هر قوم جي تاريخ ۾ ڪجهه واقعا گھڻو اهم ۽ معنيٰ خيز هوندا آهن.ڪجهه واقعا اهڙا هوندا آهن جن کي وقت جي للڪارن کي منهن ڏيڻ لاء ياد رکيو ويندو اهي ۽ انهن مان اتساهه حاصل ڪيو ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن اهي واقعا ماضيء جون وسريل يادون بڻجي رهجي وڃن ٿا. پال ڪوهن پنهنجي ڪتاب ” تاريخ ۽ عوامي ياداشت“ ۾ ڪجهه اهڙن تاريخي واقعن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي جن قومي جدوجهد ۽ دشمن خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ه سڀ کان پهرين جنگ ڪوسوو جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا 1948ع ۾ ترڪن ۽ سربن جي وچ ۾ وڙهي ويئي.اها جنگ سربيا جي تاريخ جي يادگار واقعي جي حيثيت رکي ٿي ڇو ته ان جنگ ۾ حصو وٺڻ وارن پنهنجي قومي وقار لاء جانيون قربان ڪيون هيون.ڇيو وڃي ٿو ته جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ سربيا جي اڳواڻ پنهنجي فوج کي خطاب ڪندي چيو هو ته انهن وٽ ٻه ئي رستا آهن ته جانيون قربان ڪري جنت ۾ وڃن يا اتي ئي رهي ترڪن جي ذلت ۽ غلامي برداشت ڪن.انهيء خونريز جنگ ۾ سلطان مراد جي ترڪ فوج سرب فوج جو بريء طرح قتل عام ڪيو ۽ انهن کي سڪست ڏني.توڙي جو سرب اها جنگ هارائي ويا تنهن هوندي به انهن پنهنجي هار کي وسارڻ بدران ياد رکيو ۽ جنگ ۾ مري ويلن کي قومي هيرو قرار ڏنو.پنج سو سالن کان مٿي عرصو گذرڻ با وجود سرب اڃا تائين ڪوسوو جي جنگ کي وساري ناهن سگھيا ۽ فخريه واقعي جي طور تي ان جي ياد ملهائين ٿا. 1989ع ۾ جڏهن روس ۾ ڪيميونسٽ حڪومت درهم برهم ٿي ته يوگو سلاويا حصا پتيون ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ سربيا هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو ۽ اتي قوم پرستيء تي ٻڌل جذبن کي هوا ملڻ لڳي.هنن هڪ دفعو وري جنگ ڪوسوو جي ياد ملهائڻ شروع ڪري ڏني ۽ انهيء حوالي سان تقريب جو هنڌ به اهو چونڊيو جتي اها جنگ وڙهي ويئي هئي.انهيء دوران اڳوڻي يوگو سلاويا جي علائقن البانيا، ڪروشيا ۽ بوسينيا سميت مختلف قومن جي رهاڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي.سربيا جي احتجاج باوجود ڪوسوو هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو تنهن هوندي به جنگ ڪوسوو اڄ به سربن جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو سمجھي وڃي ٿي. مساڊا جو گھيرو به اهڙو ئي اهم تاريخي واقعو آهي.70 عيسوي ۾ اتي اسرائيلي قوم آباد هئي. رومين ان شهر کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ يهودين جي عبادت گاهه به تباهه ڪري ڇڏي.اهڙي حالت ۾ يهودين جي هڪڙي جوشيلي ۽ انتها پسند مذهبي ٽولي مساڊا جي قلعي ۾ پناهه حاصل ڪري ورتي.جڏهن رومين قلعي تي حملو ڪيو ته انهن يهودين قلعي کي باهه لڳائي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.رومين هٿان قتل ٿيڻ يا غلامي جي ذلت کان بچڻ جو اهو ئي اڪيلو رستو هو.جڏهن رومي فوج قلعي ۾ داخل ٿي ته کين محصور يهودين جي لاشن سواء ڪجهه به نه مليو.اجتماعي خودڪشيء جي ان واقعي جا تفصيل ٻن عورتن ۽ پنجن ٻارن رومين کي ٻڌايا جيڪي قلعي جي ڪنهن هنڌ لڪي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.فلسطين تي قبضي بعد اسرائيلين مساڊا جي قلعي کي عبادت گاهه ۾ بدلائي ڇڏيو.هاڻي اسرائيلي فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙ نوجوان اتي اچي اهو حلف کڻندا آهن ته اهي آئيندي ايئن ٿيڻ نه ڏيندا.اسڪولي ٻارن کي مساڊا جو دورو ڪرايو ويندو آهي جتي کين ماضيء جي انهن ماڻهن جي بهادري ۽ حوصلي جا داستان ٻڌايا ويندا آهن جن جان ڏيئي ڇڏي پر پنهنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي نه ڪيو هو.تنهن هوندي به جڏهن اسرائيل ۾ يهودين جي حڪومت سياسي لحاظ کان مستحلم ٿي ويئي ته انهن مساڊا جي علامتي اهميت تبديل ڪري ڇڏي ڇو ته سندن خيال ۾ ان سان يهودين جي بهادري بدران شڪست ۽ ناڪاميء جو اظهار ٿيو ٿي.نئون نياپو اهو هو ته يهودين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران پنهنجي بقا لاء مزاحمت ڪرڻ گھرجي. مساڊا کي اڄ به قومي يادگار جي حيثيت حاصل آهي پر فوج ۽ اسڪولن جا ٻار هاڻي هتي ماضيء ۾ خودڪشي ڪندڙ يهودين جي روايت تي عمل واري عهد جا پابند ناهن.ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي ضرورتن مطابق تاريخ جون تاويلون به بدلجي وڃن ٿيون.انهيء ئي حوالي سان ”جون آف آرڪ“ جو واقعو به قابل ذڪر آهي.جون سترهن سالا هاري نينگري هئي.سندس دعويٰ هئي ته کيد آرڪ اينجل مشيل،سينٽ مارگريٽ ۽ سينٽ ڪيٿرائين پاران ”ڪشف“ مليو آهي.اهو انگلنڊ ۽ فرانس وچ ۾ 1337 کان 1453ع تائين جنگ جو آخري زمانو هو.جون جو چوڻ هو ته انهن مقدس روحن کيس فرانس جي بادشاهه چارلس ڇهين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ کي انگلنڊ جي بالادستيء کان نجات ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي.جڏهن اها فرانس جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهتي ۽ کيس ٻڌايو ته هوء پنهنجي وطن کي غير ملڪي فوجن کان ڇوٽڪارو ڏياريندي ته ڪنهن به سندس ڳالهه تي يقين نه ڪيو تنهن هوندي به گھڻي ضد بعد چارلس کيس امدادي مشن سان گڏ اورلينز جي گھيراء طرف موڪليو.فرانسيسين اهو گھيراء رڳو نون ڏينهن ۾ ٽوڙي ورتو.فرانس کي ترت ئي هڪ ٻئي پويان اهڙيون ڪيئي فتحوم حاصل ٿينديون وييون.1430ع ۾هڪ مهم دوران برطانوي ۽ برگنڊي فوج جي گڏيل دستن هن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتاريء بعد کيس برطانوي فوج حوالي ڪيو ويو جتي برطانيا جي حامي پادري پيري ڪائوچين کيس جادوگر،ڪافر ۽ ڪوڙي قرار ڏيئي مٿس ڪيس هلايو.جون تي ڪوڙين دعوائن ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جا الزام لاڳو ڪيا ويا هئا.پادري ڪائوچين هن کي ڏوهاري قرار ڏنو اهڙيء طرح 1431ع ۾ کيس جيئرو ساڙيو ويو. 18 صديء ۾ اها ڪهاڻي وري زنده ٿي ۽ جون آف آرڪ کي قومي هيروئن قرار ڏنو ويو.ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن مارشل پيٽن قابض جرمن فوجن سان گڏجي فرانس ۾ حڪومت جوڙي ته ان وقت به جڳن آف آرڪ کي قومي وقار ۽ مزاحمت جي علامت طورپيش ڪيو ويو.مارشل پيٽن جون کي قومي هيروئن قرار ڏنو جنهن فرانس کي غير ملڪين کان بچايو هو.هن پنهنجي اقتدار کي جواز مهيا ڪرڻ لاء جون جي مورتيڀ کان ڪم ورتو.سندس ياد ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون،پمفليٽ ورهايا ۽ قومي تاريخ جي اعليٰ ترين شخصيت طور سندس تشهير ڪرائي.ٻئي پاسي 1970ع ۾ مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ چارلس ڊيگال به جون آف ارڪ کي قومي علامت جي طور ڄاڻايو.سندس دفتر ۾ جون ۽ نيپولين جو تصويرون لڳل هونديون هيون.ڊيگال جرمنن خلاف پنهنجي مزاحمتي ڪردار جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي جون سان ڀيٽيندو رهيو.ضرورت وقت قومون ماضيء مان اتساه حاصل ڪرڻ لاء تاريخ کي سياسي انداز ۾ به استعمال ڪن ٿيون. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ماضيء جا واقعن ۽ شخصيتن کي سياسي طور تي زنده ڪيو ويندو رهيو آهي يا وساريو ويندو آهي.1025ع ۾ محمود غزنوي سومنات جو مندر ڊاهيو.اهو واقعو گھڻي حد تائين وساري ڇڏيو ويو هو پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ڪجهه هندن مندر جي تباهي جو واقعو نئين نموني سان تازو ۽ زنده ڪيو ۽ سومناٿ کي مقدس يادگار طور ٻيهر تعمير ڪيو.مشهورڀ تاريخدان روميلا ٿاپر پنهنجي ڪتاب ”سومنات“ ۾ لکي ٿي ته تاريخ جا گھڻا آواز ان ڳالهه جو اظهار آهن ته ڪيئن نه هندو قوم پرستيء کي حرڪت ڏيڻ لاء هڪ وساريل واقعي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو ويو!