ايڪيهين صديءَ ۾ عورتن جي مسئلن تي سچيون ڪهاڻيون لکندڙ لاڙڪاڻي جي باشعور ليکڪه فززانه چانڊيو جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Crisis Of Women in 21st century آوھان اڳيان پيش آھي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل فرزانه چانڊيو جون ڪهاڻيون اڪيهين صدي جون اهي سچيون ڪھاڻيون آهن جيڪي اسان جي سماج ۾ آس پاس موجود آهن. هن انهن ڪردارن سان روبرو ملاقات ڪري انهن کي پنهنجي قلم جي وسيلي محفوظ ڪيو آهي. هن ڪتاب Crisis Of Women in 21st century ۾ شامل ڪهاڻيون بلڪل سچ تي مبني ڪهاڻيون آهن، جن جو درد محسوس ڪندي فرزانه چانڊيو انهن کي زبان ڏني آهي. فرزانه چانڊيو جنهن همت ۽ حوصلي سان سماج جي جبر هيٺ آيل ڪردارن کي نروار ڪيو آهي ان لاءِ فرزانه کي سلام پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب جو نالو: Crisis Of Women in 21st centur
مصنف: فرزانہ چانڊيو
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساھت گهر ڏوڪري
هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪيو