رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن پر ٽن قسمن جا ڪجه وڌيڪ وڻندا آهن 1 پرهيزگار انسان رب سائين کي پسند آهن پر جواني ۾ پرهيزگار ڏاڍا پسند آهن 2 عاجز ٻانها رب سائين کي پسند آهن پر مال ۽ دولت هوندي به عاجزي ڪن اهي ٻانها تمام گهڻا پسند آهن 3سخي ٻانها رب سائين کي پسند آهن پر جيڪي انسان غربت هوندي به سخاوت ڪن اهي ٻانها تمام گهڻو پسند آهن
جواب: رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن يار لڪي علي! جڙيو هجين هميشه، اڄ اهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي جو ويجهو هجين هان ته مٿي تي هڪ مٺي ڏيانءِ ها ۔۔۔ قبول ڪندا ۔۔۔۔ بيشڪ جوانيءَ جي عبادت، غربت جي سخاوت ۽ اميريءَ ۾ نيازمندي اهڙيون خوبيون آهن جي انسانن ۾ اڻلڀ هونديون آهن پر جي اهي خوبيون پئدا ٿي پون ته انسان جي ڇوٽڪاري واري راهه صاف ٿي ويندي آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
جواب: رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن اسلام عليڪم سائين نثارصاحب تمام گهڻي مهرباني حوصلا افذائي لاء
جواب: رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن سُبحان الله ! اهڙن پرهيزگار، عاجز ۽ سخي ٻانهن تي هميشهه رب ڪريم ذوالجلال ولاڪرام جي جون ڪرم نوازيون رهنديون آهن پر دوستو اهڙا الله سائين جي اهڙن ٻانهن کي هن دور ۾ تلاش ڪجي ڪٿي۔ ادا تنهنجي مهرباني جو الله جي عاجز بندن جي پرهيز گاري، سخاوت جو ذڪر هتي ونڊ ڪيو لک لائق۔
جواب: رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن تمام سٺي ڳالھ، نيڪي جون جيتريون به ڳالھيون شريڪ ڪجن گھٽ آھن۔
جواب: رب سائين کي ٽن قسمن جا انسان وڻندا آهن سائين تمام بهترين قول روايت ڪيو اٿوَ۔۔۔ وقت بوقت اهڙا سهڻا قول ونڊ ڪري روح جي غذا ڏيندا ڪريو۔۔ اوهان جي مهرباني