• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڪندر شيخ جي شعري مجموعي يڪتائي ۾ڪل جو جائزو.

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
سڪندر شيخ جي شعري مجموعي "يڪتائي ۾ ڪل" جو جائزو....!
فقير محمد سنڌي
ڪوڙا سچ کان مُڙبو ڪيئن!
مان تو لاءِ زهر جو پيالو آهيان.
اجھو ايندو اَجلُ اونداهين کي!
اهڙو آئيندي جو اُجالو آهيان.( سڪندر شيخ )
"يڪتائي ۾ڪل" ڪتاب جا 87 غزل سڪندر شيخ جي زندگيءَ جو اڻ کٽ رقص آهن، جنھن هر ويل پئي ان رقص ۾ موتي شامل ڪيا. اُهي اڻ کٽ موتي سندس دوست به آهن، گھر ڀاتي به آهن ۽ انهن سان گڏ سڪندر شيخ جون يادون ۽ شاعريءَ، ادب دوستي شامل آهي. اها دوستي هر ويل دوستن تان گهور ويندڙ آهي، اهڙي گهور ويندڙ سگھ ۽ سطع تمام ٿورن فردن کي حصي ۾ ملندي آهي. سڪندر شيخ جي حصي ۾ آيل محبت سلامت به آهي ۽ ان کي سلام به آهي.
سڪندر شيخ جو ڪتاب يڪتائي ۾ڪل، سندس حياتيءَ ۾ نه اچي سگهيو پر پونئيرن همت ڪري پهرين ورسيءَ تائين ڪتاب آڻي سگهيا، جنھن ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر، سڪندر شيخ جا گهر ڀاتي ۽ان جي دوستن جي محنت ساراهه جوڳي آهي.
ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر، محقق ۽ لطيف شناس سرمد چانڊيو لکيو آهي. جيڪو سڪندر شيخ کي تمام ويجهڙائي کان سڃاڻي ان سان گڏ هڪ ٻئي لاءِ همدردي ۽ پيار محبت وارو رستو نڀائيندا آيا. سرمد چانڊيو، سڪندر شيخ جي شاعريءَ بابت لکي ٿو ته :سڪندر شيخ جي شاعريءَ۾ ڪم آيل ترڪيبون سوليون به آهن، ته ڳُوڙهيون به آهن، شعر ۽سخن جو معيار وٽس نرالو ۽ نازڪ رهيو آهي. سڪندر جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو اثاثو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ محبت ڀريو نانءُ واجد به آهي جيڪو سڪندر شيخ جو ويجهو سنگتي آهي. واجد، سڪندر شيخ لاءِ لکي ٿو ته : سڪندر شيخ يارن جو يار ۽ دشمنن جو دشمن آهي، اها سرت ۽ ساڃاھ وٽس وافر ماترا ۾ موجود آهي. سڪندر شيخ جي ڪتاب جو پهريون غزل به دوستيءَ جي پيراھ ۾ سرجيل آهي!
اوهان جي دوستي ٿو ڳوليان،
وڃايل زندگي ٿو ڳوليان.
صدين کان سنڌ ۾ سڪندر،
امن ۽ آشتي ٿو ڳوليان.
جاميءَ جو مشهور شعر آهي ته :
از آسمان برمن محنت زدہ زرحمت ولطف،
آيتي بود ڪه ناگاه فرود آمده بود.
ترجمو!( منهنجو محبوب! جڏهن مون کي مليو تڏهن مون کي ائين لڳو ڄڻ آسمان طرفان مون ڏکن ماريل تي، مهرباني ۽ ٻاجھ وچان ڪا آيت نازل ٿي. اوچتو هيٺ لهي آئي آهي )
سڪندر شيخ جا غزل جا ڪجھ بيت به اهڙي محبت جي پڪار آهن.
زبان لڪائي ڀل راز محبت جو،
پر نگاهون ٿيون ڏسن اشارن ۾.
تنھنجي اکڙين عشق اُٿاري ڇڏيو،
جڏي جيءَ کي تِن جيئاري ڇڏيو.
زندگيءَ جي شاعري ۾ پروفيسر مختيار سمون، سڪندر شيخ لاءِ لکي ٿو ته :اسان جي يار سڪندر شيخ کي ڪو ڀلي شاعريءَ وسيلي اهڙي وڏي حيثيت حاصل ڪندڙن شاعرن جي لسٽ ۾ شامل نه به ڪري تڏهن به هو زندگيءَ جو شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي شاعري سندس زندگي جو آئينه دار هجڻ، گڏ پنهنجي ماحول ۽ ماڻهن جي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪيترن ئي المين کي عالمِ آشڪار بڻائي ٿي.
سچل سائين جو خيال آهي ته :
هيڏي هوڏي نه نھار، تنهنجي ويڙهي سو ته يار وسي ٿو.
ساڻ سدا آهي تا تنهنجي، پرين نه آهي ٻي پار.
زندگي هماگير جي مسند ۾ لکي ٿو ته : هي جوڳيئڙو ڏائڻ سماج ۾ پيار جو گداگر ٿي ۽ تاحيات پيار جو گداگر ٿي ويو. هن جي لهجي مان پنهنجائپ، پيار ۽ اڪير به الڳ نه ڪري سگهندو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي مضمون بوند، لهرون، سمنڊ ۾ لکي ٿو ته : "شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، امداد حسيني ۽ شمشير الحيدري اِنهن جديد شاعرن مان آهن جن غزل جهڙي ڌاريءَ صنف کي، سنڌي ماحول جو ويس پارايو ۽ منجهس روايتي رومانوي موضوعن بدران جديد زندگيءَ جون پيچيدگيون ۽ انقلابي موضوع شامل ڪيا"
سڪندر شيخ جو هي غزل ڏسو جنهن ۾ احساس جي اڏاربه آهي جديد دور تصور ۽ انقلاب شامل آهي!
ڪوڙ ڀي ڪيسين يارو رهندو،
سچ ئي نيٺ سوڀارو رهندو.
وحشي چنبا گھائن جذبا،
ڪيسين انڌ انڌارو رهندو.
ساڳيا ڦندا ساڳيون ڦاهيو،
ڪيسين ڪنڌ ڪٽارو رهندو.
جوڌا جاڳو وير اھا ئي،
ڪونه وري ٻيو چارو رهندو.
گهوري جيون جو ڌرتيءَ تان!
سوئي سنڌ سهارو رهندو.
ھر مند ۾ تنهنجو ئي رهندس،
سانوڻ توڙي سيارو رهندو.

سارنگ سڪندر جا جذبا اِلائي گهڻا آهن ان لاءِ جو سڪندر شيخ جو ادبي ورثو سندس زندگيءَ ۾ شامل آهي ۽ لکي ٿو ته :مون کي نثري نظم پڙهڻ بعد ائين محسوس ٿيو ته بابا سان واقعي اندر جي آتما مخاطب هجي.
سڪندر شيخ جي زندگي جو مختصر خاڪو :
سڪندر شيخ 29مارچ 1959ع تي در محمد شيخ جي گھر ڳوٺ آڳاڻين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪيائين چار ڏهاڪن کان وڌيڪ علم ادب جي شمع کي جھڪو ڪرڻ ڪونه ڏنو،باقي موت هر ساهه واري جو اهو ازلي دوست آهي جيڪو پنهنجي وقت تي ضرور اچڻو آهي، 23 جنوري 2019ع تي دماغي اٽيڪ يعني برين هيمريج سبب سڪندر شيخ دوستن جي هجوم مان ڌار ٿي راھ رباني ورتي.حسنين سڪندر به سڪندر شيخ گڏ رهي ڪري به ان نه سمجھي سگهيو، اهو منهنجي نظر ۾ الميو آهي ناهي به، اهو ان لاءِ ته حسنين سڪندر جي زندگيءَ لاءِ وڏو سبق به آهي ۽ اتساهه پڻ. ڪتاب جي ارپنا، سڪندر شيخ جي شريڪ حيات، وڏي نياڻي ۽ سارنگ سڪندر جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جو بيئڪ ٽائيٽل آثم ناٿن شاهي جو لکيل آهي.آثم ناٿن شاهي لکي ٿو ته :
ڪيڏي اوکي ويل ڪري ويو،
پَرَ نه جهڙي هيل ڪري ويو.
لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو. انهيءَ ۾ رهي ٿو هڪ شاعر ويڳاڻو. نالي ۾ سڪندر آ، ڀاڳ جي حوالي سان قلندر آ، قلندر انهيءَ معني ۾ نه، ته ڪو ڪاني ڪرامت جو صاحب آ، قلندر انھيءَ حيثيت سان ته آڻن ۽ چاڙهن، ڏُٿ ڏهاڙي ڏوٿيئڙا.
آخر ۾ سڪندر شيخ لاءِ سندس ئي غزل جا هيءُ بيت.
ٽهڪ جيڏا خوشيءَ ۾ آهن،
درد جيڏا زندگيءَ ۾ آهن.
آهي ٽٽي هي اونداهي اَوسِ،
اميدون روشنيءَ ۾ آهن.
تلاشين دشمني ڪٿ پيو،
اهي امڪان دوستيءَ ۾ آهن.
ويا ٿي وَار چاندي پر!
اڃا جذبا ته مستيءَ ۾ آهن
 
Back
Top