ترقي پسند ادبي تحريڪ جو سنڌي شاعريءَ تي اثر ستارپيرزادو شيخ اياز جي نظم جو هڪ بند آهي: ڌوڏ هــــن سماج کي لــــوڏ ســـامـــراج کي ٺاهه ڪو نئون نظام جو چڱو چــــوي عوام هــــي نظــــام آ خرابوري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان نظام لاءِ هڪ بيت ۾ هن طرح اشارو ڏئي ويو آهي: اڱــــڻ تازي، ٻَهر ڪُــــنڍيون، پکا پَٽِ سُنهن ، سُرهي سيج،پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن وسن ، اســــان ۽ پـــرينِ، شال هــــونِ برابر ڏينـــــهنڙا. هنن ٻنهي مٿين مثالن مان پتو پوندو ته اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جا مُهان شاعر، پنهنجي ڌرتيءَ واسين سان ڪيترو لاڳاپيل آهن . اها ئي انسان دوستي ، اها ئي مظلوم ، محڪوم جي ڀرجهلائي آهي ۽ اهو ئي سماج ۽ معاشري جي سڌاري جو اونو آهي . مان ته چوندس ته هن سيمينار ۾ جو به ڪجهه پڙهيو ويندو، انهن مڙني کان مٿيان منهنجا ٻه مثال ڪافي آهن ، ڇاڪاڻ ته سماج يا معاشري تي شاعريءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو اثري ثبوت ٿي سگهي ٿو ته 1970ع وارين ملڪي پهرين چونڊن جو جيڪڏهن جائزو ورتو ويندو ته اهي اوهان کي، انهن ٻنهي شعرن جي وچ ۾ ملنديون . هتي پڙهندڙ سڀ جا سڀ ان کان واقف آهن ته 1970ع وارين عام چونڊن ۾ هن ملڪ جون جيڪي ٻه پار ٽيون سياسي قوتون ٿي منظر عام تي اُڀري آيون هيون ، انهن جو منشور انهن ٻن شعرن کان مختلف بنهه نه هو . اها اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي بدقسمتي چئجي جو اهو ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيا، جنهن لاءِ هنن ووٽ ڏنا هئا ۽ اهي سياسي پارٽيون به پنهنجي ووٽرن کي ڏيڻ کان قاصر رهيون ، ان جو تجزيو ڪرڻ جو نه هي وقت آهي ۽ نه موقعو آهي نه مهل آهي ۽ نه ئي مان ڪو سياسي ڏاهو يا ڪو تجزيه نگار آهيان . نه ئي مان سياسي ڳالهين ۾ ٽنگ اڙائڻ جو شوق ٿو رکان.. مون تي دوستن اعتماد ڪيو ته مان سندن چيو موٽائي نه سگهندس ، تنهن ڪري هنن منهنجي پرپٺ اعتبار ڪري کڻي مضمون لکڻ لاءِ منهنجو نانءُ چونڊيو. مان اڪثر پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه لکندو آهيان ۽ پوءِ ڪچا ڪي ڦڪا، رنڊا روڙي وڃي مٿي چڙهندو آهيان . اها به خبر نه اٿم ته پڙهندڙ منهنجي ڇپيل مضمونن بابت ڪهڙي راءِ رکندا آهن جو اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي ته ڪنهن جي لکڻي پڙهي، پاڻ هُرتو ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪجي ته لکندڙ کي خبر پوي ته هن جو ٻوڙ هاريو، ان جون ڦهنگون، ڪنهن ڪنهن جا ڪپڙا خراب ڪري چڪيون . ترقي پسند تحريڪ کي اسان جا ڪيترائي دوست، ننڍي کنڊ تي ارڙهين صديءَ ۾ انگريز بهادر جي قبضي کانپوءِ نئون نڪور دور Modern era ڪري سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ جو انگريزن جي دور ۾ هتي جي ماڻهن انگريزي ٻوليءَ جي معرفت جيڪو يورپ ۽ ايشيا جي ڏورانهن ملڪن جي ادب جو مطالعو ڪيو ۽ انهن ملڪن جي ادبي، سياسي، سماجي ۽ سائنسي فلسفين، ڏاهن سان سندن سڃاڻ ٿي، جنهن جي پوئواريءَ ۾ 1936ع کان هند جي ڪجهه جوان سال ۽ جوان ذهن دوستن انجمن ترقي پسند مصنفين جي سري هيٺ ادبي انجمن جي شروعات ڪئي ۽ ويندي اڄوڪي دور ۽ ڏهاڙي تائين، جو ڪجهه تخليق ڪيو ويو آهي ان جو اسان جي سماج يا معاشري تي ڪيترو اثر ٿيو آهي ان لاءِ پاڪستان جي سرحدن اندر جيڪو اثر پيو ان جي هلڪي جهلڪ مون مٿي ڄاڻائي آهي. جنهن کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي.. باقي رهي هن موضوع يعني ”ترقي پسند ادبي تحريڪ جاسنڌي شاعريءَ تي اثر‘. تنهن لاءِ مان ته ايئن چوندس ته جڏهن سنڌ، هند جو حصو به نه هئي ۽ پنهنجو پاڻ هڪ ملڪ جي حيثيت رکندي هئي ته شهيد شاهه عنايت جي ان نعري ته ’جو کيڙي سو کائي‘ واري دور کان ئي سنڌ جي معاشري ۽ سماج تي ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڌريو ويو ته ”هي زمين الله تعاليٰ جي آهي، ان تي رهندڙ هر انسان جو ان تي هڪ جيترو حق آهي، تنهن ڪري ڪو به زميندار يا جاگيردار ناهي، هر ڪنهن کي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ هر هلائي، زمين کيڙي، اَنُ اپائي ۽ حاصلات کڻي سگهي ٿو.“ جنهن جو ان وقت ئي شاعريءَ تي اثر نمايان طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان تحريڪ سان واڳيل ڪردارن ۽ سندن ڪرت ۽ عملن جو ڀليءَ ڀِت جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ سندن تحريڪ جو سماج تي اثر به ثابت ڪيو آهي . ”پنــــجن مان پــندرنهن ٿيا، اي ٿا ورق ورن. جن منهانگي لئه ميڙيو ، سي ٿا هٿ هڻن ،“ جڏهن ماڻهن کي ذاتي مفاد ۽ سماجي مفادن ۾ ڪو فرق نظر نه اچي تڏهن اهي پنجن مان پندرنهن ئي بڻائڻ تي چيلهه سان سندرو ٻڌي، پختا ٿي بيهندا ته سماج جا ڏرت ۽ ڏولاوا ميساري وڃي مٿي چڙهندا. شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ جو جيڪو اثر سنڌ جي معاشري تي ٿيو، ان جو صحيح معنيٰ ۾ پرچار ٿيڻ ان ڪري بند ٿي ويو جو کيس مغل گورنر حرفت سان قتل ڪرائي، سندس مڙني ڪارڪنن کي ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ ان تحريڪ کي سدائين جي لاءِ ٻنجو ڏيڻ خاطر هنن ان وقت ۾ ”الله اڪبر“ چوندڙ هر ماڻهو کي موت جي منهن ڌڪيو پئي ويو. ٻي صورت ۾ سنڌ جو معاشرو يا سماج اڄ ڪنهن ٻئي روپ ۾ هجي ها. سندس ان تحريڪ ’جو کيڙي سو کائي‘ واري نعري کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ ’سنڌ هاري تحريڪ‘، انگريزن جي پوين سالن ۾ بيحد اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ اها تحريڪ اڄ تائين هارين جي حقن جي پاسداري ڪندي اچي . ان تحريڪ جو اثر اسان جي جديد دور جي سڀ کان وڏي شاعر شيخ اياز تي نمايان نظر ايندو . ان حد تائين جو ان تحريڪ جو اثر اسان جي نوجوان نسل جي شاعرن تي اڄ سوڌو ڪنهن نه ڪنهن نموني ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌي شاعريءَ جي موجوده دور جي اوک ڊوک ڪبي ته اسان کي اڪيچار نوجوان شاعر به ملندا جن جي شاعريءَ تي هاري حقدار يا سنڌ هاري تحريڪ جو اثر ضرور ملندو. سنڌي شاعريءَ جي سمورن شاعرن کي سموئڻ بدران ڪجهه شاعرن جا ئي مثال ڏيڻ تي اڪتفا ڪبي . مصري شاهه هونءَ ته ڪافيءَ جو وڏو شاعرآهي، جيڪو جيتوڻيڪ ڄائو، نپنو، وڏو ٿيو ۽ وفات به انگريز بهادر جي ئي دور ۾ يعني 1828ع ۾ ڄائو ۽ 1906ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو، تنهن جي شاعريءَ تي ڪيئن نه معاشري جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهريل آهي. سنڌ جو اڌ حصو يعني ٿر، ڪاڇو ۽ لاڙ جو برسات تي دارو مدار ٿو رکي. برسات هنن لاءِ جيئڻ جو سنيهو کڻي ايندي آهي، ورنه خشڪ ساليءَ ڪري، اتان جا انسان ته ڇا جانور، جهنگلي جيوت به بکن ۾ بيحال ٿي اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. هو هڪ بيت ۾ سنڌ جي سرهائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هينئن ٿو لکي: واحد وسائينس ، آهون عالم جون ســـــڻي ، موڪل ٿئي مينهن کي ، تِل نه ترسائينس ، وســــائي واٽــــــن تــــــي ، اوڀـــر اوڀائيــــنس ، صاحب ســاري سنـــڌ تي، بادل برســـائينس، هُــــو جي سَرَ ســـڪي ويــا، واري وهائينس، پــــــکا پــــکــن سامـــــهــــان، واري اڏائينس، هـــــونِ ســــدائين هتهين، رب تون رهائينس، مـصـــــري ملائيـــــنس، کنــــڊ وانگر کير ۾ . 1936ع ۾ جڏهن هند جي جوان خيال دوستن انجمن ترقي پسند مصنفين جي شروعات ڪئي ته شيخ اياز ان وقت 13 سالن جو ڳڀرو هو. هو هتي سنڌ ۾ پنهنجي نڪور شاعري ۽ جوان خيالن جو ڌاڪو ڄمائي چڪو هو. ان وقت سنڌ ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ نالي ادبي شاعراڻي تحريڪ هلندڙ هئي، تنهن هوندي به ترقي پسند تحريڪ جو اثر شيخ اياز جي هن بيت ۾ جيئن جو تيئن جهلڪا پيو ڏئي . جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سـڏي، مــــرن پيون مارئيـــون، قابو آهـــن ڪــوٽ ، اچ ته تنهنجي اوٽ ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون . ان دور ۾ جڏهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو راڄ هو، هيڻو هاري ناري، ڪمي ڪاسبي هيسيل ۽ حراسيل هو ته شيخ اياز ڀٽائي گهوٽ کان اهڙي سگهه ڏيارڻ جي التجا ڪئي آهي، جنهن سان ڏاڍن ۽ ڏهڪائيندڙن کي ڏاري وجهڻ جي تمنا سندس جوان سال ذهن ۾ اُسري چڪي هئي. شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي شاعري سنڌي عوام ۾ اڄ به جوشيلا جذبا اڀاريندي رهندي آهي. آڏو ٽڪر ٽر، متان روههَ رتيون ٿئين . اهڙيءَ طرح سنڌي عوام جي رت ۾ ڏاڍي ۽ ڌرت ڏيندڙ جي لاءِ نفرت جا ڪيترا جذبا وهندا رهندا آهن. شيخ اياز هڪ ٻئي بيت ۾ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان پنهنجون همدرديون هيئن ٿو اظهاري: جـيئون تنهن جـي جند سان، مرُون توسان ماءُ، ڳوڙهـــــا ڳــــاڙ نه سنـــڌڙي! وري ورنـــــدو واءُ، ڄَرڪَن پيـون ڄنــــدڙيون، تَن مَن آهــــي تاءُ، لونءَ لونءَ مَنجهه لڳاءُ، سڀ کي آ ســـاڻـيهه جو.شيخ اياز جي شاعريءَ جا مثال ڏيندو ويندس ته مضمون پورو ئي ڪري نه سگهندس. ان قسم جا ڪيترائي بيت شيخ اياز جي پهرين شعري مجموعي ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ جي صفحي 38 کان 45 تائين تي آيل سڀ جا سڀ بيت مثال طور پيش ڪري ٿا سگهجن. بيتن کانسواءِ شيخ اياز جا ڪيترائي غزل، گيت، نظم ۽ نثر جا مثال ڏئي ٿا سگهجن پر پوءِ هي هڪ ڪتاب ٿي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ هي مضمون ڪافي ناهي، تنهن ڪري ان حد تي ئي اڪتفا ٿي ڪجي . امداد حسيني دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي پر شيخ اياز چواڻي، ”شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت ٿي نه ٿوسگهي.“ سو، اسان جي نوجوان نسل کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ پڻ بيحد متاثر ڪيو آهي. ان جو سبب امداد حسينيءَ جا نڪورا خيال ٻوليءَ جي چاشني، شاعراڻيون خوبيون ۽ انتهائي سادگي ۽ بنا رک رکاءَ واري شاعري هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ تي به ترقي پسند تحريڪ، ترقي پسند نظرئي ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي نظر واهه جا جوهر ڏيکاريا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾، جلسي يا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ته هر سنڌي همه تن گوش (ڪنائتو) ٿي کيس ٻڌندو ۽ سندس سٽ سٽ تي داد ڏيندو آهي . سندس شاعري جو مجموعو ’امداد آهي رول‘ جي هڪ نظم ’دانهن‘ ۾ ڏيهي دولتئي يا جاگيردار کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي هاري ناريءَ سان ڏاڍ جي هلت هلڻ ڏانهن اشارو ڪندي هيئن ٿو مخاطب ٿئي: ڌاريـــــن کـــي ته شــــــراب پيارين، پنهنـــــجن جو ٿو رت پئـــين تون، ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيــئي ڙي، بي ڏوهن کــــي ڏوهه ڏئيـــن تون، روهه رلــــيا ڇا ڊوهه ڪيا ٿئي، جو به جيـــين سو جاڙ جيين تون. تو جو چـــــاهيو ســــو ٿيو، هاڻي، ٿيـــندو ســــو جو هيءَ چاهيندي، هيءَ ڌرتي تو تـــــي دانهينـــــدي.۽ جڏهن ڌرتي دانهيندي آهي ته زماني ۾ اٿل پٿل اچي ويندي، سماج ۾ تبديليءَ جا اهڃاڻ نمايان نظر ايندا آهن. ترقي پسند تحريڪ شاعرن کي شاعريءَ جي جيڪا نئين واٽ ڏيکاري، ان واٽ تي هلڻ لاءِ جن دوستن پڪو پهه ڪيو تن مان اسان جو مست الست دوست تاج بلوچ به هڪ آهي. تاج بلوچ جيڪو اڄ تائين پنهنجو پاڻ کي نظرياتي شاعر چوائيندي ڪو عار محسوس نه ڪندو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا چار پنج مجموعا ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، ان وٽ به پيار سان گڏوگڏ حقيقت نگاري ڏانهن به سندس ڌيان جي ڇڪ ڏسو. سال 1989ع ۾ اول حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ جيڪي نسلي فساد، هڪ سازش هيٺ ڪرايا ويا ۽ انهن فسادن ۾ ڪيترائي بي ڏوها، اڻ ڄاڻ، اڻ ڌريا ۽ نوڪري يا روزگار خاطر ٻهراڙين جا نوجوان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هئا، تن جي قتلام تي هر اک آلي ٿي هئي، هر قلم تحرڪ ۾ آيو هو، هر اديب، هر ڏاهي ٻاڪاريو هو ۽ هر ڪنهن جي ذهن جا تخليق ڪئي هئي، ان جو ڪجهه پنهنجي اکين ڏٺو، ان کي پني تي ضرور چٽيو هو. انهن ڏينهن ۾ تاج بلوچ ڪراچيءَ جو رهواسي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪريل قهر جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هن اهڙين وارداتن مان هڪ واردات کي چٽيندي ”هاڻ قاتل کي مسيحا لکبو“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو. هـــــاڻ قاتـــــل کـــــــــــي مسيــــــحا لکبو!! گهر جي ڀتين تي لهُو- رنگ سموري تحرير پنـــــهنجي تقـــــدير جو ليـــــکو سمـــجهي مُــــــرڪ چهـــــرن تي سجـــــائي رکبــــي شهـــــر ۾ بــــــاهـــــه جـــــي شُعـــــلن کي؛ خوشــــــيءَ جــــــو ڪـــو حــــــوالو سڏبو!! هـــــاڻ قاتــــــل کـــــــي مـــــسيحا ســـڏبو!! امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ”امداد آهي رول“ جي ڇپجي پڌري ٿيڻ کانپوءِ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ آزاد نظم جو رواج وڌڻ لڳو شايد ان جو سبب خيالن کي گهُٽڻ ۽ ٻُٽِڻ مان واندڪائي ملي. ڇاڪاڻ ته هر پابند صنف ۾ نوجوان شاعرن جي خيالن ۾ اڀرندڙ ڌرتي ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن جي اپٽار ڪرڻ ۾ کين يا دقت پئي محسوس ٿي ، انهن جي پرچار کي آواز ملي ويو . امداد حسيني ڪيترن ئي نوجوان شاعرن جي مجبوري بڻجي پيو، تنهن هوندي به ڪي اهڙا به شاعر منظر عام تي آيا جن پنهنجي ڏات، ڏانءَ، فن ۽ مسئلن تي صحيح نظر هئڻ ڪري ڪيتريون پابند صنفون به لکيون ۽ انهن ۾ پنهنجي خيالن کي گهُٽڻ کان بچايو، اهڙن شاعرن مان مير محمد پيرزادو به هڪ آهي . مير محمد پيرزادي وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي اصل ۽ نج سنڌي صنفون آهن انهن سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاهران اچي داخل ٿيل صنفن جو به خاصو رچاءُ ملي ٿو. تنهن هوندي به ”تاج جويو چواڻي ته مير محمد پيرزادو دراصل گيت جو شاعر آهي .“ وري مير محمد پيرزادي لاءِ انور پيرزادو هيئن ٿو لکي ته، ”مير محمد نئين ٽهيءَ جو، سنڌي ترقي پسند شاعر آهي. هو سنڌي شاعريءَ جي سٺن، فنائتين، سريلين ۽ ترقي پسند روايتن کي پنهنجو ڪري ٿو.“ هونءَ ته مير محمد پيرزادي شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي لکيو آهي ، پر سندس گيت ۾ جيڪو ڌرتيءَ ڌڪاڻن جو درد سمايل ۽ ٻوليءَ جو رچاءُ آهي ، ان جي جهلڪ هتي جي ٻڌندڙن لاءِ ڏيکارڻ جي همٿ ڪندس . ڪنهن جي پوتي ڪنهن جو چولو، ڪنهن جي پيٽ ڀرڻ جو لولو، ڪنهن جي عزت شان ۽ شوقت، ڪنهن جا آهن ننگ ٻنين ۾ سونا سونا سنگ ٻنين ۾. ريج جي عيوض رت کي هارڻ، آب اڃين کي اهڙو پيارڻ، ساري ڌرتي، وستي وستي، ريٽا ريٽا رنگ، ٻنين ۾ سونا سونا سنگ ٻنين ۾. ساڳي ٽهي، ساڳيا خيال، ساڳي سوچ، ساڳي لوچ ۽ ساڳي لُوڇ. هن ٽهيءَ کي ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ ۽ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ جا دور اکئين ڏسڻ لاءِ مليا. سوشلزم، ترقي پسندي، دنيا جو ادب ۽ شاعري پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ مليا ته سندس خيالن به اڏامڻ شروع ڪيو. خيالن ۽ سوچن جي اڏامڻ سان گڏوگڏ کين هر منزل تي شاهه لطيف، شيخ اياز، امداد حسيني ۽ انهيءَ ٽهيءَ جي هر سڄاڻ شاعر، اديب، ڏاهي ۽ دانشور رهنمائي پئي ڪئي ۽ انهن جي رهنمائي مان انور پيرزادي به واهه جو لاڀ حاصل ڪيو. انور پيرزادي تمام ٿوري شاعري ڪئي ، جنهن ۾ اڪثريت آزاد نظم ۽ نثري نظم جي آهي . انور پيرزادو جي جيل ياترا کانپوءِ ۽ ان وقت قيد ۾ واڙيل ڪيترن ئي سوشلسٽ خيالن وارن سرواڻن سان ڪچهريون ڪرڻ کانپوءِ جڏهن نڪري کليل دنيا ۾ آيو ته هو سؤ سيڪڙو ترقي پسند خيالن سان سلهاڙجي چڪو هو. هن شاعريءَ جي شروعات به جيل ۾ هوندي ڪئي ۽ سندس پهريون نظم ئي ڪنهن بنگالي عورت کي پنهنجي سي ايس ايس پٽ سان جيل ۾ ملاقات جي منظر نگاريءَ تي ٻڌل نظم سان ٿي. ان کانپوءِ انور شعوري ۽ لاشعوري جيڪا به شاعري ڪئي اها ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ ڌرتيءَ واسين جي ڏوجهرن کي نمايان حيثيت ڏني. ان سان گڏوگڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سهمت هجڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو ٻه ٽي سال لاڳيتو سيڪريٽري رهڻ ڪري، هن جي سوچ ترقي پسند خيالن سان واڳبي وئي . سندس رومانوي نظمن ۾ به محبت جي پيڙائن ۽ محبت تي پهرن خلاف پوري مزاحمت ٿيل نظر ايندي . سندس شاعريءَ جو هڪڙو ئي مجموعو ڇپجي سگهيو آهي ، جنهن جو سِرو آهي ، ”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان.“ ڄڻ هن پنهنجي دانهن امرتا پريتم جي طويل نظم ”آکان وارث شاهه نون“ جيان ڀٽائيءَ کي سندس ڌرتيءَ سان ٿيندڙ انيائن جي دانهن اونائڻ لاءِ دانهن پئي ڏني. پر مان هتي سندس هن نظم جو مثال ڏيڻ پسند ڪندس. هي نظم سوويت يونين جي ڇيهون ڇيهون ٿيڻ کان اڳ جو ڇپيل اٿس ۽ پوءِ انور جي سوچن ۾ هڪ تبديلي آئي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي نثري مضمونن ۾ ڪيو آهين، ڇاڪاڻ جو هن پوءِ اهو چئي شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني ته شاهه لطيف ڀٽائي اسان جي لاءِ ڪا واهه ئي نه ڇڏي آهي ، ڪو موضوع ئي نه بچايو آهي ۽ رهي سهي ڪثر شيخ اياز پوري ڪري ڇڏي آهي . سندس شعري مجموعي ۾ هڪڙو آزاد نظم ’حياتيءَ جو رومانس‘ جي سري سان ڇپيل آهي: حڪومت سان جبلن تي جهيڙو ڪرڻ، اسٽينسل ڪٽڻ ۽ پمفليٽ لکڻ بندش پيل ۽ خطرناڪ ڪميونسٽ لٽريچر پڙهڻ ظلم، ڏاڍ، انياءَ سان مهاڏو جهلي، انڊر گرائونڊ ٿي وڃڻ رڳو آهي جوکم جو ڪم ۽ جواني ۾ جوکم کڻڻ حياتيءَ جو رومانس آهي . هي آهن سنڌي شاعريءَ تي ترقي پسند تحريڪ جي اثر جون ڪي جهلڪون. هونءَ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي فصل جي ڀلؤن ڀل هئڻ جو ڪجهه انت شمار ئي ڪونهي . اسان جي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ شاعريءَ جا گل، ڪچي ۽ درياهه جي لهي وڃڻ کانپوءِ ٻُڪن جي پيلن گلن جان پکڙيا پيا آهن ، جن کي سموهڻ لاءِ هڪڙي مضمون يا هڪڙي ڪتاب لکڻ کان ڳالهه چڙهيل آهي .