خط. ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو ڏانهن

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2020۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    خط
    پيارا سائين ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيا..!!
    فجر ويلي سرنهن جي سونهن ڀري هٻڪار جيان رهين شال
    پيارا سائين...! تعلقات جا به ڪيترائي قسم آهن ڪنهنجا روحانيت سان تعلقات ڪنهنجا رشتن جا ڪنهن جا عقيدت جا ته ڪنھن جا جسم جي حواس هجهائڻ جا. آئون سڀن تعلقات کي عظمت وارو ئي سمجهندو آهيان سواءِ جسم جي حواس هجهائڻ واري تعلقات جي ڇو ته اهو تعلقات مون کي جانور صفت انسانن کان به تمام برو چڙ ڏياريندڙ تعلق محسوس ٿيندو آهي حواس ختم تعلق ختم.
    مگر توهان جو ۽ منهنجو ادبي تعلق يا ته روحاني تعلق آهي جيڪو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي بلڪل مان مڃان ٿو توهان عظمتون جي بلندين تي ڪنهن مور جي ٽور جيان ڪارونجهر جي چوٽ تي پَرن کي کولي هر ڪنهن اضطرابي نگاهن کي پاڻ ڏانهن توجھ ڇڪرائي آهي اوهان جي اکين ۾ پريت ڀري جوت محسوس ڪئي آهي اوھان جي رڳون ۾ ڌرتيءَ جي عشق جي کوٽ ناهي اوهان جڏهن هن سونهاري ڌرتيءَ تي ڪلاسيڪل راڳين جي گائڪي جي محفل يا راجو سمراٽ جو ٺيڪو جي ڃاڻ جي محفل هجي راحيل سمراٽ جي ڪٿڪ ادائگي جنهن ۾ سلامي يا پيش ڪارا ئي ڇو نه هجي جڏهن بيلجم جي ڌُن هجي يا بوڙينڊي تي ڌُن هجي پوء تي هڪ ڇا هزارين راءِ ڏياچَ سر فدا ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن اهو سبب هوندو آهي جو آئون هجتن مان اوهان کي پنهنجي ڪکن تي پهچڻ تي سرهائي سانجھ ارپڻ جي خواهش بخشيدو آهيان مگر پوءِ به فيض احمد فيض جون هي سٽون ذهن ۾ ٿيون ٻرن
    ‏نہ جانے کس لیے اُمیدوار بیٹھا ہوں
    اک ایسی راہ پہ جو تیری رہ گزر بھی نہیں
    فیض احمد فیض
    پيارا محبوب سائين..!!!
    مون هميشه اوهان جي لکيل مضمونن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي توهان جي لکڻين مان فيضياب ٿيڻ اسان لاءِ باسِ فخر آهي اوهان جو مواد ائين آهي جيئن مرشدن کان مليل مراقبي مشارب وانگر ڪڏهن فيض وٺڻو پوندو آهي ته ڪڏهن فيض ڇڏڻو پوندو آهي. مون کي فطرتن اکرن سان عشق رهيو ئي رهيو آهي سونهن سرهائي ڀري مواد جو آئون سدائين مريد رهيو ئي رهيو آهيان مون کي انهن مضمونن سان عشق آهي جيڪي تجنيس حرفي تي هجن يا علم عروض تي هجي يا صورتخطي تي هجن يا رديف قافيي تي يا مذڪر مونث يا ھ ه ها ح تي ڇو نه هجن مگر اهي سڀ مضمون موهن جي دڙي مان مليل املهه مالها جو درجو رکن ٿا مون هميشه انهن لکڻين کي رني ڪوٽ جي مليل خزاني کان گهٽ ناهي ڀنايو مگر مون کي اهو ئي تمام گهڻو افسوس ٿيندو آهي ته اکرن سان محبت هوندي به منهنجي پنهنجي لکڻين ۾ هزارين خاميون هونديون آهن هي محبت ڀريا ناتا به عجيب هوندا آهن ڪڏهن راهي رڻ جو ٿا بڻائين ڪڏهن منڇر ۾ ڪنول پاتال ته ڪڏهن ڪارونجهر جي چوٽي جون مسافريون ٿا ڪرائين واصف علي واصف جو قول آهي ته
    ‏جس کو احساس نہ جگائے اس کو کون جگا سکتا ہے
    احساس ته طبيعتون ۾ هوندو آهي مگر جيڪو احساس لکڻين ۾ هوندو آهي سو ته ڪمال جو هوندو آهي
    احساس بنا ماڻهو
    اخبار پراڻي آ
    اياز گل
    پرين پيارا......!!!
    من لاگو ميرو يار فقيري فجر جو وضو ساري مسجد طرف وڌان ٿو خبر ناهي الائي ڇو تنهنجي نانءُ ذهن جي اسڪرين تي اوليڙا ڏيندو رهي ٿو
    ڏھ سال پهريان منهنجون سٽون لکيل ذهن تي مينار پاڪستان جيان اُڀامي اچن ٿيون
    فجر جو به تنهنجو ذڪر ٿئي ڇڙيو
    تنهنجي هاڪ ٻڌي واکاڻ آياسين
    هاڻ ته بهار اچڻ جي موسم پئي اچي گلن ۾ گلزاري اچڻي آهي ڪئي نئيون شاخون نڪرڻيون آهن ڪي مند ملهاري جا نغمہ ڪنهن نئين سُر سان ڇڙڻا آهن ڪٿي پريم ڀريا پيغام مينگھ ملهاري هوائون جي جهول ۾ جهولڻ لاءِ بي چين ٿيڻا آهن مگر ڌڻي در دعا آهي ته هي بهار اسان سڀ لاءِ ڪي راحتون آڻي ڪي گلن جي تازگي وانگر من ۾ ڪا سُرهائي ارپي هر سونهاري سنجها کان پوءِ امن جون باکون ڦُٽن آخر ۾ واصف علي واصف جو هي قول آهي جنهن تي مون محسوس ڪيو آهي ته توهان ان تي مڪمل عمل پيرا آهيو
    ‏اصل بادشاہی یہ ہے کہ آپ کے پاس سب سے بڑا علم ہو اور آپ اپنی زندگی سب سے کمزور آدمی کے برابر رکھیں

    حق موجود. سدا موجود
    جيئي سنڌ. جيئي سنڌ قومي

    آئون ناچيز خاڪسار
    اصغر علي جمالي
    01/02/2020
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو