وقت ايتري سگھ به ڪانه هئي جو هو پنهنجي بت تان مکيون اڏائي سگھي !! هن جي نظر مٿي ڪمري جي ڇت ۾ کتل هئي. شايد هو ڪجهه ڳولي رهيو هو، يا ويل عمر جي انهن گھڙين جو حساب ڪري رهيو هو. جيڪي ڀرپور ۽ ميٺاج ڀريون هيون. آءُ هن ٿري جاکوڙي کي ڏسندو رهيس. اڄ اهو ماڻهو منهنجي سامهون بي ست ستو پيو هو. جنهن کي وقت جو وهڪرو، زندگي جي ڪا اُبتي لهر ۽ جبر جو ڪو گھاڻو پنهنجي جاءِ تان جھڪائي يا دسي نه سگھيو هو. تنهنکي اڄ بيماريءَ جي خونخوار ديوي ڊاهي وڌو هو. جنهن انسان سدائين پرماري ڳجھن کان پارڪر جي عوام جي ماس کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ، تنهن جي جسم تان اڄ مک هڪلڻ وارو به ڪونه هو ۽ جنهن انسان جي دل هميشه لکها ماڻهن جي جھوريءَ ۾ جھڄندي رهي ٿي ، اُن جي لاءِ اڄ ڪنهن جي دل به نه ٿي ڌڙڪي . آءُ خاموش بيٺو رهيس. انهن ڪجھ گھڙين ۾ سنڌ اندر سماجي شعور جي اڻاٺ جي پوري تاريخ منهنجين اکين اڳيان گذري ويئي ۽ آءُ ماٺ ميٺ ۾ بنان ڪجھ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي واپس اچي ڪمري ۾ ليٽي پيس ۽ ستي ستي سوچيندو رهيس ته ڇا غلام قومن جا سماجي ورڪر بنان دوادرمل ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءُ جي ائين اجل جي راه وٺندا آهن. اُن وقت مونکي ڪلڪتي جي مڌرٽريسا ياد آئي، جنهن کي نوبل انعام ڏنو ويو هو، رڳو سماجي خدمت جي عيوضي ۾ ، ٻئي پاسي منهجي ماتر ڀومي جي هن انسان جي زندگي هئي. اها زندگي جيڪا اونداهين راتين، باه جي ڄڀيون وسائيندڙ جھولن وارن ڏينهن ۾ هار مڃڻ کان سواءِ طوفاني رفتار سان هلندي رهي ۽ جنهن ڪنهن به جبري قوت سان مهاڏو اٽڪائڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻايو. زندگي جي انهي تنها مسافر شايد ائين سمجھيو هو ته حياتي جو هي سرڪش گھوڙو سدائين ائين پيو ڊوڙندو رهندو ۽ ڪڏهن به ٿاٻڙجي نه ڪرندو ۽ نه وري انجون رڳون ساه ڇڏي وينديون. ۽ اهو عين روشنين ۾ اچي هميشه جي لاءِ اٿاه اونداهين ۾ گم ٿي ويندو. مون ڏٺو هي مضبوط اجھل زندگيءَ جو تنها مسافر تمام تيزيءَ سان فنا جي اهڙي آڙاه ڏانهن وڃي رهيو آهي . جتان شايد وري ڪنهن ٿُوهر يا ڪنڊي جي صورت ۾ اُڀري ۽ ڪو رڻ جو راهي اچي سندس ڇانو ۾ ساهي پٽي . مون وٽ شاگردن ۽ ملندڙن جو هجوم ڏسي، ڊاڪٽر شاگردن کي چيو. هن وارڊ ۾ هڪ ٻيو انسان به موت ۽ حياتي جي ٻه واٽي تي پوين پساهن ۾ ٻاجھ جي ٻن ٻولن ٻڌڻ لاءِ واجھائي رهيو آهي ۽ اوهين ايڏا بي حس ٿي ويا آهيو جي ان ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ ان ڪمري ڏانهن لڙو به ڪونه ٿا. هڪڙي شاگرد پڇيو اهو ڪير آهي؟ ڊاڪٽر افسوس ڪندي پيشانيءَ تي هٿ هنيو. آءُ سمجھان ٿو، اِهو هڪ ڊاڪٽر طرفان مسڪين جھان خان جي موت تي آخري اوسارو هو. شام جو ساڍين ستين وڳين ڊاڪٽر ڌرمپال (هائوس آفيسر) مون وٽ آيو. چئي ٿورو مسڪين جي ڪمري ۾ هل. ڪمري ۾ جيڪو لقاءُ اسان ڏٺو تنهن منهنجا هوش هواس وڃائي ڇڏيا. مون ڏٺو مسڪين جي ڪمري ۾ ڪو ماڻهو موجود ڪونه هو. مسڪين جي بت کي ماڪوڙا ائين ويڙهي ۽ وڪوڙي ويا هئا، جيئن هندن جي ڇڏيل ملڪيت کي ڪليمينٽ وڪوڙي ويا هئا. وارڊ بواءِ شام واري ماني مسڪين جي پلنگ تي ڇڏي هليو ويو هو. نرس ماني کارائڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي هئي. مسڪين جي چرڻ پرڻ سان دال ۽ ماني پلنگ تي هارجي ويئي هئي. جيئن ته صاف ڪرڻ لاءِ ڪوبه ماڻهو موجود نه هو. ماڪوڙن اهو بُل ڏسي مسڪين تي پرماري قوتن وانگر حملو ڪيو هو. سندس وات، نڪ، اکيون، ڪنڌ، ٻانهون ماڪوڙن جي زنجير سان جڪڙجي ويا هئا. ڊاڪٽر انهيءَ حالت ڏانهن اشارو ڪري مون ڏانهن جاچيو. ڄڻ چوندو هجي ”ڇا تون هن روپ ۾ پنهنجو پاڻ کي نه ٿو ڏسين“ آءُ ڪجھ به ڪڇڻ پڇڻ کان سواءِ مسڪين کي ماڪوڙن کان بچائڻ ۾ لڳي ويس، پر ماڪوڙا ايترا ته گھڻا ۽ گھاٽا هئا جو مون سوچيو ته شايد آءُ ڊاڪٽر جي مدد سان هن ضعيف جسم کي ماڪوڙن کان آجو ڪري نه سگھندس. ڊاڪٽر ڌرمپال، (ڌرمپال نالي هئڻ جي باوجود ڌرم کان وڌيڪ انسال پال هو) سو هڪ شام مون وٽ آيو. هو هميشه گھٽ ڳالهائڻ ۽ چهري جي تاثرات سان پنهنجو مطلب ظاهر ڪندو هو. تنهن مون کي هٿ جي اشاري سان مسڪين جي ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. جڏهن ڪمري ۾ پهتاسين ته مون کي چوڻ لڳو ته پروفيسر صاحب مسڪين لاءِ ڪجھ اهڙيون دوائون رٿيون آهن جيڪي ڏاڍيون مهانگيون آهن ۽ اسپتال ۾ موجود به ڪين آهن. اسپتال ۾ معمولي دوائون به ڪين هونديون آهن، سو اهڙين مهانگين دوائن جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هاڻي اهي دوائون کپن. انهيءَ لاءِ ڪو اپاءُ ڪجي. اسان جي صلاح مصلحت دوران اها خبر آيل ايل ــ ايم ــ سي جي شاگردن کي پيئي، تن ڪامريڊ روچي رام جي پٽ نيل ڪنٺ جي اڳواڻيءَ ۾ مسڪين جي علاج لاءِ مستقل ڦوڙي ڪرڻ جو انتظام ڪيو. جيترو عرصو مسڪين ايل ـــ ايم ــ ي ۾ زنده رهيو، سنڌ جي ڪنهن به سماجي اداري مسڪين جي ڪابه خبر چار نه لڌي، انهن ادارن ۾ سگا به شامل آهي. پر جيئن ته مسڪين گريجوئيٽ نه هو. سگا صرف گريجوئيٽ ۽ انهن جي بيگمن کي اسلام آباد ۽ لنڊي ڪوتل گھمائڻ جو سماجي ڪم ڪندي آهي. ساوڪ به هئي پر جيئن ته مسڪين جي هٿ ۾ کڙتال يا دلوته نه هو نه وري هن کي وات ٽيڙي ساري گاما ڳائڻ ايندو هو. ان ڪري ساوڪ جي ڌيان ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. مسڪين جي هٿ ۾ هميشه غريب ٿرين جي درخواستن جا ٿها هوندا هئا ۽ سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه ادارو موجود نه هو جيڪو اهڙي قسم جي سماجي خدمت ڪندڙ ڪارڪن جي سار سنڀال لهي. رهيا ٿري! اهي نه ادارا ٺاهڻ ڄاڻن ۽ نه وري انهن ادارن وسيلي پنهنجي معتبريءَ جا دڪان چمڪائي سگھن. هڪ شام آءُ ڊرپ هڻايو ستو پيو هوس ته سگا جو ڪرتا ڌرتا مسٽر محمد پنهور آيو. بيٺي بيٺي پڇيائين ”ڇا حال اٿئي؟“ ”ٺيڪ آهيان“. ”ڪيئن آيا آهيو“ پڇيم. ”هتي طارق جي سسٽر ايڊمٽ آهي، ان کي ڏسڻ آيو آهيان“. ”ڀر واري ڪمري ۾ مسڪين جھان خان آهي، کيس اوهان جي پرگھور جي سخت ضرورت آهي.“ ”ان جو علاج گورنمنٽ جي خرچ تي ٿي رهيو آهي.“ انهيءَ جواب تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. چيم،”ها! مسڪين هتي موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ٽڪيو پيو آهي ۽ سگا، بيگم سعيدالدين قاضيءَ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري رهي آهي!!!“ شام جا ٽي ٿيا هئا، آءٌ هڪ خوبصورت نرس سان کل ڀوڳ ڪري رهيو هوس. نرس پڇيو پئي ته بي ڪلاس ۾ ڇا هوندو آهي. جواب ۾ آءُ کيس بي ڪلاس جا فائدا ٻڌائي رهيو هوس. جڏهن مون بي ڪلاس جي قيدين کي مليل سڀئي سهولتون ٻڌائي بس ڪيون ته هڪدم چوڻ لڳي ته پوءَ ته ڏاڍو مزو لڳو پيو آهي، تنهنجي دل واپس وڃڻ تي ڏاڍي هرکندي هوندي، ڇو ته ٻاهر جي ڀيٽ ۾ اها جاءَ جنت آهي. چيم ها رڳو حور جي کوٽ آهي جيڪڏهن تون هلين ته پوري حياتي اتي گذاري سگھجي ٿي. اسان جي ڳالھ ٻولھ اتي مس پهتي هئي ته ڊاڪٽر ڌرمپال آيو ۽ اچڻ شرط چوڻ لڳو. زندگي موت کان شڪست کائي ويئي .ڪارونجھر جبل ڪري پيو.. زخمي مور ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو .. ننگر ننگو ٿي ويو. ڊاڪٽر ڏاڍي جذباتي انداز ۾ مسڪين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌائي . مون ڊاڪٽر ڏانهن ڏسندي چيو. ڊاڪٽر ! موت! ماڻهن جو موت اوهان لاءِ نئون نه آهي. اوهان جي دل اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ڪتي کي مرندو ڏسي شايد ڏکوئجي وڃي پر بيماري جي بستري تي هڪ ماڻهوءَ جو موت اوهان جي لاءِ ڪائي اهميت نه ٿو رکي. ڊاڪٽر ڏکارو ٿيندي چيو پر هيءَ هڪ دور جو موت ۽ هڪ علائقي جي هچڪي آهي .اسان ٻنهيءَ ڳڏجي اخبارن، ريڊئي پاڪستان حيدرآباد، مختلف سماجي ادارن ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي ٽيليفون تي اطلاع ڏنو. بدقسمتيءَ سان مسڪين جي لاڏاڻي وقت سندس اڪيلو پٽ جيڪو اسپتال ۾ مسڪين جي پرگھور لهندڙ اڪيلو ماڻهو هو سو به پوليس جي نوڪريءَ جي ڪري ڊيوٽيءَ تي ميرپورخاص ويل هو. مسڪين جو لاش کڻي ننگر پهچائڻ لاءِ ايل ايم سي وٽ ڪابه ڳاڏي نه هئي. ڇوته اهو ايل ايم سي جي قانون ۾ لکيل نه هو، ته اسپتال جي ايمبولينس ڪنهن جي لوٿ کڻي شهري حد کان ٻاهر نه ويندي . هي ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ناريءَ جو جيئرو لاش کڻي ڪينجهر يا ڪراچي وڃي سگھي ٿي. مسڪين جو لاش ٻه ڏينهن سموري سنڌي قوم، عوامي حلقن، آفيسر شاهي ۽ سماجي ادارن جي بي حسي تي ماتم ڪندو، ڪولڊ اسٽوريج ۾ پيو رهيو. نيٺ سندس پٽ ميرپورخاص مان اچي، لاش کڻائي ويو. حيدرآباد جي گھٽين مان نه معلوم مسڪين جو لاش ڪيڏي حسرت ۽ بي ڪسي سان گذريو هوندو. حيدرآباد شهر جي گپا گيهه ۾ ڪوبه فرق نه پيو هوندو ۽ سنڌ جي تاريخي شهر کي ڪابه خبر نه پئي هوندي ته سنڌ اڄ پنهنجي هڪ گمنام هيري کان محروم ٿي ويئي ۽ سوامي اگن ديو جو روح ڪارونجهر جي ڪور ۾ وري ڪنهن وڇڙيل مور جي روپ ۾ رڙڻ شروع ٿي ويو. مونکي مستقبل جي خبر ناهي ته ڪو روپلي جو رهيل وارث مسڪين جي بٺيءَ تي هيرڻ جا تازا پن رکڻ به ايندو يا نه! يا مسڪين جي مٽي وري ڪهڙي ڪونڌر جي روپ ۾ نروار ٿيندي ! مون اسپتال جي زندگي ڏانهن ڏٺو. انجي رونق ۽ هل چل ۾ ڪو فرق ڪونه آيو هو. اهي خوشبودار لباس، بيمارن جي ڪنجھڪار ۽ اهي ٽهڪ، پر مسڪين هليو ويو. زندگي حسن جي ٻانهن ۾ ناچ ڪندي رهي اسان ستارن مان ٽٽي عدم جي غارن ۾ گم ٿي وياسين زمانو ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو اسان داستان ٻڌائيندي ٻڌائيندي سمهي رهيا سين بشڪريه عوامي آواز۔۔۔۔ نوٽ۔۔۔۔ مان جڏهن ننڍو هئس ۽ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته دادو جي علامه آءآء قاضي لائبريري ۾ سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد جو ڪتاب جنب گذاريم جن سين پڙهي رهيو هئس ته ڪتاب جي هڪ مضمون ۾ پڙهيو هوم ته سائين لکيو هو ته اسان سنڌي قبر پرست آهيون ۽ جيئري ڪنهن جو قدر ناهيو ڪندا ۔۔۔ سو ادا جڏهن مان وڏو ٿيو آهيان ۽ اهڙين شخصيتن جي باري ۾ اهڙا حال پڙهي ڪري سائين جي ايم سيد صاحب جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي۔۔۔۔۔۔۔ممتاز علي وگهيو۔