حق سچ نيوز م چپيل منھنجو ڪالم

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اڃ جي اخبار حق سچ نيوز م چپيل منھنجو ڪالم
    5/ 4/ 2020

    لاڪ ڊائون ضروري پر اڃا فرض ختم ناھي ٿيو

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    چين جي شھر ووھان م ڪجھ مھينا پھريان ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي ان کي روڪڻ لاء چين جي حڪومت حرڪت م اچي وئي سڀ کان پھريان ووھان شھر کي مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ان شھر جا اچ وڄ جا سڀ رستا بند ڪيا ويا ھر انسان کي پنھنجي گھر تائين محدود ڪيو ويو دنيا جي باقي انسانن جي ذھين م اھيو تصور پيدا ٿيو تہ اھيا وبا فقط چين تائين محدود رھندي پر اھڙو ڪجھ نہ ٿيو جيڪو دنيا وارن سوچيو ھو ڏسندي ڏسندي اھيو وائرس دنيا جي ٻين ملڪن م فھلجڻ شروع ٿيو پھرين تہ دنيا جي ٻين ملڪن چين سان پنھنجون ھوائي حدون بند ڪيون پر شاھد ان وائرس کي تہ دنيا م فھلجڻو ھو پر جيئن اھيو وائرس پاڪستان م وڌيو تہ سڀ کان پھريان سنڌ حڪومت حرڪت م اچي ڪري سڄي صوبي م لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ان کان پوء ٻين صوبن بہ ھن وائرس جي واڌ کي ڏسي پنھنجن پنھنجن صوبن م لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو يعني سڄي پاڪستان م لاڪ ڊائون واري عمل کي وڏي سختي سان عملي جامعو پارايو ويو سڄي ملڪ جا ننڍا وڏا شھر بند ڪرايا ويا پر انھي لاڪ ڊائون کان بعد م جيڪو ويڌن سنڌ جي عوام سان ٿيو آھي شاھد اھو ويڌن ٻئي ڪنھن صوبي جي عوام سان نہ ٿيو ھجي ڇو جو سنڌ جي عوام جو اڪثر چلھو پورھيو ڪرڻ مزدوري ڪرڻ ء اھڙن ٻين وسيلن ذريعي ٻرندو ھو جڏھن تہ سنڌ حڪومت انھي ڳالھ کان بخوبي واقف آھي تہ سنڌ جي عوام اڪثر ڪري بيروزگار آھي ھاڻ جڏھن سنڌ جا ننڍا وڏا شھر بند آھن تہ سندن روزگار جا موقعہ بہ بند آھن پر ان ڳالھ م بہ ڪو شڪ نہ آھي تہ سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس جھڙي خطرناڪ وبا کي روڪڻ لاء جيڪي حفاظتي اقدام کنيا آھن انھن تي اگر ڪو انسان گھري نظر وجھندو تہ اھي کنيل حفاظتي اقدام ڪافي مفيد ثابت ٿيا آھن پر اڃان تائين سندن فرض ختم نہ ٿيو آھي ڇوجو فقط ڪرونا جي ڪري عوام جي زندگي متاثر نہ ٿيندي شاھد ان کان وڌيڪ ٻيون بہ ڪافي اھڙيون وجھون آھن جنھن جي ڪري ڪرونا کان بہ وڌيڪ حالات خراب ٿي سگھن ٿا مثلن ڪي اھڙا بہ گھر آھن جن جا ماڻھون ڏينھن جي مزدوري ڪندا ھئا تہ رات جو سندن چلھ ٻرندي ھئي ڪي وري ويچارا پورھيو ڪري پنھنجي گھر جا اخراجات برداش ڪندا ھئا جنھن م ٻاڙرن کان وٺي بزرگن تائين بيماري جا خرچ پر ان لاڪ ڊائون م تہ سنڌن پورھيي مزدوري جا تہ در ئي بند ٿي ويا حالانڪ سنڌ جي وزير اعلي طرفان لاڪ ڊائون کان پھريان اھڙيو ڳالھيون ڪيون ھيون تہ لاڪ ڊائون کان بعد م جيڪي مسئلا پيدا ٿيندا تہ انھن جو بہ حل ڪنڊيو ويندو ء غريب عوام جي مدد لاء مختلف قسم جون ڪمنٽيون تشڪيل ڏنيون ويون پر انھن کي اڃا تائين ڪو عملي جامعو نہ پارايو ويو آھي اگر انھن ڪيل ڳالھين تي سنڌ جي حڪومت پوري لھي ھان تہ ان سان ڪافي غريب مزدور ء اھڙن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جون ڪافي ساريون پريشانيون حل ٿي سگھن ٿيون ء ٻئي طرف اھيان ڳالھ بہ ٻڌڻ وٽان آئي تہ سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس متاثرين لاء 58 ڪروڙ فنڊ بہ مختص ڪيو ويو آھي اگر ڪو انسان ھر ضلعي جي پورھيت طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو سراسري حساب ڪندو تہ انھي مختص ڪيل فنڊ مان فقط چند ماڻھن جي گھر جو چلھو مس ٻرندو ڇوجو ھر ضلعي م پورھيت طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو تعداد ڪافي سارو آھي ھن وقت اگر توھان سنڌ صوبي ڏي گھري نظر وجھندو تہ سنڌ جي ننڍي وڏي شھر م ھزارن جي تعداد م توھان کي اھڙا ماڻھون ملندا جيڪي مختلف قسم جو پورھيو ڪري پنھنجي گھر جي چلھ ٻاريندا ھئا پنھنجي ٻارڙن جي اسڪول جا اخراجات برداش ڪندا ھئا پنھنجي گھر جي بيمار فرد جو علاج ڪرائیندا ھئا اھڙيون کوڙ ساريون ٻيون بہ مثالون آھن ان جڳھ تي اگر انسان پنھنجي دماغ تي زور ڏئي سوچي تہ جيڪي انسان روز ڪمائن روز کائن انھن جي ان وقت حالت ڇا ھوندي اھي تہ ويچارا جفا ڪشي واري زندگي پيا گذاريندا ٻئي پاسي وري جيڪو سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سڄي صوبي لاء جيڪو 58 ڪروڙ جو فنڊ مختص ڪيو آھي اھا تہ ھر ضلعي سان ڪيل ھڪ مذاق آھي ڇوجو سنڌ صوبي م ھن وقت تقريبن 29 ضلعا آھن اگر سراسري حساب ڪيو وڃي تہ ھر ضلعي کي ٻہ ڪروڙ مس ملندا وري ھر ضلعي م تقريبن 30 يونين ڪائونسل ھونديون آھن ھر يوسي م لڳ ڀڳ 27 کان 30 ڳوٺ ھوندا آھن ھاڻ اھا رقم ڪيتري قدر غريب مزدور ء پوريو ڪندڙ ماڻھن جي چلھ ٻاري سگھي ٿي
    لھذا سنڌ حڪومت اڳيان اھيو واضع ھجڻ گھرجي تہ فقط شھر بند ڪرائي انھن پنھنجي فرض کي پورو نہ ڪيو آھي بلڪي اڃا بہ سندس فرض آھي انھي ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ مرڪزي حڪومت سان ملي ڪري غريب مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي سار سنڀال لٿي وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو