ضمير حيدر جو مَنُ هر منظر سان ڳالهائي ٿو....! فقير محمد سنڌي ها اوهان جي شهر ۾ پيارا رهڻ آ ڳالهه ٻي ، ڇونه ٿا پنهنجي رهيو آڱرين جي ويجهڙو. اينگلس جو ذهني خاڪو آهي ته : "انسان جو سڀ کان آڳاٽو پورهيو ڳالهائڻ جو عمل ئي آهي " اهو ڳالهائڻ هاڻي فنون لطيف ۾ پنهنجا کوڙ ساترا پاسا وراثت کنيا آهن، جنھن ۾ شاعريءَ جو حصو دنيا جي ادب لاءِ اهميت جوڳو آهي.. سنڌ جي ساڃاهه وند ضمير حيدر جو لاڳاپو به شاعريءَ سان آهي، جيڪا انساني جذبن جي ترجماني ۾ اولين درجي سان شمار ٿئي ٿي. اها ئي سگھ فنون لطيف ۾ سگهاري نموني تاريخ ۾ امر رهي ٿي، جا واٽ ضمير حيدر پنهنجي لاءِ منتخب ڪئي آهي. ضمير حيدر شاعريءَ جي شروعات توڙي جو 2005ع کان ڪئي آهي، پوءِ به ڪافي ادب دوستن کان شاعريءَ ۾ سرس نظر اچي ٿو. ضمير حيدر شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد اهو حاصل ڪيو آهي جيڪو خد به هڪ متحرڪ شاعر ۽ لاجواب آواز جو مالڪ ڪوڙل قربدار آهي. ضمير حيدر 2 اپريل 1981ع تي ڳوٺ دريا خان چانڊيي ۾ نياز حسين چانڊيو جي گهر جنم ورتو. ضمير حيدر جو اصل نالو ضمير حسين آهي، ادبي کيتر ۾ ضمير حيدر جي نالي سان سڃاڻپ رکي ٿو. شاعريءَ جي ڪيفيت ۽ جذبا جڏهن به ترتيب ۾ آيا آهن ته اھي ترنم جو روپ اختيار ڪري ويندا آهن، ضمير حيدر جي تخيل مان ڪجهه سٽون جيڪي درد جو درمان آهن! هن جو ڪجھ آڻي ڏنو گلاس ۾، ڏار پئجي ويا وڏا وشواس ۾. رت ڦڙا ڏسندي زمين تي دوستو! لوڪ سارو پئي رنو احساس ۾. ياوري دل جو بار هلڪو ڪندي هئين ٿو چوي. ڪجھ اگَر سان گڏ ڏيئا اڄ اي ضمير، رات ساري پئي جليا ڪتبي مٿان. ضمير حيدر شاعريءَ جي سفر ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي محنت کي ماهوار ادب حيدرآباد جي رسالي ۾ ڏٺو ته اها تخليق ضمير حيدر جي زندگيءَ ۾ اتساھ ڀريو ۽ اهو اتساھ، ڪتاب" نئون نئون مڌ آ" جي زينت بڻيو اهڙي طرح، "ادب آب حيات" ڪتاب جي حسين ورقن کي به چميو. ضمير حيدر جي اها چمي سنڌي ادب لاءِ برقرار آهي جا، غزل، گيت، وائي، بيت، چوسٽا ۽ تروينن ۾ اڄ به پنهنجي جذبن جي عڪاسي، سماج جا عڪس، اولڙا ۽ مقصد شامل آهن ، جيڪا معاشري کي پرلطف بڻائڻ ۾ مددگار آهي، اها ئي پياري ضمير حيدر ڪاميابي آهي. آخر ۾ ضمير حيدر لاءِ لطيف سائين جون هي سٽون ته : سهسين سائر گجن، توءِ سهج نه مٽي سهڻي، ته ڪي نينهن ڇڄن، پر تهين پرين جي.