شفيق الرحمان شاڪر قرآن مجيد ۾ ذوالقرنين جي باري ۾ اهي لفظ بيان ٿيل آهن ته ” ماڻهو اوهان کان ذوالقرنين جي باري ۾ پڇن ٿا،اوهين کين ٻڌايو ته اجھو ئي آئون ان جو ڪجهه حال اوهان کي ٻڌائيندس.بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار بخشيو هو ۽ هر قسم جو ساز ۽ سامان به ڏيئي رکيو هو سو هو هڪ مهم تي هلي نڪتو ايستائين جو سج لهڻ جي حد تائين پهچي ويو.هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته سج ڪنهن گند واري چشمي ۾ ٻڏي رهيو آهي.اتي هن هڪڙي قوم ڏٺي.اسان چيو اي ذوالقرنين توکي اختيار آهي ته انهن کي سزا ڏي يا انهن سان نيڪ سلوڪ اختيار ڪر.ذوالقرنين چيو؛جيڪو شخص ظلم ڪندو ان کي ته اسان به سزا ڏينداسين ۽ جڏهن اهو پنهنجي پروردگار طرف موٽايو ويندو ته اهو به کيس سخت عذاب ڏيندو.البت جيڪو ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪيائين تنهن کي چڱو بدلو ملندو ۽ انهن کي اسان پنهنجا سولا ڪم ڪرڻ لاء چونداسين.پوء هو هڪ ٻي مهم تي هلي نڪتو ايستائين جو اهو سج اڀرڻ جي حد تائين وڃي پهتو.هن کي ايئن معلوم ٿيو ته سج هڪ اهڙي قوم تي اڀري رهيو آهي جنهن قوم ۽ سج جي وچ ۾ اسان ڪا اڙ ناهي بنائي.واقعو اهڙو ئي هو ۽ ذوالقرنين کي جيڪي حالتون پيش آيون انهن کي اسان چڱيء طرح ڄاڻون ٿا.پوء هو هڪ ٽين مهم تي نڪتو ايستائين جو هو هو ٻن گھاٽين جي وچ ۾ پهتواتي هن هڪ اهڙي قوم ڏٺي جيڪا ڪا ڳالهه نه سمجھي رهي هئي.انهن چيو؛ اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج هن ڌرتيء تي ممڻ مچائي رکيو آهي.جيڪر اسان توکي ڪجهه چندو گڏ ڪري ڏيون ته تون انهن ۽ اسان جي وچان ڪا ديوار جوڙي ڏيندين؟ذوالقرنين چيو ته ؛ منهن جي پروردگار مون کي مالي قوت ڏيئي رکي آهي،اوهين رڳو مون کي جسماني قوت مهيا ڪريو ته آئون اوهان جي ۽ انهن جي وچان بند ٻڌي ڇڏيندس.مون کي لوهه جون چادرون آڻي ڏيو.ذوالقرنين جڏهن انهن چادرن کي انهن ٻنهي گھاٽين جي وچ ۾ برابر ڪري خلا کي ڀري ڇڏيو ته انهن کي چيو؛ هاڻي باهه ڀڙڪايو ته جيئن لوهه جون چادرون جڏهن باهه جيان ڳاڙهيون ٿي وييون ته هن چيو ته مون وٽ پگھريل ٽامو آڻيو ته جيئن آئون انهيء کي انهن چادرن جي وچ ۾ وهائي مضبوط ڪري ڇڏيان.اهڙيء طرح اهڙو بند بڻجي ويو جو ياجوج ماجوج نه ته ان جي مٿان چڙهي سگھيا ٿي ۽ نه ئي ان ۾ ڪو سوراخ ڪري سگھيا ٿي.ذوالقرنين چيو؛ اهو منهنجي پروردگار جي رحمت سان بڻجي ويو آهي پر جڏهن منهنجي پروردگار جي وعدي جو وقت ايندو ته هو ان بند کي مٽيء ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي.ان ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي کليل ڇڏي ڏينداسين ته اهي هڪ ٻئي سان چنبڙي پون ۽ صور ڦوڪي ويندي پوء اسان سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري وٺنداسين.“ ذوالقرنين ڪير هو؟ قريش جو ٽيون سوال ذوالقرنين جي باري ۾ هو جنهن جو انهن آيتن ۾ جواب ڏنو ويو آهي.ذوالقرنين جي شخصيت جي باري ۾ اها ڳالهه پڪي آهي ته يهود کي سندس باري ۾ ڄاڻ هئي ۽ ان بادشاهه جو ذڪر انهن جي ڪتابن ۾ موجود هو تڏهن ئي ته انهن قريش مڪه کي اهو سوال پڇڻ لاء چيو هو ۽ جيڪي ڪجهه قرآن مان معلوم ٿئي ٿو سو اهو ته هو هڪ طاقتور ۽ نامور بادشاهه هو.الله کان ڊڄندڙ ۽ انصاف پسند حڪمران هو.سندس بادشاهي گھڻو پکڙيل هئي ۽ ذوالقرنين جي لغوي معنيٰ ته ”ٻن سڱن وارو“ آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته واقعي ان جي مٿي تي ٻه سڱ هئا بلڪه هن کي ذوالقرنين ان معنيٰ ۾ چيو ويندو هو جو سندس سلطنت جو علائقو ڪجهه ايئن محسوس ٿيندو هو جيئن ڪو ڍڳو هجي جنهنجي مٿي تي ٻه سڱ هجن.قرآن ۽ حديث ۾ ڪٿي به ذڪر ناهي ته ذوالقرنين جو اصل نالو ڇا هو؟ اهو ڪهڙي علائقي جو بادشاهه هو ۽ ڪهڙي قوم سان واسطو رکندو هو؟ڪهڙي دور ۾ اهو بادشاهه گذريو آهي؟ان ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۽ ملڪن کي فتح ڪيو هو؟اولهه ۾ هن ڪهڙن ملڪن کي فتح ڪيو ۽ اوڀر ۾ هو ڪهڙي مهم تي هو؟سندس ٽيون سفر ڪهڙي طرف هو؟انهن معاملن اندر تاريخدانن ۾ گھڻو اختلاف آهي.ذوالقرنين جو اهو واقعويهودين جي آسماني ڪتاب تورات ۾ ته آيل ناهي پر تورات جي شرح ۽ تفسير جنهن کي هو پنهنجي اصطلاح ۾ ”تالمود“ چون ٿا انهيء ۾ ذڪر ٿيل آهي.بهرحال اهو ته طيء آهي ته ذوالقرنين هڪ اهڙو بادشاهه هو جنهن جي ڄاڻ يهودين جي عالمن وٽ موجود هئي.جنهن جي باري ۾ انهن سوال ڪيو هو ۽ جنهنجي باري ۾ قرآن جواب ڏنو.مولانا سيد مودودي بائيبل جي اڀياس بعد جيڪا تحقيق پيش ڪئي آهي سا اها ته ذوالقرنين جو اطلاق ايراني حڪمران خورس تي ئي ٿي سگھي ٿو جنهنجو عروج 549 ق م ويجھو شروع ٿيو.هن ڪجهه سالن جي عرصي ۾ الجبال ۽ ايشياڪوچڪ جي سلطنتن کي فتح ڪرڻ بعد بابل کي به فتح ڪري ورتو هو جنهن بعد ڪابه طاقت سندس رستي جي رڪاوٽ نه بڻي.سندس فتحن جو سلسلو سنڌ ۽ ترڪستان کان ويندي هڪ طرف مصر ۽ لبيا تائين ۽ ٻئي پاسي ٿريس ۽ مقدونيا تائين پکڙجي ويو ۽ اتر ۾ هن جي سلطنت ڪاڪيشيا ۽ خوارزم تائين پکڙيل هئي.عملي طور تي ان وقت پوري مهذب دنيا سندس حڪم هيٺ هئي.تفسير حقانيء واري صاحب موجب زوالقرنين ايران جو نه پر ڪنهن عرب علائقي جو بادشاهه هو ۽ سندس تعلق يمن جي حميري خاندان سان هو.دليل اهو آهي ته ذوالقرنين عربي لفظ آهي فارسي يا ايراني لفظ ناهي.ان کان سواء يمن جا بادشاهه پراڻي زماني ۾ ”ذو“ جو لقب رکندا هئا جيئن ذوالنون،ذونواس،ذون عين وغيره.ايئن ئي ذوالقرنين به هو.ابو ريحان البيروني سندس نالو ابو ڪرب بن عير بن افريس حميري ٻڌائي ٿو.ان جو اصل نالو صعب هو ۽ هو تبع پهرئين جو پٽ هو ۽ اهو ئي ذوالقرنين آهي جنهنجو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي.ان بعد سندس پٽ ذوالمنار ابره،ان بعد سندس پٽ افريقس،ان بعد سندس ڀاء ذوالاذعار،ان بعد سندس ڀاء شرجيل،جنهن بعد سندس پٽ الهدهاد،جنهن بعد سندس ڌيء بلقيس بادشاهه بڻي جيڪا سيدنا سليمان جي درٻار ۾ حاضر ٿي هئي.قرآن ڪريم ۾ ذوالقرنين جي ٽن سفرن جو ذڪر آيو آهي.پهريون سفر پنهنجي سلطنت جي الهندي جي آخري حد يعني ايشيا ڪوچڪ تائين جنهن کان اڳيان سمنڊ آهي جتي بحر ايجين ننڍن ننڍن نارن جي شڪل اختيار ڪري ٿو جتي پهچي ذوالقرنين کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته سج ڪاراڻ مائل گدلي پاڻيء ۾ ٻڏي رهيو آهي جنهن قوم سان سندس واسطو پيو اهي جاهل ۽ ڪافر قسم جا ماڻهو هئا ۽ الله تعاليٰ ذوالقرنين کي اهو اختيار ڏنو ته گھري ته کين قتل ڪري يا ٻيو ڪو سخت رويو اختيار ڪري يا الله جو فرمانبردار بنجڻ جي دعوت ڏئي ۽ انهن سان نرم رويو اختيار ڪري.ذوالقرنين ٻيو رستو اختيار ڪيو.ٻيو سفر اوڀر طرف هو.هو علائقا فتح ڪندو نيٺ ان هنڌ پهتو جتي مهذب دنيا ختم ٿي ويئي ٿي ۽ سندس واسطو هڪ اهڙي جھنگلي قوم سان پيو جيڪي پنهنجو گھر ٺاهڻ به نه ڄاڻندا هئا.سج جي گرمي يا برسات کان بچڻ لاء اهي غارن ۾ پناهه وٺندا هئا..ذوالقرنين جي ٽئين سفر جي طرف جو قرآن ۾ ذڪر ناهي تنهن هوندي به سمجھيو اهو ئي ٿو وڃي ته اهو سفر اتر طرف هو ۽ اتر طرف هو قفقاز يا ڪاڪيشيا جي جابلو علائقن تائين پهچي ويو.ذوالقرنين ۽ سندس ساٿي انهن ماڻهن جي ٻولي به نه سمجھندا هئا. ياجوج ماجوج ڪير آهن؟ ان باري ۾ مسلمان تاريخدانن جو خيال آهي ته ياجوج ماجوج مان مراد نهايت ئي اترين علائقن جون اهي وحشي قومون آهن جيڪي انهن ئي درن ذريعي يورپ ۽ ايشيا جي سڌريل قومن تي حملا ڪنديون رهيون ٿي ۽ جن ئي مورّ سيدنا نوح جي پٽ يافث جو اولاد قرار ڏين ٿا.انهن ماڻهن ذوالقرنين جو سهڻو ورتاء ڏسي کيس عرض ڪيو ته انهن کي ياجوج ۽ ماجوج ستائيندا رهن ٿا جيڪر ممڪن هجي ته انهن کي جبل جي ٻن گھاٽين جي وچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو وڃي ۽ ان ڪم تي جيڪو به خرچ ايندو سو اسان ادا ڪنداسين.سو ذوالقرنين سندن عرض قبول ڪيو ۽ چيو ته اوهان جي مالي مدد جي مون کي گھرج ناهي البت اوهين رڳو مزدور مهيا ڪيو ته آئون اهڙي ديوار جوڙيندس.پهرين لوهه جي وڏن وڏن تختن جي مٿان ۽ هيٺان تهه ڄمايا ويا جڏهن انهن جي اوچائي ٻنهي طرفن جي ٻنهي گھاٽين تائين پهچي ويئي ته ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته چڱيء طرح باهه ڀڙڪايو ۽ انهيء مقصد لاء ڪوئلي ۽ ڪاٺين کي استعمال ڪيو ويو.جڏهن لوهه باهه جيان ڳاڙهو ٿي ويو ته پگھريل ٽامو مٿان هاري لوهي چادرن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه ملي ڪري هڪ مضبوط جبل جڙي ويو.اوچائيء سبب انهيء مٿان چڙهڻ ناممڪن هو ۽ لوهه جي ٿلهي جڙيل ديوار سبب انهيء ۾ سوراخ به ٿي نٿي سگھيو.جڏهن اها ديوار جڙي ويئي ته ذوالقرنين الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو پر گڏوگڏ ماڻهن کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته توڙي جو اها ڀت نهايت ئي مضبوط آهي پر اها رڳو ان وقت تائين قائم رهندي جيستائين خدا کي منظور هوندو ۽ ”وعدي جي وقت“ مان مراد يا ته ان ديوار جي تباهيء جو وقت آهي يا ان مان مراد قيامت آهي جڏهن هر شيء فنا ٿي ويندي.