شفيق الرحمان شاڪر ننڍي عمر ۾ گھڻا لفظ ۽ سندن معنائون ڊول ۾ نه ويهنديون آهن.شوق وچان اخبارن ۾ تصويرون ڏسندا هئاسين ۽ هجون ڪري اخبارن جون سرخيون ۽ فلمي اشتهار پڙهندا هئاسين.هڪ دفعو هڪ انگريزي فلم جو اردو نالو پڙهيوسين ” هي پاڳل،پاڳل،پاڳل دنيا.“ پاڳل پاڳل جي تڪرار سبب اهو اشتهار اڃا تائين ذهن تان نه هٽي سگھيو آهي.ڪنهن پاڳل کي ٽي دفعا پاڳل چوڻ جي منطق اڄ تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھي.جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا اتي پيزا پوليس کان وڌيڪ ڦڙتيء سان اسان جي گھر پهچي وڃي ٿي.ڪار خريد ڪرڻ لاء سو سيڪڙو آسانيء سان جڏهن ته تعليم حاصل ڪرڻ لاء ويهه سيڪڙو قرض ملڻ به مشڪل آهي.باسماتي چانور ٻه سو روپيا ڪلو جڏهن ته موبائيل سم مفت ۾ ملي وڃي ٿي.جوتا جيڪي ايئرڪنڊيشنڊ دوڪانن ۾ وڪيا وڃن ٿا جڏهن ته کاڌي جون ڀاڄيون ۽ ميوا فٽ پاٿ تي وڪجن ٿا.ليمن جوس هٿرادو فليور سان ٺاهيو وڃي ٿو جڏهن ته ٿانون ڌوئڻ وارو لڪئيڊ تيار ڪندڙ ڪمپنيون دعويٰ ڪن ٿيون ته ان ۾ اصلي ليمون شامل ٿيل آهي.ايم اي پاس،ايم ايس سي هولڊر،انجنيئر ۽ ٻيا پڙهيا لکيا ماڻهو بيروزگار ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي اڻ پڙهيل،جاهل ايم پي اي،ايم اين اي ايستائين جو وزير بڻجي وڃن ٿا. انهن ۾ سوين ڪرپٽ، رشوت خور ۽ ٽيڪس چور آهن.ڪجهه قبضا گروپ،منشيات فروش،بجلي چور،گئس چور لينڊ مافيا جا ڪرتا ڌرتا به آهن.هتي اشرافيا سياست کي ڪمائيء جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي.ڪجهه مذهبي ٺيڪيدارن مذهب کي ڪاروبار ۽ پنهنجا ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائي رکيو آهي.جنهن ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن تي به مافيا قبضو ڪري وٺي ۽ عام ماڻهو ڪنهن ننڍڙي خوشيء لاء به سڪندا هجن ته دل ۾ وري وري اهو خيال اچي ٿو ته اسان به ڪهڙي عظيم قوم آهيون؟ انهن ڳالهين تي ناراض ٿيڻ،شور مچائڻ ۽ گوڙ ڪرڻ،ڪڙهڻ يا تبصرو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي،اوهان ان نموني ئي دستور جيان ستا رهو.يا وري جاڳندي سمهندي پنهنجن حالتن ۽ بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو نه ته ماڻهو اهو الزام ڏيندا هيء ڪا پاڳل قوم آهي.اڄ جي نفسا نفسيء جي دور ۾ جڏهن اسان جي حڪمرانن پنهنجي لاء دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن،دنيا جهان جون سموريون آسائشون سندن گھر جون غلام بڻجي ڪري رهجي وييون آهن.قانون،سياست ۽ جمهوريت سندن خواهش جو نالو آهي ان ماحول ۾ ملڪ يا عوام جي باري ۾ سوچڻ چريائپ ناهي ته پوء ٻيو ڇا آهي؟اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگھجي ٿي ته هن اشرافيا کي جيڪر ڪجهه به ملڪ ۽ هن عوام سان ڪا محبت هجي ها ته هي هڪ اهڙو ملڪ هجي ها جتي هر طرف خوشين جا فصل ٽڙن ها،جتي زندگيء جون انيڪ مرڪون ۽ نين اميدن جا رنگ هجن ها.جتي چاهت ۽ محبت جو واپار هجي ها،جتي ظلم ۽ ناانصافيء جي چادر پکڙيل نه هجي ها،جذبن جي سچائي هجي ها،جتي رشتا ڪچا نه هجن ها،جتي تعصب ۽ نفرت نه هجي ها.قانون جي حڪمراني هجي ها پر اهو سڀ ڪجهه اڃا تائين ته رڳو خواب يا خيال آهي.جنهن ملڪ کي قدرت پنهنجي اڻ ڳڻين نعمتن سان نوازيو آهي پر هتان جي حڪمرانن ڪڏهن به پاڪستاني بڻجي ناهي سوچيو.اسلامي دنيا جو ايٽمي صلاحيت رکندڙ پهريون ملڪ،جنهن ملڪ ۾ دنيا جي ٻي وڏي لوڻ جي کاڻ،دنيا جي پنجين وڏي سون جي کاڻ،دنيا جي ڇهون نمبر وڏي فوج جنهنجي صلاحتين جو اقرار پوري دنيا ڪري ٿي،دنيا جي ستون نمبر وڏي ٽامي جي کاڻ،سوئي گئس،ڪوئلو،تيل جا اڻ ميا ذخيرا پوء به آئي ايم ايف کان خيرات،غير ملڪي قرضن تي دارومدار ۽ امداد لاء ڪشڪول کڻي پوري دنيا ۾ ڌڪا کائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.پنج دريا ۽ دنيا جو بهترين آبپاشي نظام هئڻ باوجود بجليء جي لوڊ شيدنگ ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ۽ ان کان به وڌيڪ عجيب اهو ته پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ جنهن ۾ پوري دنيا ۾ ڇهين نمبر تي چانورن جي پيداوار ۽ خوشبودار باسمتي چانوربه اهڙا جيڪي هٿوهٿ وڪجي وڃن.انڊيا ۾ ضلع شيخوپورا،سيالڪوٽ جهڙو چانور پيدا نٿو ٿئي.پاڪستاني ڪپڙي تي ميڊ ان جاپان ۽ چانور انڊيا ۽ دبئيء جو ظاهر ڪري مهانگي اگھه سان وڪيو وڃي ٿو پر حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن ايڪسپورٽ گھٽبي ٿي وڃي.اها سڀ چريائپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟انهن ڳالين تي گوڙ ڪرڻ،ڪڙهڻ ،تبصرو ڪرڻ ۽شور مچائڻ بدران سمهندا رهو يا وري سمهندي جاڳندي پنهنجن حالتن ۽ بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو.شايد پاڳل به ايترو پاڳل نه هجن جيترو پاڳل اسان بنيل آهيون.اسان ته سٺي ۽ بري جي تميز ئي وڃائي ڇڏي آهي،پاڪستان ۾ نظرياتي ۽ اصولي سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي رڳو ذاتي مفادن لاء ماڻهن پارٽين کي سندن مسلڪ جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي.هن وقت تائين جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ هوندي آهي انهيء کي ئي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي هئڻ جو اعزاز ملي ٿو جيڪو ان حقيقت جو انڪاري آهي ان کي گھرجي ته ٿورو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ جو جائزو وٺي سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو.اسان جا نه رڳو سياستدان پر عوام پڻ سورج مکي جي گلن جيان آهي.سج جي طرف سان گڏوگڏ پنهنجو منهن موڙڻ جا ماهر آهن.ڪهڙي نه مزي جي ڳالهه آهي جو اها قوم جيڪا پنجاهه روپين جي چوريء تي ڪنهن ڳنڍيڇوڙ کي ماري ماري رتورت ڪيو ڇڏي پر کربن روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي پنهنجو حڪمران چونڊيو وٺي.اهڙي قوم جيڪا رڳو انهن اڳواڻن تي اعتماد ڪري ٿي جن جون زبانون تيز ۽ جن جا دماغ شاطر هجن،جن ۾ ماڻهن کي نئون تماشو ڏيکاري کين بار بار بيوقوف بنائڻ جو هنر هجي،جيڪي جمهور جي نالي تي جمهور کي ٺڳي انهن کان جمهوري انداز ۾ ووٽ وٺي کين جمهوريت جي نالي تي غربت،بدحالي،جهالت،بيمارين ۽ بدنصيبين جي اونهي اوڙاهه ۾ ڌڪوڏيندا هجن .جيڪر اهي ئي رهبر ۽ اها ئي قوم هوندي ته پوء عظيم چريائپ جو اهو سفر بنان ڪنهن وقفي جي ايئن ئي جاري ۽ ساري رهڻو آهي،انهيء چريائپ تي شور مچائڻ ۽ گوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،بس سمهي پئو يا سمهندي جاڳندي پنهنجن بدنصيبين جو ماتم ڪندا رهو.