زندگي ويچاري هر وقت رسڪ تي آهي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    روڊ ويران،هوٽلون سنسان ۽ محفلون بي رونق بڻيل آهن.هر ماڻهو ٻئي کان ڊنل آهي.ڪو ڪنهن سان هٿ ملائيندي يا ڀاڪر پائيندي خوف محسوس ڪري رهيو آهي.اها سڀ ڪورونا جي ڪرامت آهي جنهن ماڻهن کان سندن سموريون خوشيون ۽ محفلن کان سندن رونقون کسي ورتيون آهن.هونئن ڏٺو وڃي ته انساني زندگي ويچاري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن رسڪ تي آهي.ساه جو سڳو نهايت ئي بيوفا ثابت ٿيو آهي ڪنهن به وقت ٽٽي سگھي ٿو.جان ته ڪنهن ٽريفڪ جي حادثي ۾ به وڃي سگھي ٿي،بجليء جي اوچتي شاڪ ذريعي به زندگيء جو ڏيئو وسامي سگھي ٿو،ڪنهن معمولي پٿر تان پير ترڪڻ سبب به موت واقع ٿي سگھي ٿو،دل جي دوري سبب به دل هٿن مان نڪري سگھي ٿي.گردا ۽ جگر فيل ٿيڻ جي صورت ۾ به ماڻهو موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو.مطلب ته موت اڻٽر سچائي آهي جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ ڀڄڻ ممڪن ڪونهي.اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي روزانو سوين انسان بکن وگھي به مري وڃن ٿا،ڪاري ڪامڻ ۽ ايڊز سبب به ڌڙاڌر ماڻهو مري رهيا آهن.دل ۽ ڦڦڙن جون موذي بيماريون به انساني موت جو سبب بڻجي رهيون آهن.عمارتون ڪرن ٿيون ۽ ماڻهو انهن جي ڍيرن هيٺان دفن ٿي وڃن ٿا.ملاوت واريون کاڌي جون شيون ۽ ٻيو نمبر دوائون استعمال ڪرڻ سان مرندڙن جو انگ به ڪو گھٽ ناهي.مطلب ته ويچاري عوام لاء قدم قدم تي هڪ ڪورونا آهي جيڪو کين جيئڻ جي حق کان محروم ڪندو رهيو آهي.مذهب جي سکيا مطابق هر انسان جي مرڻ جو هڪ ڏينهن مقرر آهي ۽ جنهن کي جنهن بهاني مرڻو آهي اهو انهيء ئي بهاني سان مري ويندو پر انساني ذهن ڪڏهن به وهم،گمان،انومانن،انديشن ۽ خوف کان خالي ناهي رهيو.زندگي ڪيڏي به ڏکي ڇو نه هجي بهرحال ان کي بچائڻ لاء هر انسان هر وقت ڪا نه ڪا ڪرت ڪندو رهي ٿو.قدرتي آفتن،وبائن ۽ بيمارين جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انساني تاريخ.انهن وبائن ۽ آفتن سان انسان ازل کان مختلف طريقن سان وڙهندو آيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اهي آفتون ۽ بيماريون انساني نسل کي ڌرتيء جي هن گولي تان ڪڏهن به مٽائي نه سگھيون آهن.جتي سک آهن اتي ڏک به آهن،جتي صحت آهي اتي بيماريون به آهن ۽ جتي ّخوشيون آهن اتي غم به آهن.اها ئي زندگي آهي.ابدي سڪون هن دنيا ۾ ميسر ڪونهي،دائمي خوشي هن دنيا جي جنس ڪانهي.سو هن جهان ۾ جيئڻ لاء ماڻهوء کي گھڻي حوصلي جي گھرج ٿئي ٿي.قدرتي آفتون ۽ وبائون جتي اسان لاء مصيبت ۽ پريشانين جو سبب بڻجن ٿيون اتي اسان جي گڏيل شعور،صبر،همت ۽ حوصلي جي آزمائش جو به سبب بڻجن ٿيون.اها آزمائش خاص طور تي قومن جي ليڊرشپ جي ٿئي ٿي ته اهي انهن ڏکين گھڙين ۾ قوم کي ڪيئن ٿا حوصلو ڏيارين ۽ ڪيئن ٿا قوم کي ان بحران مان پار ٿيڻ ۾ سندن مدد ڪن.ڪورونا بحران نهايت ئي سخت ضرور آهي پر اهڙو به ناهي جنهن مان پار پئجي نه سگھجي جنهن جو تازو مثال اسان جو پاڙيسري ملڪ چين آهي.پر اسان جي قومي ليڊرشپ ڇا ڪري رهي آهي؟جيڏانهن نهارجي ٿو ته مايوسي ئي مايوسي نظر اچي ٿي.بحران مان نڪرڻ لاء ڪو لاحئه عمل ته ٺهيو پر هتي ته ڪا سنجيدگي ئي نظر نٿي اچي.ملڪ جو وزير اعظم جڏهن عوام سان ڳالهائيندو آهي ته اهو عوام کي رڳو ڀاشڻ نه ڏيندو آهي پر ڪجهه بنيادي ۽ عملي قدمن جو به اعلان ڪندو آهي پر هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي.دنيا ۾ڪورونا جي آفت آئي لڳ ڀڳ چار مهينا ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جا 168 ملڪ ان جي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن.انهيء سموري عرصي دوران تبديلي سرڪاري ڪهڙا پاپڙ ويليندي رهي ڪا خبر ناهي.چئن مهينن بعد جڏهن خانصاحب ٽي وي تي قوم کي پنهن جي زيارت نصيب ڪئي به ته سواء مايوسين جي ڪجهه به ڏيئي نه سگھيو.جڏهن ملڪ جو وزير اعظم چوي ته جيڪر لاڪ ڊائون ڪيوسين ته ماڻهو بکن وگھي مري ويندا ته اهو حڪومت ۽ رياست جي ناڪامين جو کليو اعتراف ناهي ته ڇا آهي؟مطلب ته حڪومت وٽ ان آفت سان مقابلو ڪرڻ جي نه ته سگھه آهي ۽ نه ئي صلاحيت.خانصاحب کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته عوام جي کاڌ خوراڪ توڙي صحت جي ذميداري رياست ۽ حڪومت تي هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا حڪومت اها ذميداري پوري نٿي ڪري سگھي ته ان جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪهڙو جواز باقي رهي ٿو؟ايئن ٿي لڳو ته وزير اعظم ان معاملي ۾ قوم سان ڳالهائڻ به پسند نه پئي ڪيو بلڪه شايد ڪنهن کيس مجبور ڪري ان تقرير لاء راضي ڪيو هو.جڏهن وزير اعظم هڪ آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي اهو ٻڌائي رهيو هو ته پاڪستان وٽ اها جنگ وڙهڻ لاء نه ته وسيلا آهن ۽ نه ئي صلاحيت ته ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته عوام ڄاڻي عوام جو ڪم ڄاڻي،حڪومت جو ان معاملي ۾ ڪجهه به نه وڃي.عوام جيڪر پنهنجو پاڻ کي موت کان بچائي سگھي ٿو ته ٺيڪ نه ته خوشيء سان مرڻ لاء تيار ٿئي.خانصاحب وٽ ٻين بحرانن جيان هن بحران جو به جيڪر ڪو ڪافي ۽ شافي حل موجود آهي سو اهو ته ” گھٻرائڻو ناهي.“ وفاقي حڪومت جي سنجيدگيء جو اندازو تافتان بارڊر تي ايندڙ زائرين جي مناسب جاچ نه ڪرڻ،هڪ طاقتور مشير جي مداخلت تي ماڻهن کي بنان اسڪرينگ جي ملڪ ۾ داخل ڪرڻ،صوبائي حڪومتن سان مناسب سهڪار نه ڪرڻ وارن سمورن معاملن مان چڱيء طرح لڳائي سگھجي ٿو.عوام سان لاتعلق بڻيل وزير اعظم عوام کي اهو سمجھائي رهيو هو ته انهن جا حڪمران انهن لاء ڪجهه به ڪري نٿا سگھن.نه ته انهن ۾ اهڙي صلاحيت آهي ۽ نه ئي انهن جي نيت.انهن جو ڪم رڳو ماڻهن کي ڦرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙڻ آهي.حيرت آهي جو دنيا ۾ ڪورونا متاثرين جو انگ ٻه لک،ٽي سو اوڻونجاه ٿي چڪو آهي جن مان 8165 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن پر اسان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نٿي رينگي.سنڌ حڪومت پنهنجن محدود وسيلن هيٺ جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي انهيء تي وفاقي حڪومت کيس همتائڻ بدران سندن ڪم ۾ رنڊڪون وجھي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان ان آفت کي منهن ڏيڻ لاء مدد جي طور جيڪي جائز مطالبا ڪيا آهن انهن تي به ڪو غور ۽ ويچار نه پيو ڪيو وڃي.نه ته ٽرينن جي سفر تي پابندي ٿي عائد ڪئي وڃي ۽ نه ئي بين الاقوامي اڏامن تي پابندي ٿي لڳائي وڃي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کي گھربل طبي سامان ٿو مهيا ڪيو وڃي.خطرو آهي ته جيڪر وفاقي حڪومت ۽ رياست پنهنجو غير ذميداريء وارو رويو تبديل نه ڪيو ۽ هن معاملي ۾ پوري سنجيدگيء جو مظاهرو نه ڪيو ته ملڪ ۾ حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون ۽ خان صاحب جو ”گھٻرائڻو ناهي“ وارو نعرو هڪ مشڪري بڻجي ڪري رهجي ويندو. ظلم جي انتها ته ڏسو جو خبرون آهن ته انهن سنگين حالتن ۾ وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڄرو تيل ۽ گيهه جي اگھن ۾ اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.لڳي ٿو ته هاڻوڪي تبديلي سرڪار عوام جو رت ست ست نپوڙڻ جو ئي پروگرام کڻي ميدان ۾ لٿل آهي.هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي سامهون رکندي سڪو راشن خريد ڪري ماڻهن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو قدم آهي جنهن جي واکاڻ ڪري سگھجي ٿي.ٻئي طرف تبديلي سرڪار جو سرواڻ آهي جيڪو اعلان ڪري رهيو آهي ته هو عوام لاء ڪجهه به ڪري نٿو سگھي،جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي سو عوام کي پاڻ ڪرڻو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو