• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم

دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ تعليم ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم ضرورت هوندي آهي. تعليم معاشري جي ۾ رهڻ لاءِ ايئن ضروري آهي جيئن انسان زنده رهڻ جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ بهترين طالب علم تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن کين تعليم ڏيندڙ ۾اهي گُر موجود هجن جن سان اهو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ تعليمي رشتو قائم ڪري سگهي. يعني ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سٺا استاد ئي سـٺا شگرد پيدا ڪندا آهن.
پَر..............................................................................................................................
گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، نئون نسل تعليم جهڙي معاشري جي بنيادي ضرورت کان محروم ٿيل آهي. اسڪولن ۾ ٻارڙن جي سبق پڙهڻ جي آوازن بدران کالي ڪلاسن ۾ ڳالهايل لفظن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيڪي ٻارڙا اسڪولن ۾ (الف اَکِ) ۽ (بي بَدَڪَ) جا ٻول پڙهندا هئا. انهن گهٽين ۾ گهمندڙ جاهل ماڻهن جي زبانن ما نڪتل گٿا لفظ ياد ٿي ڪيا. علم جي اڃ رکندڙ ٻارڙا اسڪولن جا دروازا کُلڻ جو انتظار ڪندي پڙهائي شروع ڪرڻ جي لاءِ ترسي رهيا هئا..
آخر ايتري لاپرواهي ڇو...............؟؟؟
اهو سوال جڏهن سنڌ جي اقتداري ايوانن ۾ اٿاريو ويو ته ذميوارن ان تعليمي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويا، ۽ گوسڙو استادن جو پتولڳائڻ جي لاءِ مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. اهو سلسلو جاري هيو ته غير ذميوار ۽ گوسڙو استادن پاڻ ۾ رابطا قائم ڪري برطرفيءَ جي ڀوءَ کان مطالبن جي هڪ ڊگهي لسٽ تيار ڪري ورتي ۽ تمام استادن کي گڏ کڻي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو.
سنڌ جي تعليمي انتظاميا جڏهن گوسڙو استادن جي اهڙن حربن کي ڏٺو ته پوليس کي هدايت جاري ڪئي ته عوام سان دوکو ڪندڙن کي منتشر ڪيو وڃي. پر پوليس جي ڪاروائي انهن استادن جي لاءِ هڪ نئون بهانو بڻجي ويو. ۽ مارڪٽ جي ڀوءَ کان ڀڄي بک هڙتال جو نئون رستو اختيار ڪري ورتو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم رهيا. اعلٰي اختيارن پاران اهڙن استادن جي برطرفيءَ جي فيصلي جوئي امڪان هيو، ڇو ته گوسڙو استاد معصوم ٻارڙن کي تعليم جهڙي لازوال دولت کان محروم رکندي پنهنجو فرض نڀائڻ بدران حرام جون پگھارون کائي رهيا هئا. اسڪولن ۾ اچڻ بجاءِ اوطاقون وسائي ويٺا هئا جيڪو ته ڪنهن به غيرتمند ۽ فرض شناس جي لاءِ انتهائي ڪريل مقام آهي. سنڌ حڪومت جي گوسڙو استادن جي خلاف ڪاروائيءَ کي قلم ۽ لفظي بازيگرن عوام آڏو ايئن پيش ڪيو ويو ته جيئن گوسڙو ۽ غير ذميوار استادن جي بدران مظلوم ۽ ويچارا استاد جو لفظ استعمال ڪيو وڃي، پر شايد انهن کي اها خبر نه آهي ته گوسڙو ۽ غير ذميوار استاد هن پڙهيل لکيل معاشري جا قاتل آهن۽ هو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ فرض شناس استادن کي به مطالبن جي مڃتا جون لالچون ڏيئي گمراه ڪري رهيا هئا، جيڪو سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام کي نقصان رسائيندڙ عمل ثابت ٿي رهيو هيو. پر آخر سنڌ حڪومت جي تعليمي عملدارن کان سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جو تباهه ٿيندڙ تعليمي مستقبل برداشت نه ٿيو .
۽ برطرفيءَ جي ڀوءَ کان بچڻ لاءِ گوسڙو استادن جيڪي مطالبا رٿيا هئا سنڌ حڪومت انهن تمام مطالبن کي مڃڻ جو اعلان ڪري احتجاجن جي آڙ ۾ تعليم جي تباهيءَ واري سلسلي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سوال اهو آهي ته انکانپوءِ به اهي گوسڙو استاد غير ذميواري ڪري معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏندا رهندا؟؟
جيڪڏهن اڃا به ايئن ٿيو ته استادن جي مخالفت ۾ پوليس نه پر عوام روڊن تي نڪري اظهار جي آزاديءَ جو مظاهرو ڪندو.

عمران درويش سومرو
I_darvesh@yahoo.com
[/SIZE]
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

درويش سائين! اوهانجي هن ليک دل خوش ڪري ڇڏي ۽ اکيون کولي ڇڏيون، بيشڪ تعليم انسان لاءِ هڪ اهڙو زيور آهي جنهن سان هو معاشري ۾ خاص مقام حاصل ڪري ٿو ۽ جانور مان ڦري انسان ٿئي ٿو، پر سنڌ اندر ڪجهه هيٺ ڪجهه مٿي اهڙيون شيطان طاقتون آهن جي صرف ۽ صرف ذاتي مفاد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ خاطر قوم جي مستقبل سان ظالماڻي راند کيڏن ٿا ۽ اهو به نٿا سوچن ته قوم جو ڇا ٿيندو ۔۔؟؟؟

دوست درويش! جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي، قوم کي پرزور گذارش ڪبي ته هو پنهنجن ٻارن جي مستقبل تي خاص نظر رکن ۽ جي ڪا ڪوتاهي استادي لڏي کان ئي ڇو نه ٿيندي هجي ته انهن جي خلاف به آواز اٿارن ۽ انهن ظالمن کي سزاوار ڪرائن ۔۔۔

سائين عمران درويش کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

مائٽ سائين تمام سٺو لگو اوهان جي تحرير پڙهي، مان اوهان سان متفق آهيان
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

جت استاد محترم متعين آهن انهن اسڪولن جي توڻي تعليم جي ڪنهن کي بـ شڪايت ناهي،
جت تعليم نوڪرن حوالي آهي اُت نـ اسڪول ۽ نـ تعليم.

اهڙن نوڪرن کي استاد چوڻ ئي استادن جي مقدس پيشي جي توهين آهي بهتر تـ ائين ٿيندو تـ اهڙن نوڪرن مان نجات حاصل ڪجي ۽ محترم استادن کي مان ڏجي جئين تعليم تباهي کان بچي وڃي . اهو سڀ تڏهن ٿيندو جڏهن اسان والدين ۽ مائٽ اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ سکنداسين .
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

تمام سٺي توهان ونڊ ڪئي آهي ادا ڪي اًهڙا استاد مان ڏٺا آهن جيڪي اسڪول جي وقت پنهنجا دوڪان هلائي رهيا هوندا آهن ۽ سياست سان واسطو رکندڙ استاد اسڪولن کي ٿاڻو سمجهن ٿا اي ڊي او ٿوري پيسن جي لالچ ۾ انن استادن کي آزادي ڏئي ڇڏين ٿا ۽ وري ٻارن کي پيپرن ۾ اهيو آسرو هوندو آهي ته امتحانن ۾ استاد پنهنجو آهي پاڻي ڪاپي ڪرائي پاس ڪرائندو بورڊ وارا ٿورا پئسا وٺي مارڪون سٺيو ڏئي ڇڏيندا
هي ته آهي اسانجي سنڌ جي تعاليم جو معيار
ڇا ڪيو ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏني آهي ڏک اهيو آهي ته سنڌي ته لکڻ به نه اچين بس انگريزي ۾ انگ ۽ سوال ڪن
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

عمران سائين!
سائين تمام سٺو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم (عمران درويش سومرو )

عمرن درويش شال آباد هُجين! تعليمي تباهي جو جيڪو توهان تجزيو ڪيو آهي لاجواب آهي، پر سڄڻ سائين ان ۾ غلطيون ڪنهنجون آهن ، ڪنهن ڪنهن کي ڏوهه ڏجي، معاشري کي ڏجي، وڏيرا شاهي کي ڏجي، غربت کي ڏجي، غريب کي ڏجي، اميري کي ڏجي ، امير کي ڏجي استادن کي ڏجي، شاگردن کي ڏجي، والدين کي ڏجي، يا پنهنجو پاڻ کي ڏجي، جيڪڏهن اسان سڀ انهي تباهي جا ذميوار آهيون ته پو مڃڻو پوندو، مٿي ڄاڻايل هر مڪتب فڪر وارن کي اونڌو لٽڪائڻو پوندو، کين سنگسار ڪري وري ڪنهن نئين ماحول کي جوڙڻو پوندو۔ جنهن ۾ علم جي جوت سدائين جڳمڳ جڳمڳ جلندي رهي۔ مهرباني جو ايڏو زبردست مضمون توهان اسان سان ونڊ ڪيو۔
 
Back
Top