ميرا جسم ميري مرضي

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2020۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    منهنجو جسم منهنجي مرضي! جهڙو نعرو يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ آزاد گهمندڙ شھوتي عورتن جو چئي سگهجي ٿو يا غير ‏شرعي ۽ لادين حاسد عورتن جو اسلامي عورتن خلاف چئي سگهجي ٿو، باقي امت مسلمه جي نياڻين جو اهو نعرو قطعن نه ٿو ٿي ‏سگهي۔ اسلامي شريعت سان جڙيل عورتون پنهنجو تن من شريعت مطابق پنهنجي گهر جي چوديواري ۾ خوشي سان گذارين پيون ۽ ‏افضل عبادت سمجهن پيون۔ هميشه پنهنجن ٻچن ، ڪٽنب تي ساھ صدقي ۽ پنهنجي جان نڇاور ڪن ٿيون۔ مسلمان عورت ‏پنهنجي گهر جي هڪ روشن سونهن آھي. گهر ۽ ڪٽنب ان جي زندگي آھي، عزت و ناموس به اهڙين عورتن جو روشن ڪردار ‏آھي۔ هن اسلامي ملڪ اندر مسلمان عورت کي جيڪو رتبو، شان وقار ۽ عزت فقط اسلام جي ڪري ملي آھي اهڙي عظمت ‏ڪنهن به ٻئي مذھب عورت کي نه ڏني آھي۔
    منهنجو جسم منهنجي مرضي! وارو هي ڊرامو، جيڪو ڪجھ به ٿي رهيو آھي فقط اسلامي عورتن سان تعصب ۽ عداوت جي ‏بنياد تي ٿي رهيو آھي۔ اهو نعرو عورتن جي آزادي تي ٻڌل ڪڏهن به ڪين آھي بلڪه صرف اسلامي معاشري کي خراب ڪرڻ ‏لاء ھنن کان ڊرامو ڪرايو پيو وڃي ۽ هي به پنهنجي مزي ماڻڻ لاءِ پنهنجي جسم فروشي جي انداز کي مارڪيٽ ۾ متعارف ‏ڪرائي رهيون آھن۔ اهي اڳ ۾ به پنهنجي مرضي سان عياشي ڪن پيون ۽ ڪلھ به اهي رولو هيون ۽ هاڻ ته وري هنن کي ‏ويتر ميڊيا ۽ سياسي سپورٽ به ملي ويئي آهي ، ڀلا هنن جي جسم سان ڪهڙو جبر ڪيو ويو آھي ۽ ڪهڙي رڪاوٽ آهي ‏جنهن لاءِ آزادي کپي؟ پنهنجي گهرن مان آرام سان نڪري ڏينهن رات روڊن تي گهمنديون وتن ٿيون انهن کي اڃا ڪهڙي آزادي ‏کپي؟ اهو ته واضح ڪن ! هنن جو ڪارو ڪردار سڌو سنئون سندن بدنيتين ، خواهشن ۽ بدڪارين تي مشتمل آھي۔ مغربي ‏تهذيب کي ڀليڪار ڪري اسلامي ملڪ اندر بي حيائي کي کلي عام مارڪيٽ ڪرائڻ لاءِ انهن بازارو عورتن کي مهرو بڻايو ‏ويو آهي۔ جيڪي عورتون منهنجو جسم منهنجي مرضي واري طريقي تي هليون آهن ۽ هلن ٿيون انهن کي پنهنجي اولاد جي نسل ‏جي ڪا به خبر نه آھي ته منهنجي جسم مان پيدا ٿيل تن ڪنهنجو بُڻ آھي؟ اهڙو ماحول هت پيدا ڪرائڻ لاءِ مقصد کڻي آيون ‏آهن.‏
    ياد رهي ته اسلامي طريقو نسل جي بقا جو واحد ذريعو ۽ غيرت جو دڳ آھي۔ جيڪو مرد ۽ عورت جي غيرت کي وڌيڪ ‏مضبوط ڪري، نسلن جي حفاظت ڪري ٿو۔ اسلامي نفاذ جي مخالفت ۾ اهي شهوت پسند سندرو ٻڌي عرياني ۽ بي حيائي وارن ‏نعرن کي عام ڪري مسلمان عورتن جي غيرت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيون آهن۔ اهڙين عورتن جو اسلام سان ‏ڪو به واسطو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اسلامي ملڪ ۾ اهڙين بدڪردار عورتن لاءِ ڪا گنجائش ڪونهي۔ هي فتنو انساني عداوت تي ‏رڳو عائد نه ٿو ٿئي پر گهرو معاشري کي تباھ ڪرڻ جي مڪمل سازش آھي جنهن کي صرف هٿي اسلام دشمن قوتون ڏئي ‏ڪري ملڪ کي وڌيڪ پٺتي ڌڪڻ جون ناڪام اٽڪلون ڪري رهيا آھن۔
    غيرت مند عورتن جي لاءِ جيڪي هنن ڄار اڏيا آهن اهي نياڻيون انهن جي ڪڌي ڪردار کان واقف ٿي چڪيون آهن ۽ انشاءَ ‏الله سندن سازشون سندن ئي رسوائي ۽ ذلالت جو باعث بڻبيون.‏
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو