khadimghirano
سينيئر رڪن
خادم گھراڻو
رب توکان ٿا گھرون دعا
رحمت جا ڪڪر وسائي سدا
نه اچي بک تنگدستي هتي
مائرن کان نه ٿين جگر جدا
ڏي همت جذبو اسان کي
وطن تان ٿيون اسان فدا
جنهن وبا ڪيا گھر خالي
ٿئي سا شل ٿئي عالم الوداع
جنهن به اسان تي هنئي تهمت
تنهن سان جهاد جي ڪريون ابتدا
ملڪ ٿئي خوشحال وبا وڃي
اها هر پل گھرون ٿا اسان دعا
خادم گھراڻو
اسان رب کان گھرون ٿا دعا
مشڪل بيماري کان بچائي سدا
آهيون اسان خاڪي خطاگار
معاف ڪر تون رب اسان جي خطا
جا هيءَ آئي آفت عالم تي
رب ڪر ختم آهي اها استدعا
ڪرونا جيءِ جھوريا آهن سڀن جا
ڪيا پيارا دل وارا آهن جدا
گھرون ٿا رب پاڪ کان معافي
ڪري معاف اسان خطاگار بندا
خادم گھراڻو
هلي خدا جي گھر معافي گھرون
هت روز پيا جيئون ۽ مرون
حڪم آهي احتياط ، اڌ علاج
ڏسيل راھ آهي ان تي هلون
زندگي آهي هڪ امانت
ميڙن جي انداز ۾ نه ملون
گھمڻ ڦرڻ لاءِ اڃا وقت آهي
اجايو شو شوق منجھه نه گھمون
جيڪا ڪن ٿا اسان کي نصيحت
ان تي عمل ڪريون ۽ سڻون
خادم گھراڻو
ڪرم ڪر مولى اسان تي آهيون گناهگار
تون ئي معاف ڪرڻ وارو آهين پروردگار
اسان خاڪي ڪيوسين هزارين خطائون
گناهن جي دلدل ۾ آهيون گناهه آهن بي شمار
مولى تون ئي آهين ڪريم ڪرم ڪرڻ وارو
معاف ڪر اسان کي تون ئي غفور ۽ غفار
ڏي ايمان حق جي راھ تي هلائي رب پاڪ
ڪريون ٿا گناهن کان توبھ آهيون عيبدار
ساري جهان جو تون ئي آهين خلقيندڙ
تو سوا نه ڪو ڪندو معاف تون خلقڻهار
آزاد نظم خادم گھراڻو
گلن ۾ نه هو حسن
پکين جي ٻولين ۾
نه سر سنگيت
هر چهري تي
ڏکن ڀريو داستان
سڀ هڪٻئي کان ڏور
محبتن قربتن ۾ فاصلا
هر لب تي دعا
رب ختم ڪر جدائي
ڏَسي همت حوصلو
چيو ٿي
احتياط ڪريو
محتياط رهو
عمل ڪنداسين
رب کي پڪارينداسين
همت قائم رکنداسين
ختم ٿيندا
دوري وڇوڙي جا پل
وري ملبو ڀاڪرين ڀربو
محاصفو ڪنداسين
اهو تڏهن ٿيندو
جڏهن
احتياط ڪنداسين
عمل ڪنداسين
گھرن ۾ رهنداسين
فاصلا رکنداسين
خادم گھراڻو
ڪهڙي وبا آئي دليون ڪيون جدا
نه آهن قريب ، ٿيندا هئا فدا
محتياط رهي ڪجي احتياط
همت حوصلي سان ٿيندي وبا الوداع
هي ڌرتي آهي صوفين ولين جي
وطن کي هن مرض کان بچائيندا سدا
آئي طاعون ڪالرا هاڻي وبا ڪرونا
جنهن موتن جي ڪري ڇڏي انتها
ڪر اسان جا رب اسان رحم ڪرم
ختم ٿئي وبا هر لب تي آهي دعا
خادم گھراڻو
روڊ رستا ويران آهن
پورهيت پريشان آهن
ووهنا کان اٿيو وائرس
موتن تي سڀ حيران آهن
ڪرڻ گھرجي احتياط
ٻڌايل چٽا نشان آهن
زندگي قدرت جو تحفو
ان جي بچاءُ لاءِ اعلان آهن
ڪري موت جي تباهي آ لکيل
تاريخ ۾ ان جا بيان آهن
رهو گھرن ۾ حياتي بچايو
هر لب تي اهي گيان آهن
رب توکان ٿا گھرون دعا
رحمت جا ڪڪر وسائي سدا
نه اچي بک تنگدستي هتي
مائرن کان نه ٿين جگر جدا
ڏي همت جذبو اسان کي
وطن تان ٿيون اسان فدا
جنهن وبا ڪيا گھر خالي
ٿئي سا شل ٿئي عالم الوداع
جنهن به اسان تي هنئي تهمت
تنهن سان جهاد جي ڪريون ابتدا
ملڪ ٿئي خوشحال وبا وڃي
اها هر پل گھرون ٿا اسان دعا
خادم گھراڻو
اسان رب کان گھرون ٿا دعا
مشڪل بيماري کان بچائي سدا
آهيون اسان خاڪي خطاگار
معاف ڪر تون رب اسان جي خطا
جا هيءَ آئي آفت عالم تي
رب ڪر ختم آهي اها استدعا
ڪرونا جيءِ جھوريا آهن سڀن جا
ڪيا پيارا دل وارا آهن جدا
گھرون ٿا رب پاڪ کان معافي
ڪري معاف اسان خطاگار بندا
خادم گھراڻو
هلي خدا جي گھر معافي گھرون
هت روز پيا جيئون ۽ مرون
حڪم آهي احتياط ، اڌ علاج
ڏسيل راھ آهي ان تي هلون
زندگي آهي هڪ امانت
ميڙن جي انداز ۾ نه ملون
گھمڻ ڦرڻ لاءِ اڃا وقت آهي
اجايو شو شوق منجھه نه گھمون
جيڪا ڪن ٿا اسان کي نصيحت
ان تي عمل ڪريون ۽ سڻون
خادم گھراڻو
ڪرم ڪر مولى اسان تي آهيون گناهگار
تون ئي معاف ڪرڻ وارو آهين پروردگار
اسان خاڪي ڪيوسين هزارين خطائون
گناهن جي دلدل ۾ آهيون گناهه آهن بي شمار
مولى تون ئي آهين ڪريم ڪرم ڪرڻ وارو
معاف ڪر اسان کي تون ئي غفور ۽ غفار
ڏي ايمان حق جي راھ تي هلائي رب پاڪ
ڪريون ٿا گناهن کان توبھ آهيون عيبدار
ساري جهان جو تون ئي آهين خلقيندڙ
تو سوا نه ڪو ڪندو معاف تون خلقڻهار
آزاد نظم خادم گھراڻو
گلن ۾ نه هو حسن
پکين جي ٻولين ۾
نه سر سنگيت
هر چهري تي
ڏکن ڀريو داستان
سڀ هڪٻئي کان ڏور
محبتن قربتن ۾ فاصلا
هر لب تي دعا
رب ختم ڪر جدائي
ڏَسي همت حوصلو
چيو ٿي
احتياط ڪريو
محتياط رهو
عمل ڪنداسين
رب کي پڪارينداسين
همت قائم رکنداسين
ختم ٿيندا
دوري وڇوڙي جا پل
وري ملبو ڀاڪرين ڀربو
محاصفو ڪنداسين
اهو تڏهن ٿيندو
جڏهن
احتياط ڪنداسين
عمل ڪنداسين
گھرن ۾ رهنداسين
فاصلا رکنداسين
خادم گھراڻو
ڪهڙي وبا آئي دليون ڪيون جدا
نه آهن قريب ، ٿيندا هئا فدا
محتياط رهي ڪجي احتياط
همت حوصلي سان ٿيندي وبا الوداع
هي ڌرتي آهي صوفين ولين جي
وطن کي هن مرض کان بچائيندا سدا
آئي طاعون ڪالرا هاڻي وبا ڪرونا
جنهن موتن جي ڪري ڇڏي انتها
ڪر اسان جا رب اسان رحم ڪرم
ختم ٿئي وبا هر لب تي آهي دعا
خادم گھراڻو
روڊ رستا ويران آهن
پورهيت پريشان آهن
ووهنا کان اٿيو وائرس
موتن تي سڀ حيران آهن
ڪرڻ گھرجي احتياط
ٻڌايل چٽا نشان آهن
زندگي قدرت جو تحفو
ان جي بچاءُ لاءِ اعلان آهن
ڪري موت جي تباهي آ لکيل
تاريخ ۾ ان جا بيان آهن
رهو گھرن ۾ حياتي بچايو
هر لب تي اهي گيان آهن