• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منـھنـجو لکــيل غــزل

zaheer hussain

سينيئر رڪن
غزل/ ظھـير حسـين مـلوڪـاڻي

دل کي دلدار کان پري نہ رکجي
من کي منٺار کان پري نہ رکجي

پنھنجي رب کان ڇو رھو ٿا پري
پاڻ کي پالڻھار کان پري نہ رکجي

مذھب جي ناء تي ڇو خلق مرايو ٿا
خلق کي پيار کان پري نہ رکجي

محبت بدران نفرت ڇو پکڙيو ٿا
يار کي يار کان پري نہ رکجي

ڇو جدا رکو ٿا ظھير کي ان کان
حب کي حبدار کان پري نہ رکجي
 
Back
Top