• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جعفر ميمڻ صحافي اديب به وڇڙي ويو

ابراهيم لاشاري

سينيئر رڪن
C:\Users\FAHEEM~1\AppData\Local\Temp\msohtmlclip1\01\clip_image002.jpg
جعفر ميمڻ به ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو

ابراهيم لاشاري

پنهنجي ڌرتي جي هن گولي تي اوهان کي ڪيترن ئي فن وارا انسان ملندا جن پنهنجي ڏات فن سان پنهنجي پنهنجي ڌرتي جو نالو پڻ روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي . هن گلوبل وليج واري جهان منجهه هر خبر جي رسائي لاءِ به ڪيترائي ميڊيا يعني پرنٽ ميڊيا، اليڪرانڪ ، ميڊيا ، سوشل ميڊيا جهڙا فرم وقتائو ڪم ڪندي نظر اچن پيا ، جنهن جي آگاهي سڄي عالم کي ترت خبر جي رسائي مهيا ڪري ٿي اهڙي ئي ڪمن سان لاڳاپيل پنهنجي سنڌ امڙ واري سيني تي ڪيترائي صحافي پيدا ٿيا ۽ بهترين ڪم ڪندي ڪندي واري وڄائي ويا ۽ ڪيترائي صحافي ان مهذب پيشي سان هن وقت به سلهاڙيل آهن جن پنهنجي سماج جي چٽي طرح عڪاسي ڪندا رهن ٿا موجود دور ۾ پڻ هڪ هن دنيا سان لاڳاپيل ناليوارو صحافي ۽ اديب صفت انسان هر هردل عزيز سنڌ ڌرتي جو نهايت ئي بيباڪ صحافي ۽ صحافتي دنيا جو نالو جعفر ميمڻ هو. جيڪو اڄ هڪ نجي اسپتال منجهه پنهنجي حسين زندگي هارائي هميشه لاءِ ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو پاڻ پنهنجي زندگي جو سفر لاڙڪاڻي جي معزز شخصيت جناب سائينداد ميمڻ جي گهر کان پهريون ساهه سيپٽمبر جي مهيني 3 تاريخ سال 1966ع ڌاري ڇنڇر ڏينهن ڪيو هو ، پاڻ ننڍو ٿي وڏو لاڙڪاڻي شهر منجهه ئي ٿيو پڙهائي سان به بهترين لڳا هيس پاڻ پرائمري جي تعليم کان وٺي انٽر جي تعليم لاڙڪاڻو ڊگري ڪاليج منجهان پرائيندو رهيو مڱر گريجوئيشن واري سند شاه عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ماسڪمينيڪيشن واري شعبي سان دلچسپي رکندو هو پڙهڻ ۾ پهڙ هو جعفر ميمڻ صاحب کي صحافتي دنيا سان به گهرو لڳا هوندو هيس پاڻ لاڙڪاڻي منجهان جاري ٿيندڙ روزاني (اڳواڻ ) اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر واري زميواري سان هن دنيا ۾ پير پاتائين ان کان اڳ پاڻ ٻارڻ جي رسالن منجهه شعر ۽ لاجواب ڪهاڻيو لکي پنهنجو نالو نروار ڪريائين اهڙي ريت پاڻ ڏينهون ڏينهن صحافت سان گهري دلچسپي رکندي وقت به وقت اخبارن جهڙوڪ روزاني عوام آزاد ، روزاني سنڌ سڄاڳ ۽ رواني سرواڻ منجهه واهه جو بهترين ذميواري سان ايڊيٽر طور ڪم ڪندي نظر آيو تنهن بعد هن بيباڪ صحافي جو واسطو ڪاوش گروپ ٿي ويو ، پاڻ سال 1992ع ڌاري ڪاوش گروپ جا انهن وقت جا مشهور ۽ مقبول ماهوار ڊائجيسٽ (سنڌ رنگ ، ۽ هالار ) ايڊيٽر طور اهم ذميواري بهترين نموني سان نڀائيندي نظر آيو پاڻ سنڌي ادب جي جهول منجهه (ٻه ڪتاب ) ڏئي ادب جي سونهن منجهه اضافو پڻ ڪيو جن منجهه نوجوانن جو گيت (ترجمو ) ۽ حويلين جو ڪهاڻيون ۽ پوليس نمبر ترتيب ڏنل جيڪي ڪاوش گروپ پاران ڇپيل آهن . پاڻ جوفر ميمڻ تعمير سنڌ ۽ خادم وطن جو ايڊيٽر رهي چڪو هو سال 2004ع کان رواني سنڌ جو ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيائين مڱر هو هن وقت آن لائينوائيس آف سنڌ نيوز هلائيندي نظر ايندو هو پاڻ ڪيترائي ڀيرا حيدرآباد پريس ڪلب منجهه پريس ڪلب جي چونڊ ۾ حصو وٺندو هو ۽ ڪافي اهم عهدن تي ڪم ڪندو رهيو سنڌ جو هي بيباڪ صحافي ڪجهه سال اڳ حيدرآبد شهر ۾ روڊ حادثي منجهه شديد زخمي ٿي پيو هو ۽ پاڻ بيهوش پڻ ٿي ويو سندس کي دوستن ۽ گهر ڀاتين ترت علاج واسطي ڪراچي جناح اسپتال منجهه داخل ڪرايو جتي سندس علاج بهتر نموني ٿي سگهيو هو ۽ خوش ٿي پاڻ صحافتي فرضن سان سلهاڙجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان خوش زندگي گذاري رهيو ۽ صحافت واري قلم سان نڀائيندي نڀائيندي اڄ اوچتو موت سندس مٿان ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو سندس کي وڌيڪ ساهه کڻڻ نهجي مهلت نه ڏني، سنڌ جو هي ناليوارو صحافي پاڻ دل جي تڪليف سسب هي بهترين صحافي بهترين انسان سنڌ پرست قومي جذبو رکندڙ هر دل عزيز انسان جعفر ميمڻ پاڻ زندگي جون 53 بهارون 6 مهينا ۽ 5 ڏينهن گذاري اڄ 8مارچ 2020 ع آچر ڏينهن پنهنجن دوستن ۽ گهر ڀاتين کان موڪلائي هو هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو پاڻ سڄي ڄمار صحافت سان سلهاڙيل رهيو سندس جي وڇوڙي سان سنڌ جي صحافت واري جڳ ۾ هڪ وڏو خال اچي ويو آهي جيڪو ڀرجڻ مشڪل سان ٿيندو پاڻ هاڻ ورسي واري ڏينهن ياد ايندو رهندو آءِ سندس جي اوچتو واري وڇوڙي ۾ سندس جي سڄي ڪٽنب سان ڏک جو برابر جو شريڪ آهيان ،هن ناليواري صحافي جي تدفين لاڙڪاڻو منجهه ٿيندي
 
Back
Top