ميڪسم گورڪي

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ نور راچپر طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2020۔

  1. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ميڪسم گورڪي

    سنڌيڪار نور راڄپر

    ميڪسم گورڪي جو اصل نالو اليڪسي پيشڪوو آهي ، ميڪسم جو جنم 1868 ۾ روسي شهر نيزني نو گورود ۾ بڙهتي گهراڻي ۾ ٿيو. ميڪسم جا والدين سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويا هئا اُن ڪري ميڪسم جي پروش سندس ناني جيڪو انتهائي سختگير قسم جو انسان هو ڪئي هئي . انتهائي غربت ۾ هجڻ ڪري ميڪسم کي 11 سالن جي عمر کان سخت محنت مزدوري ڪرڻي پئي ، ننڍپڻ کان ئي ميڪسم جي زندگي ڏاڍي تلخ هئي جنهن جي ڪري هن پنهنجو تخلص ميڪسم گورکي رکي ڇڏيو هو روسي ٻولي ۾ لفظ گورکي جو مطلب تلخ آهي جڏهن ميڪسم سندس والد جو نالو هو

    ميڪسم گورڪي ادبي سرگرميون جلد شروعاتي دور ۾ ڪري ڇڏيون هنيون ، نوجواني ۾ اُن پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٽن حصن تي مشتمل لکيون هنيون جنهن جا عنوان هي هنيا، ننڍپڻ، ماڻهن جي وچ ۾ ۽ منهنجون يونيورسٽيون . اصل ۾ گورڪي ڪنهن به يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه ڪئي هئي ميڪسم يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاء ڪوششون ڪيون هنيون پر انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري سندس کي ڪيترائي دفعا گرفتار ڪيو ويو هو ۽پوليس سندس هر وقت نگراني ڪرڻ لڳي هئي جنهن ڪري هو يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. اُن.ئي زماني ۾ گورکي مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سندس ڪوشش انتهائي ڪامياب ثابت ٿيون ، پنهجي ناولن ۽ ڊرامن ۾ مڪسيم گورکي روس جي تاريخ ۽ اُن دور جي ڏکين حالتن ۽ نئي سماج جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ تمام گهڻو تفصيل سان لکيو آهي اُنهن لکڻين جي ذريعي ميڪسم کي وڏي شهرت حاصل ٿي اُن جو مشهور ترين لکيل ناول ماء آهي جنهن ۾ اُن نئي قسم جا ڪردار اُڄاگر ڪيا عالمي سطح جي اديب جي حيثيت ۾ گورڪي ڪيترائي رزميه داستان لکيا . اُن کان علاوه ڪيترائي ڊراما جيڪي اڄ قابل توجه آهن جنهن جي حيثيت اڄ اهڙي آهي لکيا آهن

    ميڪسم گورڪي کي انتهائي ڏکئي زماني ۾ جئيڻ نصيب ٿيو هو جڏهن روس ۾ هڪد بعد ٻين ٽي انقلاب برپا ٿيا، گهرو جنگ ۽ ٻيون ڪيتريون تخريب ڪاريون ٿيون هنيون . گورڪي اشتراڪي اصلاحن جو حامي هو هڪ فنڪار جي طور تي هن ملڪ جي نئي حاڪمن جي پاليسين کي تنقيد جي نگاه سان ڏسندو هو هو ڊگهي عرصي تائين ٻين ملڪن ۾ ايندو ويندو هو اُن ڪري اُنهن مختلف ملڪن ۾ ٿيڻ واري سماجي اُٿل پٿل جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو هو. جنهن ڪري هن جي ذهن ۾ هو ته روس جا نوان حڪمران ڪيتريون ئي غلطيون ڪري رهيا آهن، اُن باوجود ته حڪومت اُن کي پنهنجي تصورن جو ترجمان بنائڻ لاء ڪوشان هئي پر پوء به گورڪي حڪومت جا ڳڻ ڳائڻ ۾ ڪا به جلد بازي نه ڪئي

    ميڪسم گورڪي هڪ عظيم شخص هو ، هو اخلاقي اصولن جو وڏو قدر ڪندو هو. هڪ غريب شخص مان وڏي اديب ۾ تبديل ٿيڻ باوجود اُن جي ماڻهن سان همدردي گهٽ نه ٿي ، گورڪي عوام جي لاء گهڻو ڪجھ ڪيو هن کي ڪيترن ئي ماڻهن مالي ۽ نفسياتي مدد جي درخواستون ڪيون هن جو جيترو وس هلندو هو، اُنهن سڀنين جي مدد ڪندوهو

    ميڪسم گورڪي جو نالو جيتوڻڪ سنڌ ۾ نئون ناهي سندس لکڻين کي اڄ به سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو . مڪيسم گورڪي جي لکڻين جوسنڌي ٻولي سميت ننڍي کنڊ توڙي دنيا جي بي شمار غير ملڪي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي . هن مشهور اديب جي ياد دنيا جي مّظلوم قومن توڙي ملڪن ۾ اڄ به زنده آهي . مثال طور انڊيا جي شهر ڪلڪتا ۾ مڪسيم گورڪي جي نالي سان هڪ روڊ منصوب ڪيو ويو آهي . ڪيترن ئي ڪلبن کي ميڪسم گورڪي جو نالو ڏنو ويو آهي روس ۾ ڪيترائي روڊ ، جهاز ۽ ٿيٽر وغيره گورڪي جي نالي سان منصوب ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس جا مجسما لڳايا ويا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو