• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب يارنهن ڄڻا فوت، متاثرن جو انگ چوڏنهن سئو اٺ ٿي ويو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سوبيا
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سوبيا

سينيئر رڪن
28-march-coronapakistanhalaton.jpg


(ڇنڇر 28 مارچ 2020ع) اڄ ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 35 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي ۽ ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ 5 فوتگيون هينئر تائين پنجاب ۾ ٿيون آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ وڌيڪ نون ڪيسن کان پوءِ گڏيل ڪيسن جو انگ 1408 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب گڏيل طور تي 11 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جن مان پنجاب ۾ سڀني کان وڌيڪ 5 فوتگيون ٿيون آهن. جتي لاهور ۾ 3، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 3، بلوچستان، سنڌ ۽ گلگت ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي چڪي آهي.

رپورٽ موجب اڄ ڇنڇر واري ڏينهن هينئر تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 35 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي به رپورٽ ڪيا ويا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ ڇنڇر جي ڏينهن هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 17 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن پر صوبائي ترجمان طرفان ان ڪيسن جي اڃان تائين تصديق ناهي ڪئي وئي. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 440 مان وڌي 457 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد:

ڇنڇر جي ڏينهن سرڪاري پورٽل تي اسلام آباد ۾ وڌيڪ 12 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن جن جي تصديق ضلعي حڪومت طرفان اڃان تائين ناهي ڪئي وئي پر سرڪاري پورٽل تي نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ شهر ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 39 ٿي ويو آهي.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا هينئر تائين 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن پر صوبائي ترجمان ان ڪيسن جي فوري طور تي تصديق ناهي ڪئي. گلگت بلتستان: گلگت بلتستان ۾ اڄ ڇنڇر جي ڏينهن هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 4 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي آهي پر صوبائي ترجمان فوري طور تي ان ڪيسن جي تصديق ناهي ڪئي.

پنجاب:

جمعي جي ڏينهن پنجاب ۾ ڪورونا جا 2 مريض فوت ٿي ويا هئا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 5 ٿي ويو آهي. لاهور جي ميو اسپتال ۾ 73 ساله بزرگ ۽ فيصل آباد ۾ 22 ساله نوجوان ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو هو. ميو اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ 73 ساله مريض جي طبيعت خراب ٿي ته عملي آڪسيجن يا دوا ڏيڻ بجاءِ کيس بيڊ سان ٻڌي ڇڏيو هو جنهن تي مريض رڙيون ڪندو رهيو ۽ طبي امداد نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو. جمعي تي پنجاب ۾ وڌيڪ 85 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل انگ 490 ٿي ويو آهي.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ جمعي تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 57 ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ وائرس جي لاڳاپيل ڪيسن جو انگ 180 ٿي ويو آهي جڏهن ته صوبي ۾ هينئر تائين فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير:

خميس جي ڏينهن ميرپورآزاد ڪشمير ۾ هڪ ٻئي مريض ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ آزاد
ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.
https://onlineindus.com/sindhi/97240
 
Back
Top