عبدالستار سيوهاڻي
سينيئر رڪن
ڪرونا ”غزل“ عبدالستار سيوهاڻي
وَڃون جَاٿي اَڄڪلھ، اِهَائِي ڪرونا،
هِيءَ اَلائي ڪَاٿَون، آئِي ڪرونا.
ڪي چَون چِين، ۽ ڪي آمريڪا،
خِبر ناهي ڪاٿي، ڄَائِي ڪرونا.
نہ ٿو ڪَريس، ڪوئِي مُلڪ پنهنجو،
دُنيا کي وَئِي آ، کَائِي ڪرونا.
شڪل گُل جَهڙِي، عَمل اَٿس خَراب،
ڏِني ڏاڍي آهي، تَوَائِي ڪرونا.
نَاميارا حَاکم، روئِي ويٺا آخر،
ڇَڏِي ڪَسر ناهي، ڪََائِي ڪرونا.
کوڙ بِيمار آهن، ۽ بَند پيا آهن،
گھڻا تہ مَاريا آهن، جَائِي ڪرونا.
ڪري ظُلم ڪيئِي، گهر هِن اُجاڙيا،
ڏاڍي آهي پَاتِي، ڇَائِي ڪرونا.
پَرديس ڦَاٿل، آهن ماڻهو ڏاڍا،
ڪري بَند ڇڏيا اَڏا، هَوَائِي ڪرونا.
غَريب ۽ شَاهڪار، مجبور ٿِي ويا،
اَھڙي ڏَسِي آ، وَڏَائِي ڪرونا.
اَميرن فَقيرن ۽ ٻارن ٻُڍن جي،
رَڳو وَات آهي، وَائِي ڪرونا.
جَڏهن غَور ڪيو آ، وَڃي مِيڊيا تي،
خَبر هَلي پَئِي، سَائِي ڪرونا.
واپار بَند ٿيا، ڪمپنيون ڪارخانا،
ڇَڏي نہ ٿِي ڪنهن کي، ڪَمَائِي ڪرونا.
روزگار لاءِ پورهيت، پريشان آھن،
ڇَڏيو ڪنهن وٽ پئسو نہ، پَائِي ڪرونا.
علاج هَٿ آيو، نہ ڪنهن کي اَڃان،
خَبر ناهي مَرد يا، مَائِي ڪرونا.
سُنتَ سَمجھِي اڳ۾، ڪيو خِيال ڪنهن نہ،
چَئي ٿِي رکو هاڻ، صَفَائِي ڪرونا.
توبهہ ڪيو مُسلمانو، خُدا نَاراض آهي،
تَڏهن تہ موڪليائِين، وَبَائِي ڪرونا.
دُعائون گھرو ۽، راَضِي ڪيو رَب کي،
جَهنم ٿِي پئِي آ، اَجائِي ڪرونا.
“عبدالستار” پريشان، آهي سارو عالم،
الله ڪري ”سيوهاڻي“ بَچِي نہ، ڪَائِي ڪرونا.
توائي = ڀليل ، منجهيل. وائڙو ، موڳو ،ڇڙ وڇڙ
شاهڪار = سڀ کان وڏو ڪم
ڇائي = راک
وَائِي = ڳالهہ ٻولهہ، گُفتگُو
عالم = دُنيا، جهان، مخلوق
وَڃون جَاٿي اَڄڪلھ، اِهَائِي ڪرونا،
هِيءَ اَلائي ڪَاٿَون، آئِي ڪرونا.
ڪي چَون چِين، ۽ ڪي آمريڪا،
خِبر ناهي ڪاٿي، ڄَائِي ڪرونا.
نہ ٿو ڪَريس، ڪوئِي مُلڪ پنهنجو،
دُنيا کي وَئِي آ، کَائِي ڪرونا.
شڪل گُل جَهڙِي، عَمل اَٿس خَراب،
ڏِني ڏاڍي آهي، تَوَائِي ڪرونا.
نَاميارا حَاکم، روئِي ويٺا آخر،
ڇَڏِي ڪَسر ناهي، ڪََائِي ڪرونا.
کوڙ بِيمار آهن، ۽ بَند پيا آهن،
گھڻا تہ مَاريا آهن، جَائِي ڪرونا.
ڪري ظُلم ڪيئِي، گهر هِن اُجاڙيا،
ڏاڍي آهي پَاتِي، ڇَائِي ڪرونا.
پَرديس ڦَاٿل، آهن ماڻهو ڏاڍا،
ڪري بَند ڇڏيا اَڏا، هَوَائِي ڪرونا.
غَريب ۽ شَاهڪار، مجبور ٿِي ويا،
اَھڙي ڏَسِي آ، وَڏَائِي ڪرونا.
اَميرن فَقيرن ۽ ٻارن ٻُڍن جي،
رَڳو وَات آهي، وَائِي ڪرونا.
جَڏهن غَور ڪيو آ، وَڃي مِيڊيا تي،
خَبر هَلي پَئِي، سَائِي ڪرونا.
واپار بَند ٿيا، ڪمپنيون ڪارخانا،
ڇَڏي نہ ٿِي ڪنهن کي، ڪَمَائِي ڪرونا.
روزگار لاءِ پورهيت، پريشان آھن،
ڇَڏيو ڪنهن وٽ پئسو نہ، پَائِي ڪرونا.
علاج هَٿ آيو، نہ ڪنهن کي اَڃان،
خَبر ناهي مَرد يا، مَائِي ڪرونا.
سُنتَ سَمجھِي اڳ۾، ڪيو خِيال ڪنهن نہ،
چَئي ٿِي رکو هاڻ، صَفَائِي ڪرونا.
توبهہ ڪيو مُسلمانو، خُدا نَاراض آهي،
تَڏهن تہ موڪليائِين، وَبَائِي ڪرونا.
دُعائون گھرو ۽، راَضِي ڪيو رَب کي،
جَهنم ٿِي پئِي آ، اَجائِي ڪرونا.
“عبدالستار” پريشان، آهي سارو عالم،
الله ڪري ”سيوهاڻي“ بَچِي نہ، ڪَائِي ڪرونا.
توائي = ڀليل ، منجهيل. وائڙو ، موڳو ،ڇڙ وڇڙ
شاهڪار = سڀ کان وڏو ڪم
ڇائي = راک
وَائِي = ڳالهہ ٻولهہ، گُفتگُو
عالم = دُنيا، جهان، مخلوق