#محمد_دائم_درس نھِائِينءَ (آويءَ) کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين! سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نه نِڪري. ( شاه) سفيد ٽوال جو پٽڪو پورو قد، جھيڻو آواز ٿورو ڳالاھڻ گهڻو ٻڌڻ سکڻ جي صفت سادي طبيعت اٿڻ ويهڻ ڳالاھڻ سادو، مهمان نوازي رڳ م سمايل ويھ کان پنجويهه سال پاڙي جي مسجد ۾ امامت جا فرائض نڀائيندڙ ڳوٺ ساڪريو جو فقير جمن ڪنڀر پنهنجي اباڻي ڪرت کي انهي طور طريقي سان سنڀاليو پيو اچي جهڙي طريقي وڏا مٽي جا برتن ٺاهي راڄ ڀاڳ ۾ کپائي گذر سفر ڪندا هئا توڻي جو هن وقت جست اسٽيل پتل لوه ڪوپر پلاسٽڪ رٻڙ جا برتن استعمال ٿين ٿا تنهن ڪري بيماريون جهڙو ڪر دست الٽيون وغيره وغيره ٿينديون آهن انهن جي مقابلي ۾ مٽي جي ٿانون ۾ کاڌو به سواد وارو ٿيندو آهي کائڻ ۾ لطف هوندو آهي پر انهن ۾ وڏي محنت لڳندي آهي کاري ۽ مِٺي مٽيءَ جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي آهي ان کي ڳوهبي آهي ان کان پوءِ پنوڙو ٺاهي چڪ تي چاڙهبو آهي چڪ گول مٽيءَ جو وڏو پٿر ٺهيل هوندو آهي جنهن جي وچ تي هڪ سنهڙو در نجف جهڙو پٿر لڳل هوندو ان پٿر جي متعلق چاچا جمن ٻڌايو ته ايڪهتر واري هجرت مهل اسانجو ڏاڏو کڻي آيو وڌيڪ چيائين ته ڏاڏي جو چوڻ هو ته سڀ ڪجهه ملي ويندو جٿي رهياسون اتي پر هي پٿر ڪون ملندو آهي کڻي انهي ڪم لاء ٻيو پٿر هٿ ڪري ڪم وٺي سگهجي پيو پر هڪ قيمتي شئي جي قدرداني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو واقعي ايڪتهر کان وٺي هيل تائين پٿر جهڙو هو تهڙو ئي اڃا موجود آهي هيٺيان کان زمين ۾ کاٺي کوڙيل هوندي جنهن کي مڪڙي چئبو آهي ان چڪ کي مڪڙي جا مٿان رکي تيز رفتار سان گول ڦيرائبو پوءِ ان جي وچ تي مٽي جو پنوڙو رکي پوءِ مختلف ٿانون جي شڪل ڏيندا آهن پوءِ ان کي هڪ ڏينهن سڪائڻ لاءِ رکندا آهن ٻئي ڏينهن تي وري هڪ گول پٿر جنهن کي (ڪنورو) چوندا آهن اندر کان ڏيئي ٻاهريان کان ڪاٺي مان ٺهيل اوزار جنهن کي (ڦري) سڏيندا آهن ان سان وڏي احتياط سان ڪٽي دلو مٽ ڪُنو تباڪ ماني پچائڻ لاء دانگي ۽ گگر پاٽ تيار ڪندا آهن ان کي باھ جي وڏي کوري ۾ رکندا آهن جنهن کي آوي چوندا آهن تڏھن وڃي دلي کي مان ملندو آهي پوءِ اهو دلو پاڻياري جي چيلھ تي لڏندو لمندو آهي سڳي جا وراڪا کين وار چمڻ ۾ مدد ڪندا آهن اهڙو محبوبن جو مائناتو ڀاڪر ڏسي عاشقن جي دل اندر اڌما اٿندا آهن تڏهن صوفي شاعر بخت فقير گهڙي سان مخاطب ٿي چيو هو ته محبوب جي چيلھ تي سير ڪندو وتين تنهنجا ڀاڳ سنوايا آهن پر اهو منزل ماڻي ڪيئن? پنهنجي زبان ۾ گهڙي سان هم ڪلام آهي گھڑا شل ٹوٹی تھیوی تو کتھوں عزت پائی جنھن دے کیتے سکدا جگ سارا تئاکوں ویدے چیلھ تے چاھی چوڑی والی بانھن مروڑی گھڑا ویندا گل گراٹڑی پائی آنکھے بختا ڈیکھو باگ گھڑے دا اسان عمر فراد پائی تڏهن گھڙي جواب ڏنو گھڑی آکھیا بنڃ نہ میکوں کر نہ ٹوٹی اساں باری بار غما سر تے چاھیو سے پیھلے خوب کنھنیا دی مار کھائی پچھے کنبھار دے گھر آیو سے پاٹی دے وچ گچ مچ تھی چڑھ چک تے سسک کٹایوسے پچھے باھ آتش جھل پل جو وچ بازار وکایوسے پچھے ایک ٹکا تھیا مل اساں ڈا. جو گھن بازارئوں آیوسے رسی پا کے گل میرے وڃ کوھ وچ لڑکایوسے خضر دے گھوتے کھا کر پچھے مس کر باھر آیوسے پڑھ توحید والی بسم اللہ پچھے محبوب دی ڈاک تے آیوسے مطلب ته ننڍي ٻار وانگر تاتي ٿانؤ تيار ڪندا آهن جڏهن پڇا ڪيم ته اوهان کي هيڏي وڏي محنت جو سلو ناهي ملندو اوهان پنهنجي ڪم مان ڪيترا مطمئن آهيو چيائين الله جو شڪر آهي هزارن ماڻهن مان هڪ ڄڻي قدر ڪيو ته سمجهه اصل محنت ملي ويئي جڏهن قدر نالي ڪو وڙ ئي ناهي رهيو ته پوءِ شڪايت ڇاجي باقي اسانجي اولاد اگر ڪم سکي ته مرضي جي مالڪ آهي اسان زور ناهي ڀريو سکڻ جي لاءِ اسان کي کي شوق هو سو وڏن سان گڏ ويهي ڪم سکي ورتو آهي چاچا جمن مٽيءَ جا برتن ٺاهي زندگي جو گذر سفر ڪيو پاڻ به گهڻا سال امامت ڪئي پاڙي جي کٿابين کي قرآن شريف جو سبق ڏنو دين سان محبت هجڻ جي ڪري پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سان آراسته ڪيو هڪ پٽ مولانا نواز علي سڪندري جيڪو درس نظامي جي شروعات کپري جي مدرسي ۾ پڙهيو دورہ حديث لاء درگاه مبارڪ پير سائين پاڳارا پير جو ڳوٺ ۾ آيو منهنجو ڪلاس فيلو آهي اسان جي پوري بينچ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هيائين الله وڏي ذهانت عطا ڪئي آهي هن وقت ڳوٺ مولوي عبدالرحمن درس مٿوڻ م پڙھائي اٿو ٻہ فرزند قرآن پاڪ جا حافظ آهن جيڪي هن وقت مدرسہ صبغت النور کپرو م پڙهي رهيا آهن ٻئي ذهن آهن چاچا جمن ۽ سندن ڀاءُ قائم دين ڪنڀر سان اوطاق تي ڊگهي ڪچهري ٿي ڏاڍو ڪچهري متاثر ڪيو رات گهڻو حصو رھاڻ ۾ وهايو سون وڏي عزت محبت ڏنائون الله رب العالمين کين سلامت رکي شال اهي محبتون قائم هجن سانگين جا ويڙها آباد هجن