شاعري فقير محمد سنڌي ڪيڏي مٺڙي سولي آهي، سنڌي پياري ٻولي آهي. سنڌي پنهنجي قومي ٻولي، غيرن لئہ ڄڻ گولي آهي. ساري ٻولي ٻاجھ ٻيلاٽي ، جيجل جھڙي جھولي آهي. پنهنجي ڌرتي پنهنجي سرتي ، ٻيو جڳ ڄڻڪر جي خولي آهي.