شفيق الرحمان شاڪر ڇا اوهان ان ڳالهه تي اعتبار ڪري سگھو ٿا ته امريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ علائقي ۾ دهشتگردن بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 38 ماڻهو مري ويا ۽ 143 بريء طرح زخمي ٿيا هئا پر اها خبر نه پئجي سگھي ته ان جو ذميدار ڪير آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي.پڪ سان اها ڀروسو نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي پر ايئن 1920ع ۾ ٿيو هو ۽ عجب جهڙي ڳالهه اها جو اڄ تائين آمريڪي ايجنسيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگھيون آهن،رڳو هڪڙي گروپ تي شڪ ڪيو ويو ۽ بس. 16 سيپٽيمبر 1920ع تي نيويارڪ جي وال اسٽريٽ ۾ معمول موجب گھڻي اچ وڃ هئي جڏهن هڪ عجيب واقعو ٿيو.جيئن ئي چرچ جي گھڙيال 12 جي گھنٽي وڄائي،100 پائونڊن جو ڊائناميٽ ان آفيس جي سامهون ڦاٽي پيو،ڏسڻ ۾ ايئن لڳو ته ان ڊائناميٽ کي هڪ گھوڙا گاڏيء ۾ لڪايو ويو هو.اها گھوڙا گاڏي ان آفيس سامهون بيٺل هئي.هڪ امريڪي عهديدار بعد ۾ ٻڌايو ته هن سندس زندگيء ۾ ايترو وڏو شور نه ٻڌو هو.اهو شور اوهان کي بيهوش ڪري منهن ڀر ڪيرائڻ لاء کوڙ هو.ان ڏينهن وال اسٽريٽ جنهن کي بينڪرز ۽ مالي ماهرن جو ڳڙهه سمجھيو ويندو هو ميدان جنگ ۾ بدلجي ويو.گھٽين ۾ ملبي جا ڍير لڳي ويا.جڳهه جڳهه تي رت ۽ ڪيترائي ٽڪرا ٿيل لاش وکريا پيا هئا.ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽيهه ماڻهو موقعي تي ئي مري ويا جن ۾ عورتون به شامل هيون.بعد ۾ وڌيڪ اٺ ماڻهو زخمن جا سور نه سهندي زندگيء جي بازي هارائي ويٺا.ان کان سواء سوين ماڻهو سخت زخمي ٿيا.ان کان اڳ 1910ع ۾ لاس اينجلز ٽائيمز جي عمارت تي بمباري ڪئي ويئي هئي پر وال اسٽريٽ دهشتگرديء جير نتيجي ۾ وڌيڪ ماڻهو مئا.جاچ ادارن جي عملدارن ۽ ٻين حلقن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اها اٽليء جي انتها پسندن جي ڪاروائي آهي.ان گروپ گذريل سال به ڪيتريون وارداتون ڪيون هيون.انهن جي سوچ مطابق حملي جو تعلق پهرين عظيم جنگ بعد پيدا ٿيندِڙ بي چيني،مزدورن جي جدوجهد ۽ آمريڪا ۾ سرمائيداريء خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ سان آهي.ڌماڪي کان هڪ منٽ پوء نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي صدر وليم ايڇ ريمڪ واپاري ڏيتي ليتي معطل ڪري ڇڏي جنهن جو مقصد افراتفريء کي روڪڻ هو.زخمين کي اسپتال پهچائڻ جو ڪم نهايت تيزيء سان ڪيو ويو.هڪ سترهن سالا نوجوان جيمز سوئل پنهنجي ڪار ذريعي ٽيهن زخمين کي اسپتال پهچايو.پوليس اهلڪار موقعي تي پهتا ۽ زخمين کي طبي امداد پهچائي.جاچ ڪندڙ اداري ”بي او آئي“ فوري طور تي اهو نتيجو نه ڪڍيو ته اهو بم ڌماڪو ڪنهن دهشتگرديء جو نتيجو آهي.جاچ آفيسرن کي ان معاملي منجھائي رکيو هو ته ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مري ويا هئا ۽ ڪنهن به مخصوص نشاني جو پتو نه پئجي رهيو هو.گھوڙو ۽ گاڏي ٽڪرن جي صورت ۾ پيل هئا.ڊرائيور جو ڪو به پتو نه پئجي رهيو هو.سڀني کي شڪ هو ته اهو فرار ٿي ويو آهي.مرندڙن م گھڻو ڪري نوجوان هئا جن ۾ اسٽينو گرافرز،ڪلارڪ ۽ بروڪرز شامل هئا.ڌماڪي سان ويهه لک ڊالرن جي ملڪيت تباهه ٿي ويئي ان کان سواء مورگن بلڊنگ جو اندريون حصو به تباهه ٿيو.نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي بورڊ آف گورنرز فيصلو ڪيو ته ايندڙ ڏينهن تي ڪاروبار ٿيندو.حڪومتي عملي سڄي رات ڪم ڪيو ته جيئن ٻئي ڏينهن تي ڪاروباري سرگرميون شروع ٿي سگھن پر ايئن ڪندي انهن اهي گواهيون ضايع ڪري ڇڏيون جن سان پوليس کي ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ ۾ مدد ملي ها.نيويارڪ جي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ اٽارني اها ڳالهه محسوس ڪئي ته وقت،جڳهه ۽ ڌماڪو ڪرڻ جو طريقو اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڪم سرمائيداري نظام جي مخالفن جو آهي جن ۾ بالشيوڪ،انتها پسند،ڪيميونسٽ يا وري ويڙهاڪ سوشلسٽ شامل آهن.جاچ ادارن جلد ئي انهن انقلابي گروهن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بنائي ورتو جيڪي امريڪي مالياتي ۽ حڪومتي ادارن جي مخالفت ۾ اڳيان اڳيان هئا.انهن جي باري ۾ اهو به چيو ويندو هو ته اهي تشدد ڀريل ڪاروائين لاء بمن جو استعمال ڪن ٿا.”واشنگٽن پوسٽ“ ان واقعي کي جنگي قدم قرار ڏنو.ان ڌماڪي بعد پوليس ۽ جاچ ادارن غير ملڪي انقلابي گروپن جي سرگرمين کي روڪڻ لاء زبردست ڪوششون شروع ڪيون،ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء عوام جو دٻاء وڌي رهيو هو جنهن سبب امريڪي انصاف اداري جي جاچ بيورو پنهنجي ڪم جو دائرو وڌائي ڇڏيو.نيويارڪ پوليس اداري به خاص خفيا پوليس لاء اهلڪار ڀرتي ڪري ورتا جنهن جو مقصد نيويارڪ شهر ۾ انقلابي عنصرن کي ڪچلڻ هو پر جاچ بيورو ان وقت ڪم روڪي ڇڏيو جڏهن ڌماڪي نو نشانو بڻجندڙ گھوڙا گاڏي جو ڊرائيور ثابت نه ٿي سگھيو.جاچ آفيسرن ٽينس چيمپين ايڊون فشر کان به ان باري ۾ جاچ ڪئي.ايڊون فشر پنهنجن دوستن کي خط لکيا هئا جن ۾ هن انهن کي خبردار ڪيو هو ته اهي 16 سيپٽيمبر کان اڳ اها جڳهه ڇڏي وڃن.فشر پوليس کي ٻڌايو ته هن کي ”هوا جي ذريعي“ اهو اطلاع مليو هو.پوليس کي اهو معلوم ٿيو ته ايڊون فشر کي اهڙا خط لکڻ جي پراڻي عادت آهي.اهو به معلوم ٿيو ته فشر پاڳل خاني ۾ به رهي چڪو آهي.جاچ ادارن ٽن سالن تائين اها جاچ ڪئي پر کين ڪا ڪاميابي ملي نه سگھي.اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته انهن ڌماڪن پويان ڪير هو؟ دنيا جو طاقتور ترين ملڪ به ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء ڪجهه به نه ڪري سگھيو! ۔