گليليو جو ڏوھ

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ نور راچپر طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2020۔

  1. نور راچپر

    نور راچپر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    Advocate
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز


    نور راڄپر

    هي 1633 جو غير معمولي واقعو آهي روم ۾ عيسائين جي سڀ کان وڏي مرڪز ويٽيڪن سٽِي ۾ اٽلي جي هڪ شهري جي خلاف ڪيس جي ٻڌڙي هلندڙ هئي اُن گرفتار شهري کي ويٽيڪن سٽي آندو ويو هو. هي ڪو معمولي ماڻهو نه هو پر اٽلي جو مشهور سائنسدان ۽ رياضي دان هو جيڪو نه صرف فزڪس جو باني هو پر اُن سان گڏ ٽيلي اسڪوپ جي ايجاد کي اهڙي جدت سان متعارف ڪرايو هو، جنهن جي مدد سان آسمان تي نظام فلڪيات کي انتهائي ويجهي کان ڏسڻ جي مدد ملي سگهي ـ

    اُن گرفتار شخص جو نالو گليليو هو اُن تي الزام هو ته هن ويٽيڪن سٽي جي اُن عقيدي جي خلاف ، جنهن ۾ اُن ڳالھ تي يقين ڪيو ويندو هو ته سج زمين جي چوڌاري ڦيرو ڏئي ٿو ويٽيڪن سٽي يا ڪليسا جو هي عقيدو به دراصل ارسطو جي قديم نظريعي جي عين مطابق هو، جنهن جا روم جي ڪليسا مذهبي جواز گهڙي رکيا هئا ـ گليليو پنهنجي هڪ لکڻي ۾ ڪليسا ۽ ارسطو جي روايتي نظريي جي جي نفي ڪئ هئي ـ اُن پنهنجي نئي ايجاد ڪيل ٽيلي اسڪوپ جي فلڪياتي مشاهدن ۽ رياضي جي اصولن جي روشني ۾ دعواي ڪئي هئي ته زمين سميت سڀ سياره سج جي چوڌاري گهمن ٿا نه ڪي سج زمين جي چوڌاري گهمي ٿو گليليو جي اُن نظريي ڪليسا کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ آڻِي ڇڏيو هو اُنڪري گليليو کي گرفتار ڪري اُن جي خلاف مقدمي جي ٻڌڻي هلندڙ هئي

    سج ڪائنات جو مرڪز ۽ غِير متحرڪ آهي ۽ زمين حرڪت ڪري ٿي ۽ تون زمين کي پري ۽ محور جي لحاظ کان متحرڪ سمجهي ٿو ۽ تون هي بدعت واري تعليم پنهنجي کوڙ سارن شاگردن کي ڄڻ جي گستاخي ڪئي آهي تون تي الزام آهي ته تون هن معاملي ته ڪجھ جرمن رياضيدانن سان خط ڪتابن به ڪئي آهي ۽ تون سج تي ڪجھ نشانن جي باري ۾ ڪجھ علميت جي به طبع ڪئي آهي جنهن ۾ تون اُنهن فطري خيالن کي منسوخ انهي ۾ ترميم ڪئي آهي ۽ جڏهن پاڪ صحيفن جي روشني ۾ تنهنجن بدعتي خيالن کي گرفت ۾ آندو ويو ، ته تون مقدس ڪتاب کي پنهنجي ذهن جي معني پائڻ جو ڏوھ ڪيو اُن حوالي سان اسان جي حضور ۾ تهنجي هڪ لکڻي جو نقل پيش ڪيو ويو ۽ تون اقرار ڪري ٿو ته تون هي خط پنهنجي هڪ پراڻِي شاگرد کي لکيو هو _اُن لکڻي ۾ تون ڪوپر نيڪس جي غلط مفروضن جي تقليد ۾ اهڙا خيال ظاهر ڪيا آهن جنهن سان پاڪ ضحيفن جي فضليت ۽ اُنهن جي شرح تي حرف اچي ٿو تنهنڪري هي مقدس عدالت چاهي ٿي ته تنهنجي ڦيلايل شر ۽ بي بنياد ڳالهين جو ڇيھِ ڪجي ۽ تون جيڪو مقدس دين کي نقصان پهچائڻ جي خراب ۽ سوچيل سمجهيل نيت سان جيڪو فساد ڦيلائي رکيو آهي اُن کي بلڪل ناس ڪري سگهجي ـ مقدس ترين ۽ عزت ماب بزرگن ، علمائي ڪرام ۽هن عالمي ۽ اعلي ترين عدالت پاڪ ترين مذهب جي سڀنين ميمبرن جي راه ۾ ساڪن سج ۽ زمين جي حرڪت جي باري ۾ مقدس ڪتاب جي راء هيٺ ڏنل آهي

    هي عقيدو ته سج ڪائنات جو مرڪز ۽ ساڪن آهي قطعي طور تي بيوقوفاڻو ۽ بيهودو آهي علم الهيات جي روشني ۾ هي عقيدو بي بنياد ۽ شرڪ جي برابر آهي زمين کي ڪائنات جو مرڪز مڃڻ کان انڪار ۽ سج کي ڪائنات جو مرڪز سمجهڻ دين کان دوري يا دين کان انڪار جي برابر آهي فلسفي جي علم جي اعتبار کان غير درست آهي ۽ علم الهيات جي متن جي روشني ۾ دين مقدس جي خواري بدنامي آهي تنهنڪري پنهنجي آقا يسوع مسيح ۽ مقدس مريم جي جي نالي ته گڏيل راء سان عدالت اعلي دين جي قانون موجب تونکي سزا ٻڌائڻ جو اعلان ڪري ٿي اسان فيصلو ڏيون ٿا ۽ حڪم ڪيون ٿا ته ۽ اعلان ڪيون ٿا ته تون نالي گليليو هن مقدس عدالت جي راء ۾ شرڪ جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آهي تون مقدس ۽ الهامي صيفن جي تعليم جي برعڪس مخالف عقيدا اختيار ڪري رکيا آهن اُن سان گڏ هي ته تون اهڙا ڪفر جا ڪلما بڪڻ جو مرتڪب ٿيو آهي جيڪي مقدس عالمن دين مسيعي جي حتمي جوڙجڪ جي مخالف آرا تي يقين حقيقي ۽ گهرو ٿي سگهي ٿو جنهنجڪري تون اهڙن ڪيترن علامتن جي لاء مقدس قانون ۾ موجود سڀنين سزائن ۽ عقوبتن جو سزا وار قرار ڏنو ويو آهين پر پوء به مقدس عدالت تونکي هڪ موقعو عطا ڪرڻ لاء تيار آهي پر شرط اُهو اهي ته تون خلوص دل ۽ پختي ايمان سان گڏ اسان جي موجودگي ۾ پنهنجي گناهن کان توبھ تائب ٿي ۽ مٿي ڄاڻايل خطائون ۽ ڪلما هاء شرڪ تي لعنت وجهڻ ۽ اُن ڪيٿولڪ رومن چرچ جي مسلمه ۽ حقيقي عقيدن تي پنهنجي زبردست ايمان جو اعلان ڪري. ٻڌڻِي دوران گليليو کان آڏي پڇا ڪاڇا به ڪئي وئي ، ثبوت پيش ڪيا ويا ۽ اُن کي ڪليسا جي طرفان عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي ـ گليليو جي لاء هي سزا هڪ وڏو ڌچڪو هئي اُن ڪري گليليو سزا کان بچڻ لاء آخري جدوجهد به ڪئي ـ اُن پنهنجي نظرين کي رد ڪندي ڪليسا کان معافي به ورتي پر هاڻي دير ٿي چڪي هئي ـ هڪ ڏينهن گذرڻ بعد سزا ۾ صرف ايتري نرمي ڪئي وئي ته سائنسدان کي جيل بدران گهر ۾ نظر بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ـ گليليو پنهني سائنسي نظريي جي اجوري ۾ پنهنجي باقي بچيل زندگي اٽلي ۾ پنهنجي گهر ۾ قيد گذاري ۽ 8 جنوري 1642ء تي 77 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي جيتوڻڪ تنهنجون غلطيون سنگين آهن ۽ تنهنجا ڏوھ ڏاڍا وڏا آهن ۽ تون ڪنهن نه ڪنهن سزا جو حقدار آهين جئين تون مستقبل ۾ محتاط رهي ۽ اُن قسم جي ناقابل قبول ڏوهن تي مائل ٻين ماڻهن جي لاء عبرت جو مقام ٿئي ، تنهنڪري اسان حڪم ڏيون ٿا ته هڪ عوامي فرمان ذريعي تنهنجن ڪتابن مڪالمن کي ممنوع قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ اُنهن سڀنين ڪتابن ۽ نسخن کي ظبط ڪيو وڃي ٿو وڌيڪ تون اُن وقت تائين اُن مقدس عدالت جي قيد ۾ رهندي جيسيتائين علماء دين مسيحِ تنهنکي قيد خاني ۾ رکڻ چاهي. تنهنجي نفس جي تڪسين جي لاء اسان حڪم ڏيون ٿا ته تون ٽن سالن تائين هر هفتي مقدس ڪتاب سان گڏ زبور هاء استغفار جي تلاوت ڪندو رهندي هي مقدس عدالت پنهنجي الهامي اختيارن ۽ دين جي فرضن جي روشني ۾ تنهنکي ٻڌائڻ وارين هنن سزائون ۽ عقوبتن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي گهٽ وڌائي جو حق محفوظ رکي ٿي جئين مقدس دين مسيحي کي فاسد عقيدن جي فتني کان محفوظ رکي سگهجي

    ائين ناهي ته ڪو گليليو جي موت کانپوء هي ڪهاڻي ختم ٿي وئي ـ اُن جي وفات کانپوء ڪيترين ئي نئي انڪار وارين روايتن جنم ورتو نوان سبب وجود ۾ آيا ـ سائنس ثابت ڪيو ته گليليو سچو ۽ بي گناه هو جڏهن ته اُن کي ڏنل سزا دراصل مذهبي طبقن جي هٽ ڌرمي هئي گليليو جي موت جي 359 سالن کانپوء جنهن ويٽيڪن سٽي يا ڪليسا اُن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي اڄ گليليو جي اُن نظريي جي سچائي اڳيان پپنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۔

    آڪٽوبر 1992 ۾ ويٽيڪن سٽي جي پوپ“ پوپ جان پال ٻئي باضابطا طور تي هڪ تقريب ۾ اُهو قبول ڪيو ته گليليو سچ تي هو ـ پوپ جو گليليو جي نظريي کي تسليم ڪرڻ ۽ پنهنجي وڏن جي ماضي ۾ ڪيل غلط فيصلي گليليو کي مليل سزا جو اعتراف ڪيو ۽ معافي ورتي ـ انسان کي پنهنجي غلطي مڃڻ لاء جيتري طاقت و دل ۽ دماغ جي وڏائي جي ضرورت هوندي آهي، پنهنجين وڏن جي ڪيل غلطين کي مڃڻ لاء اُن کان وڌيڪ ٻيڙي طاقت ۽ وسعت جي ضرورت پوندي آهي پوپ جان پال بحرحال اُها وسعت ۽ طاقت ڏيکاري

    اڄ سائنس تمام گهڻي ترقي ڪري چڪي آهي پر مذهبي اجاداري اڃا به جاري ۽ ساري آهي هي ماڻهو وبائن جي ڦيلجڻ کي سائنسي دليلن تفصيلن ۽ ايجادن جي خلاف شروع ڏينهن کان مخالف آهن

    گليليو جي نظريي کان وٺي چنڊ تي پهچڻ سميت اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ سڀنين وڏين سائنسي ڪرشمن کي جن ماڻهن رد يا مخالفت ڪئي آهي اُن ۾ وڏي اڪثريت جو تعلق اُن ئي مذهبي ۽ رجهت پرست طبقي سان رهيو آهي۔

    ڪرونا بحران جي دوارن مذهبي طبقو هڪ دفعو ٻيهر ميدان ۾ آهي هڪ پاسي سائنسدان ماڻهن کي منع ڪري رهيا آهن ته هو گڏيل ميل ميلاپ کان پاسو ڪن ته جئين هي وبا ڦيلجي نه سگهي پر ڪجھ مذهبي ماڻهو ڪرونا سان نمٽڻ لاء مذهبي اجتماء منقد ڪري هِن وبا کي وڏي تيزي سان ڦيلائڻ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪري رهيا آهن ـ اهڙن ماڻهن جو تعلق ڪنهن هڪ مذهب ۽ خطي سان ناهي هر خطي ۾ هر مذهب ۾ اهڙا مذهبي ۽ رجهت پرست ماڻهون آهن جيڪي هن عمل جي مخالفت ڪن ٿا ۽ پنهنجا مذهبي اجتماء ڪري ماڻهن جي زندگي جي لاء خطرا پيدا ڪن ٿا. سائنس جا مخالف هر دور ۾ هر مذهب ۽ هر خطي ۾ موجود آهن

    آمريڪي شهر فلوريڊا جو تازو مثال کڻون ته اُتي روڊني هاورڊ برائون نالي مقامي پادري حڪومتي هدايتن جي خلاف آچر جي ڏينهن چرچ ۾ پنهنجي عبادت جاري رکي هو سمجهندو هو ته ڪرونا وائرس دراصل دعائن سان ئي ختم ٿيندو ـ مجبورن آمريڪي انتظاميه کي اُن پادري کي گرفتار ڪرڻو پيو

    سڄِي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به اهڙا اڌ دماغِي موجود آهن هي همراه دليل ڏين ٿا ته توهان سودو سمان وٺڻ ته پابندي عائد نٿا ڪيو باقي عبادت گاهن تي اعتراض ڪري رهيا آهيو ـ اُنهن کي ڪير ٻڌائي ته جناب سودو سامان زندگي جون ضرورتون آهن جيڪي گهر کان نڪرڻ کان بغِير پورو نٿيون ڪري سگهجن ـ عبادت ته گهر ۾ به ٿي سگهي ٿي ـ اهڙا دليل ڏين ٿا ته مذهبي پيشوا سائنسي اصولن ۽ تدبيرن کي مذهب جي هٿيار جي ذريعي روڪڻ چاهين ٿا ـ پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ ماڻهن جي وڏي اڪٽريت مذهبن کي مڃي ٿي ـ مذهب زندگي ئي نه پر زندگي کانپوء جي بعد واري زندگي جي باري ۾ به ٻڌائي ٿي جڏهن ته سائنس صرف موجود اصولن جي روشني ۾ ٺوس نتيجا اخذ ڪري رستو متعين ڪندي آهي جتي ڪوبه نتيجو نه نڪري اُتي کوجنا جو عمل جاري ساري رهندو آهي۔

    اڄ ڪرونا جي علاج جي لاء سائنس پنهنجي کوجنا جاري رکيو ويٺي آهي جي اگر اڄ جي جديد دور ۾ عوام ڪرونا کان بچاء جي لاء سائنس کي مسترد ڪري مذهبي طبقن جو ساٿ ڏنو ته يقين ڪيو ته وقت ته سائنس جي سچائي مڃي ئي وٺندو ڀلي گليليو جي اصولن کي مڃڻ وانگر 359 سال ئي لڳي وڃن پر هن وقت ڪرونا جي هٿان ڪيترائي بي گناه ماڻهو موت جو کاڄ ضرور بنجي رهيا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو