پاڪستان ؛ مظلوم قومن جي تحريڪ ..... نظريو ۽ تنظيم

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ نور راچپر طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2020۔

  1. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    نور راڄپر

    2008 جي عالمي اقتصادي بحران کانپوء دنيا سڄي ۾ اُڀرڻ وارين تحريڪن سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوء ڦليل ماٺار کي ٽوڙي ڇڏيو آهي انهي جو هڪ بهترين مثال 2011 جي عرب بهار آهي جنهن عرب ملڪن ۾ ڪيترن سالن کان اقتدار تي ويٺل بادشاهتن جو خاتمو ڪيو، پر هي به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن هي طوفاني تحريڪون انقلابي قيادت جي غير موجودگي جي ڪري ناڪام ٿيون ته اُن جي جڳه بربريت ورتي. ڪنهن به سماج ۾ ظلم ، جبر ۽ استحصال جي خلاف اُڀرڻ واريون تحريڪون پنهنجي معروضي حالتن جي مطابق انهي ظلم ، جبر ۽ استعحصال جي خلاف پنهنجي مخصوص نوعيت ۽ قوت جي ساٿ سان مزاحمت جا دليراڻو عمل زنده رکنديون آهن_ سڄي دنيا ۾ سماج جي اندر ناهموار ۽ گڏيل ترقي جي بدولت انهن تحريڪن جون حرڪتون ۽ ڪيفيتون جتي الڳ الڳ هونديون آهن ته ساڳئي وقت انهن سڀنين تحريڪن ۾ هڪ بنيادي قدر هڪجيهڙو هوندو آهي ته عوام موجوده دورجي سياسي ، سماجي ۽ معاشي نظام سان بيزاري ۽ نفرت جو اظهار ڪندا آهن. اگر اسان وڌيڪ واضع ڪنداسين ته اُهو چئي سگهون ٿا ته پهرئين دنيا ۾ احتجاجي تحريڪن جو محور جهموري کان وڌيڪ معاشي ۽ طبقاتي هوندوآهي جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين دنيا ۾ پلجندڙ احتجاجي تحريڪن ۾ معاشي ۽ طبقاتي مطالبن سان گڏو گڏ جمهوري حق به هڪ اهم مقام رکن ٿا _ تحريڪن ته وڌيڪ ڳاله ڪرڻ کان پهريان اسان هي ڳاله سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته آّخر تحريڪ هونديون ڇا آهن ؟ انهي جي شروعات ڇو ٿيندي آهي ؟ ۽ تحريڪ کي عمومي طور تي ڪيهڙن مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي ؟

    تحريڪ

    جئين ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته انساني تاريخ جي ارتقاء طبقاتي جدوجهد جي مرهون منت رهي آهي يعني تهذيب جي مختليف دورن ۾ مختلف پيدواري نظامن جي تحت انساني تاريخ ۾ اڄ تائين جيڪا ارتقاء ٿي آهي انهي ۾ حرڪت ۽ ترقي سماج جي متضاد ۽ متحارب طبقن جي ٽڪراه جي سبب ٿي آهي ۽ انهي تضادن جو معياري اظهار تحريڪن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. عمومي طور تي ۔سماج جي اندر پلجندڙ حالتن ، واقعن ۽ حادثن جي پيش نظر اهڙيون ڪيتريون تحريڪون جنم وٺن ٿيون جنهن ۾ عوام سکندو آهي ته هي سڀ تضاد انقلاب ۾ آخري تجزيعي ۾ وري انهي طبقاتي نظام سان ملن ٿا ـ هي صورتحال جهموري حقن جي تحريڪن ۾ به آهن جنهن جي لاء عظيم انقلابي استاد لينن قومي سوال جي باري ۾ چيو هو ته قومي سوال آخري تجزيي ۾ ماني ڳڀي جو هوندو آهي ـ اڄ اسان ڏسون ٿا ته سرمائداري جي زوال پذيري جي سبب قومي سوال ٻيهراُڀري رهيو آهي جيڪو هن نظام جي ڪمزور ۽ نامياتي بحران جي غمازي ڪري رهيو آهي ۔

    اسان هتي تحريڪ جي عموميت، اُڀار، نوعيت ۽ اٿڻ جي حوالي سان ڳالهائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته انهي بحث کي اسان پاڪستان جي اندر جمهوري تحريڪن سان جوڙي سگهون

    جدليات جو قانون آهي ته مقدار انهي وقت معيار ۾ بدلجندو آهي جڏهن مقداري تبديلي پنهنجي عروج تي پهچندي آهي ـ تحريڪون به انهي جدلياتي قانون جي تحت اڀرنديون آهن ۽ سماج جي اندر پلجندڙ حالتن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ برپا ٿيڻ واري تباهي، ظلم، بربريت ، استحصال ۽ جبر جي خلاف عوامي ڪاوڙ کي مقداري واڌاري سان معياري اظهار ڏينديون آهن ۽ پوء اُن مخصوص خطي جا ماڻهون اُن تحريڪ سان جڙي وڃن ٿا ۽ تحريڪ کي شڪتي ۽ طاقت ڏيڻ لاء پنهنجيون سڀ توانائينون خرچ ڪن ٿا، جنهن سان تحريڪ اڳتي وڌندي هڪ وڏي طاقت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ـ پر تحريڪ جي اڳتي وڌڻ ۽ مظبوط ٿيڻ سان گڏو گڏ رياست ۽ حڪمران طبقي پاران انهي تحريڪ جي مخالفت ۾ به اضافو ٿيندو ويندو آهي يعني هتي اُهو ئي اختلاف ۽ تضاد کلي سامهون اچڻ شروع ٿيندو آهي،جيڪو انهي اڀرندڙ تحريڪ ۽ مخالف قوت يعني رياست ۽ حڪمران طبقي جي وچ ۾ هوندو آهي ـ اگر اسان جمهوري تحريڪن جي حوالي سان پاڪستان جي باري ۾ ڳاله ڪيون ته هتي مظلوم قومون پنهنجي جهموري حقن جي جدوجهد جي لاء انهي وقت کان برسر پيڪار آهن جڏهن کان هي رياست برطانوي ۽ آمريڪي سامراجي مقصدن جي تڪميل لاء تخليق ٿي آهي پاڪستاني رياست سامراجن جي گماشته رياست هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجا سامراجي مقصد به رکي ٿي ۽ گذريل 71 سالن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي تحريڪون اُڀريون آهن جن ان گماشته رياست جي سامراجي مقصدن کي للڪاريو آهي انهن ۾ پشتون، بلوچن، سنڌين، بنگالين ۽ سميت ٻين مظلوم قومن ۽ مظلوم طقن جي تحريڪون سرفهرست آهن ـ سرمائيدارڻا نظام جئين جئين پنهنجي نامياتي تضادن جي بار هيٺان دٻجي انتشار جو شڪار ٿي رهيو آهي تئين تئين هن نظام جي خصي پڻي جي سبب نت نوان مسئلا جنم وٺي رهيا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ عوام اُن نظام جي ظلم ۽ استحصال جي خلاف مختلف شڪلين ۾ احتجاجي تحريڪون هلائي رهيو آهي. فرانس جي اندر گذريل ٻن مهينن کان ييلو ويسٽ (ڦڪي واسڪٽ ) تحريڪ فرانس سميت سڄي يورپ جي اندر هلچل مچائي ڇڏي آهي انهي کان علاوه پهرين آڪٽوبر 2017ء تي اسپين جي رياست ڪيٽالونيا ۾ سپين کان عليحدگي جي مسئلي تي ريفرنڊم ٿيو جنهن ۾ 92 سيڪڙو جي ويجهو عوام اسپين کان عليحدگي جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر نظام جي خسي پڻي جي ڪري اُن ترقي يافته سرمائيدارملڪ به مسئلي کي جمهوري انداز ۾ حل ڪرڻ بجاء تحريڪ کي جبر ذريعي ڪچلي ڇڏيوـ ساڳئي سال 25 آڪٽوبر تي ڪردستان جي حق۾ آمريڪي سامراج جي پردي پٺيان حمايت سان ڪردن عراق ۽ ترڪي جي اندر ورهايل ڪردن کي گڏائڻ لاء ريفرنڊم ڪرايو جنهن ۾ 96 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن حمايت ۾ ووٽ وڌو پر اُن خطي ۾ وسيع تر آمريڪي سامراجي مقصدن جي سبب ريفرنڊم تي اڄ تائين ڪو به عمل درآمد نه ٿيو پر اُلٽو ترڪ سامراج ترڪي جي اندر ڪردن جي مٿان ظلم ۽ جبر۾ واڌارو آڻي ڇڏيو۽ هاڻي ڪردن جو مسئلو پهريان کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي

    هزارين ماڻهو ڪيٽولونيا جي آزادي لاء احتجاج ڪري رهيا آهن

    اهڙي طرح اسان جڏهن پاڪستان ۾ ڏسو ٿا ته گذريل سال جي شروعات م ڪراچي ۾ نقيب الله محسود جي بي رحماڻي قتل جي خلاف جيڪا تحريڪ اُڀري انهي تحريڪ هڪ طرف سڄي پشتون قوم سميت ٻين مظلوم قومن کي به جنجهوڙي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف پاڪستاني رياستِ جي پشتون علائقن ۾ سامراجي پاليسين کي پرده فاش ڪندي رياست جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي ـ جئين ته اسان پهريان ئي لکي چڪا آهيون ته هن تحريڪ پشتون سماج جي اندر حمايت جا وسيع بنياد بنائيندي رياستي جبر ، ظلم ۽ استحصال کي آشڪار ڪيو. پشتون تحفظ مومينٽ دراصل پشتون سماج جي اندررياستي ظلم و جبر ۽ عالمي سامراجي دهشتگردي جي خلاف چاليهن سالن کان پچندڙ حالتن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ وقع پذير ٿي هي تحريڪ بنيادي طور تي 2001ء کان شروع ٿيندڙ “ دهشتگردي جي خلاف جنگ ” جي آڙ ۾ فاٽا جي علائقن جي اندر انهي رياستي آپريشن جي ظلم و جبر جي خلاف اُڀري
    آهي ـ هن تحريڪ جنهن هڪ طرف رياست جا بنياد هلائي ڇڏيا آهن ته ٻئي طرف تنگ نظر قوم پرستي جو لبادو پهريل روايتي قوم پرست قيادت کي به تاريخ جي ڪوڙي دان ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي .بلوچستان جي اندر گذريل ستر سالن کان آزادي جي تحريڪ موجود آهي جيڪا وقتن به وقتن منهن ظاهر ڪندي رهي ٿي جڏهن ته نواب اڪبر بگٽي جي رياستي قتل کان شروع ٿيندڙ موجوده تحريڪ گهڻي ڪمزور ٿي چڪي آهي پر ختم ڪڏهن ناهي ٿي سگهي،انهي کان علاوه گلگت بلستان، ڪشمير ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ قومي سوال جي حوالي سان ماڻهن جي اندر پريشاني موجود آهي پر جدوجهد جي گهٽتائي آهي ـ جڏهن ته ٻئي طرف انهن سڀني جهموري حقن جي حاصلات لاء جدوجهد ڪرڻ واري تحريڪن سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ معاشي مطالبن جي ڏانهن اُڀرڻ واريون پورهيتن جون مختلف تحريڪون موجود آهن جيڪي جيتوڻڪ هڪٻئي کان الڳ ٿلڪ هلي رهيون آهن پر حڪمران طبقي جي معاشي حملن مٿان حملا هنن جو ڌيان ويجهي مسقبل ۾ هڪ گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو

    نظريو

    عظیم مارڪسي استاد لینن جو هڪ قول آهي ته انقلابي نظريي کانسواء ڪا به انقلابي تحريڪ ڪامياب نٿي ٿي سگهي ـ ڪامريڊ لينن جا هي لفظ ڪيتري حد تائين درست آهن اسان کي انه جو اندازو هر انهي عوامي تحريڪ مان ملي ٿو جيڪي اڄ تائين دنيا ۾ نمودار ٿيون آهن ـ جن تحريڪن جي قيادت وقت سان هلندي پنهنجي معروضي حالتن جي مطابق پنهنجي تحريڪن کي نظرياتي بنياد فراهم ڪيا، اُهي تحريڪون ڪامياب وئيون، جڏهن ته غلط ۽ فرسوده نظرين سان گڏ هلندڙ حتمي تجزيي ۾ صرف هوا جو جهونڪو ثابت ٿي ، سماج مٿان حڪمران طبقي ۽ رياستي جبر جي وڌيڪ واڌاري جو سبب بنيون. اُن حوالي سان اسان وٽ اهڙا مثال موجود آهن جن کي هن مضمون ۾ بحث هيٺ آڻي سگهون ٿا.

    عام دورن ۾ هر نظام جي اندر غالب نظريا حڪمران طبقي جي مفادن جي ترجماني ۽ نگراني ڪن ٿا ـ انهن جي موجودگي مان حڪمران طبقو هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انهن جي نظرين کان علاوه سڀ نظريا غلط آهن جڏهن ته حقيقت ۾ هر نظام جي اندر حڪمراني طبقي جي مقابلي ۾ مظلوم طبقي جا پنهنجا نظريا هوندا آهن جن جي ذريعي هو پراڻِي نظام جي ظلم ۽ جبر ۽ استحصال کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ـ پر هتي هي ڳاله سوچڻ جي آهي ته ڪنهن به عوامي تحريڪ جي لاء درست ۽ غلط نظريي جي نشاندهي ڪرڻ تمام ضروري آهي،ڇو ته ان ڳاله جي نشاندهي ڪرڻ کان بغير تحريڪ ناڪام ٿي ويندي ـ اُن حوالي سان اگر موجوده دور ۾ اُڀرڻ وارين جهموري تحريڪ جي باري ۾ ڳاله ڪيون ته اسان ثابتي سان چئي سگهون ٿا ته جن نظرين (لبرل ازم ، قوم پرستي وغيره ) جي زريعي سرمائداري جاگيرداري مان جان ڇڏائي هئي هاڻي انهن نظرين جي ذريعي اُن ظالم ۽ استحصالي سرمائدارڻا نظام مان ڇوتڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي ۽ سرمائداري جي حدن ۾ رهندي اڄ ڪا به مظلوم قوم پنهنجا جهموري حق حاصل نٿي ڪري سگهي ـ اِهو ئي سبب آهي جو محڪوم ۽ مظلوم قومن کي مرحلي واريت جي بجائي پنهنجي حقن جي جدوجهد کي سرمائدارڻي نظام جي خاتمي جي جدوجهد سان گڏائي ڏسڻ جي ضرورت آهي

    نظرين جي افاديت ۽ اهميت

    جئين ته اسان انقلابي استاد لينن جي قول جو مٿي ذڪر ڪيو ته ماضي جي ڪنهن به ناڪام ٿيڻ واري عوامي تحريڪ جو مطالعو ڪندي آساني سان اسان انهي امر کي سمجهي سگهو ٿا ته تحريڪ جي ڪاميابي جي لاء درست نظرين جو هجڻ ڇو ضروري آهي۔ اڄ جي دور ۾ سڄِي دنيا ۾ خاص ڪري وچ اُوڀر ۾ 2011ء جي دوارن انقلابن جتي سڄي دنيا ۽ خاص ڪري عرب خطي کي ڍوڏي ڇڏيو، پر ٻئي پاسي انهن سڀني انقلابي تحريڪن وٽ صيحح نظرين جي کوٽ انهن انقلابن کي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو ۽ اڄ اُن سڄي خطي ۾ عالمي ۽ علاقائي سامراجين پنهنجي پنهنجي مفادن جا اڏا کولي رکيا آهن جتي اُنهن قتل ۽ غارت گري جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي ـ پاڪستان جي اندر مظلوم قومن پاران به ڪيتريون ئي تحريڪون هلي چڪيون آهن ۽ هلي رهيون آهن پر انهن سڀنين گذريل ۽ هلندڙ تحريڪون جو اگر تجزيو ڪيو وڃي ته اڪثر تحريڪون ڪامياب ٿيڻ بجاء ناڪام ٿيون آهن انهن مان ڪي هڪ ٻه ڪامياب به ٿيون آهن (مثال بنگالين جي جدوجهد آزادي ) بنگالين کي پنهنجا قومي حق ته ملي ويا پر غريب عوام اڄ به ماضي جي طرح ذليل خوار ٿي رهيو آهي ، فرق صرف ايترو آهي ته اڳي غير قوم سان تعلق رکڻ وارا انهن جي گردنن تي سوار هنيا ۽ اڄ اُن جي پنهنجي قوم جو مٿيون طبقو انهن جو رت پي رهيو آهي ـ سويت يونين جي ڪرڻ کان پوء مظلوم قومن جي سياسي پارٽين جي اندر ترقي پسند نظرين ۽ خيالن جو بلڪل خاتمو ٿي ويو ۽ اڄ سڀنين پراڻين قومپرست پارٽين ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين ۾ ڪو به فرق ناهي رهيوـ غلط ۽ پراڻ پسند نظرين جي ڪري هي سياسي قوتون يا ته موقعي پرستي جو شڪار ٿي ويون يا وري مهم جوئئ جو شڪار ٿي عوام سان جلد ڪٽجي ويون ، خاص ڪري اسان اگر بلوچستان جي حوالي سان ڳاله ڪيون ته بلوچ قومي تحريڪ آزادي لاء جن پراڻ پسند قوم پرست نظرين ۽ انهي سان گنڍيل مهم جوئي طريقي ڪار جو سهارو ورتو اُن جا نتيجا اسان ڏسي چڪا آهيون ۽ ڏسي رهيا آهيون جيتوڻڪ اُنهن سڀنين آزادي پسند بلوچ نوجوانن جي قرباني لازوال آهي پر غلط نظرين ۽ طريقڪار جي سبب انهن نه صرف بلوچ سماج بلڪي خطي جي ٻين قومن کان پاڻ کي ڪٽي ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ رياست کي اُوڳاڙي جبر جو سب ملي ويوجنهن جي ڪري بلوچ سماج ۾ پلجندڙ سياسي عمل کي شديد ڌچڪو لڳو، انهي کان پوء خونخوار رياست پنهنجي خونخواري جي انتها ڪري ڇڏي جنهن ۾ چچريل لاش، سرچ آپريشن، بمباري ۽ لاپتا ماڻهن جو مسئلو هاڻي ته هر زبان تي عام ٿي چڪو اهي ـ هن وقت صورتحال اُها ته بلوچ سماج ۾ رياستي آلي ڪار ۽ دلالن کان سواء ، هر سنجيده سياسي آواز کي رياست جي طرف کان ڀرپور طاقت سان دٻايو پيو وڃي جنهن جو هڪ تازو مثال هي ته بلوچ پسنگ پرسن ڪيمپ بيٺڪ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاء ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملي جو جواز بنائي هڪ دفعو ٻيهر گمشدگين واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري بلوچ مسنگ پرسنز ڪيمپ تي ڪاري ضرب لڳي ، بلوچ سماج ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوء پيدا ٿيڻ واري سياسي هلچل پويان هلي وئي جنهن جي ڪري مسنگ پرسنز ڪيمپ لاء خطي جي ٻين قومن پاران حمايت ۾ گهتتائين اچي وئي ۽ رياست هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي مڪروه مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي خوف جي هوا کي بحال ڪري ڇڏيوـ پر انهي سڄي صورتحال جي ذميداري ڪنهن حد تائين بلوچ مسنگ پرسن ڪيمپ جي قيادت تي عائد ٿئي ٿي جيڪا هڪ صيحح ۽ واضح سياسي پروگرام ڏيڻ کان قاصر رهي


    مسنگ پرسن جي مسئلي تي هڪ وڏي عرصي کان پوء بلوچ سماج ۾ سياسي جدوجهد جو ڏيک


    2018ء جي شروعات ۾ پشتون تحفظ مومنٽ جي اُڀار پشتون قوم پرست پارٽين جي قيادت جي غدارين سبب پيدا ٿيڻ واري خلا کي پر ڪندي ريست جي جابراڻا پاليسين جي خلاف عوامي غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جيتوڻڪ هي تحريڪ بنيادي طور تي وار آن ٽيرر ۽ رياستي آپيشنز جي ظلم ۽ جبر جي خلاف اُڀري هئي، جنه قوم پرست پارٽين سميت سڄي ملڪ جي سڀنين پارٽين جي حمايت حاصل هئي ۽ پشتون قومي مومنٽ رياستي جبر جي پاليسين جي خلاف کلي ڪري عوامي نفرت کي زبان ڏني، پر پي ٽي ايم کان خوفزاده رياست ۽ حڪمران طبقي سان گڏوگڏ سڀئي روايتي قوم پرست قيادت به اُن جون دشمن بنجي ويون ـ انهن مان ڪجه ته کلي ڪري پي ٽي ايم جي مخالفت ڪري رهيون آهن پر ڪجه جو طريقي واردات اُن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي يعني هي قومپرست قيادت اُن تحريڪ کي هڪ صيحح ۽ واضع سياسي پرگرام ۽ نظريو اپنائڻ کان روڪي رهيون آهن ، پر ٻئي پاسي پي ٽي ايم جي قيادت پاڻ به اُن حوالي سان شديد مبهم جو شڪار آهي ۽ جدوجهد کي واضع نظرياتي ۽ سياسي پروگرام سان منظم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ، نتيجي ۾ تحريڪ ۾ هاڻي صرف احتجاجن ۽ جلسن تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي . جيتونڪ هن تحريڪ جتي رياستي جبر تي مبني سامراجي پاليسين کي للڪاريو آهي اُتي هن تحريڪ نه صرف پشتون بلڪي ٻين مظلوم ۽ محڪوم عوام کي به رياستي جبر ۽ استحصال جي خلاف جرت جو اظهار عطا ڪيو آهي

    پر ڪنهن به تحريڪ جو هڪ پنهنجو ارتقائي عمل ٿيندو آهي جنهن ۾ هو مخصوص وقت ۾ منظم ڪندي صيحح نظريي ۽ سياسي پروگرام جي بلبوتي تي عوام جي وسيع ترين پرتن سان پاڻ کي جوڙيندي آهي ـ پي ٽي ايم وٽ عوامي قوت هئي جيڪا هاڻي منتشر ٿيڻ شروع ٿي چڪي آهي انهي جو بنيادي سبب صيحح سياسي نظريي ۽ پروگرام جي عدم موجودگي آهي ـ ڇو ته نظريو ئي اُها طاقت آهي جنهن جي اندر ۾ اُهو سڄو سياسي پروگرام هوندو آهي جيڪو سماج جي اندر پلجندڙ جئيرن مسئلن جي درست نقتيِ نظر سان گڏ پاڻ کي عوام جي ۽ عوام جي تحريڪ کي جوڙي رکندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن به تحريڪ وٽ هڪ صيحح سياسي نظريو ناهي هوندو ته اُها تحريڪ صرف هڪ هجوم بنجي رهجي ويندي آهي ۽ وقت سان گڏو گڏ اُن تحريڪ سان عوام جو تعلق گهٽجڻ ۽ ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو