غزل فقير محمد سنڌي توکان سواءِ جاني بيڪار ٿي پياسين، جيون جي ڪاڻ آخر آزار ٿي پياسين. دنيا جي ريت، رسمن سان جنگ يار جوٽي ، اڄ باوجود تنهنجي، ڇو ڌار ٿي پياسين. ناهي سٺو اسان کي ماڻهن به گڏ گذارڻ، ڇا لاءِ هڪ ٻئي جي هار ٿي پياسين. طعنا ڏئي اسان کي هر ڇڏيو آ ساڙي، هاڻي ٻڌي پيارا، بيمار ٿي پياسين. سنڌي اڃان ٿو جيئي هن سنڌ جي سھاري، توبن اسان غمن سان ٽمٽار ٿي پياسين.