#هن_جي_شاعري_ڪمال_جي_آهي #محمد_دائم_درس شاعريءَ هن جي ڏاڍن جي لاءِ تلوار آهي جيڪي رهبرن جي ويس ۾ اهي رهزني ڪن ٿا شاعري جو هو شهسوار آهي شاعريءَ هن جي شہ رڳ آهي جيڪا هر بي واه جي درد تي ڦڙڪي ٿي هو شاعري ۾ محو رهندو آهي ھميشہ هن کي مستقبل جو اونو رهندو آهي هو شاعريءَ کي محبوبه سمجهندو آهي ته هو شاعريءَ کي ڌرم به سمجهندو آهي ڌرم ۾ دردن جي درمان ڪرڻ واري کي مهان ڪري کوٺيو ويندو آهي هن جي شاعريءَ ٿر جي اڃايل مورن جي دانهن جي درمان آهي ته هن جي شاعري ڪوڙن واعدن ڪندڙن جي منهن تي چماٽ به آهي هن جي شاعري پيٽ بکايل ماروئڙن لاءِ ماني جو ڳڀو آهي هن جي شاعري وٺي صبح جي اٿندڙ هٻڪار آهي هن جي شاعري ٿاريلي جي ڪلهن ۾ ويڙهيل اجرڪ آهي ته هن شاعري مسڪين ماروئڙن جي بدن جي اڊڙيل قميس آهي هن جي شاعريءَ امڙ جي لولي آهي جنهن ۾ پيار پاٻوه محبت اڪير سمايل هوندي آهي هن جي شاعري غدارن لاءِ گولي آهي جيڪو ديس لاءِ ناهي هو ڪنهن جي لاءِ ناهي هن جي شاعري ڪڻڪائي چهري تان اڏرندڙ آنچل آهي جنهن جي اڏرڻ سان ڪاريون وڏيون اکيون ظاهر ٿيندي ئي سڪون بخشينديون آهن هن جي شاعري بانسري جو مدر آواز آهي جنھن جي آواز ۾ درد ڀريو آلاپ آهي سرور آهي هن جي شاعري روهيڙي جي ڳاڙهن گلن جي سونهن آهي هن جي شاعري شام جي پھر جهڙي پياري آهي جنهن ۾ ڪنهن جي اچڻ جو انتظار رهندو آهي هن جي شاعري ڪنواري چهري تي موهيڙن جهڙي آهي جيڪي پاڪ پويتر هجڻ جا ساکي آهن هن جي شاعريءَ اڇن اجرن ٽھڪن جهڙي آهي جن ۾ محبت سمايل هوندي آهي هن جي شاعري سهاڳـڻيين جي مانگ جو سندور آهي جنهن جي خوشبوءِ سهاڳ رات جي يادگيرين کي وري وري تازو ڪندي رهندي آهي هن جي شاعري ڪارين اکين جو ڪجل آهي هن جي شاعري مٺي جي ماڳ جهڙي آهي جنھن تان صادق فقير جي راڳ جي رڌم ٻڌبي رهبي آهي هن جي شاعري ڏيپلي جي ڪشادن ڏهرن جهڙي آهي هن جي شاعري ڪارونجهر جي ڪور جهڙي آهي جٿان راڳي يوسف فقيرجو آواز پيو گونجندو آهي هن جي شاعري اسلام ڪوٽ جي ڊگهن نمن جي ڇانئون جهڙي آهي جٿي پيار جا پکي اچي ٿڪ لاهيندا آهن هن جي شاعريءَ ڇاڇري جي ڇيڳلين شامن جهڙي آهي هن جي شاعري ڪونجن جي ولر جهڙي آهي هن جي شاعريءَ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙي آهي هن جي شاعريءَ سنڌي ٻوليءَ جهڙي آهي جيڪا لاڙ جي ريساڻو محبوب جي پرچڻ کانپوءِ جھيڻو جھيڻو ڳالھائڻ وانگي لڳندي آهي هن جي شاعريءَ ڪينجهر جي لھر جهڙي آهي جنهن تي ترندڙ ٻيڙي ۾ ڪنهن پيار جي جوڙي جي سير وانگي لڳندي آهي هن جي شاعريءَ نوري جي عاجزي جهڙي آهي جيڪا گھڻين راڻين جو سينگار به سمي ڄام کي موهي نه سگهيون اتي نوري جي عجز هڪ پل ۾ پينار بڻائي ڇڏيو هن جي شاعريءَ سسئي جي تڙپ جهڙي آهي جيڪا نڪا پاڻي ٿي ڏسي نڪا ماني رڻ ۾ راتائو نڪري ٿي پوي هن جي شاعريءَ سهڻي جي عشق جهڙي آهي نه لھر جي پرواهه نه پاڻي جي چاڙھ جي اون بس ميهار جي محبت من ۾ سانڍي وڃي هن پار ٿي پهچي هن جي شاعريءَ ۾ تهذيب هن جي شاعري ۾ ادب هن جي شاعري ۾ حيا هن جي شاعري اجاين رسمن کان پاڪ هن جي شاعريءَ ڪوڙن رواجن جو جواب فرسودہ رسمن کان پاڪ ڪندڙ آهي هن جي شاعري درد ڌرم محبت الفت مروت قرب پيار سونهن حسن سڀ ڪنهن ۾ سمايل آهي (هڪ نامعلوم شاعر جي شاعري متعلق)