خط سلمان وساڻ ڏانهن

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2020۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    خط
    محبوبن طرفان ارپنا جهڙي ثمر جي سرھاڻ بخشيندڙ پيارا سلمان وساڻ.....!
    لوڪ ننڊ جي آغوش ۾ آهي آسمان جا تارا وکريل وجود جيان وکريل وکريل محسوس ٿي رهيا آهن ۽ آئون پنهنجي وجود کي ڪنهن ٻاٻرن ڪنڊن جي مٿان ٿو محسوس ڪيان ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آئون عصر جي نماز تي وڃي رهيو هيم منهنجي موبائيل ته ڪال آئي هئي اها ڪال ڪندڙ هڪ عورت هئي جنهن تمام جهڻي جهڻي آواز ز ۾ لفظ کي تمام وڏي قوت سان گڏ ڪري مون سان مخاطب ٿيندي چيو هو ادا اصغر مون اميد سمجهي تو ڏانهن ڪال ڪئي آهي ته منهنجي ٻارڙن صبح کان وٺي ڪجهه به ناهي کاڌو اگر ڪجهه پئسا يا ڪو راشن آهي ته مون کي ڏيو موٽ ۾ مون هن کي چيو هو ڀيڻ توهان پريشان نه ٿيو ڪنهن کي موڪليو اچي مون کان ڪجهه پئسا کڻي وڃي آئون مسلسل غربت تي سوچيندو رهان ٿو آسمان جا تارا ڄڻ چوندا هجن او لوڪو توهان کي ڇا خبر يتيمن جي جهوڳن ۽ جهونن جي جتي بي ساھ وجود بک بد حالي ۾ تڙپي رهيا هجن جتي فقيراڻي پورو شهر پني هن اوندهين ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇگل کٽ تي ڪنهن رلي وڇائڻ کان سواءِ سمهي ٿي پئي انهن کي ٿڪاوٽ سبب ننڊ جي ديوي دور هجي ۽ هن فقيرياڻي سان شهر جي لکاپتي وحشي سيٺ جون بد اخلاقي سان ڳالهايل لفظ ذهن جا ڍير اسڪرين تي ڪنهن چوڏول جيان ڦرندا هجن انهن جي بابت ڪجهه سچيو اٿوَ. آئون آسمان سان مخاطب ٿيان ٿو. هاڻ مون کي احساس آهي ان ڀٽ جي ڀٽن تي ڏتڙيل ٻارجو جنهن ڪڏهن ماءُ جي ٿڃ جي چسڪيون ناهين چوسيون انهن کي ممتا جي م به ناهي ملي ها مون پنهنجي اندر قلندر جي مزار تي ڌمال محسوس ڪئي آهي جتي روڱي روح سالن کان تڙپندا ٿا رهن مگر انهن جو مددگار ڪو به ناهي رهيو آهي سڀ ڪٿي هن گلابن جون ڪهاڻيون بيان ڪرڻ وار مگر گلابن جا مسيحا ناهن بڻيا او موتي جي گلن تي ناز ڪندڙن کي مون ائين ڳوليو آهي جئين سسئ لڪ جهاڳيا هئا نه مليا نه مليا ٺلهن آسرن وار ڪيٻائيندڙ به اڻ لڀ ٿي ويا جئين لالٽين بتين جو وجود هاڻ ناهي رهيو ۽ گاسليٽ ڪڏهن ڪنهن لا لٽين بتين ۾ وجھنديء زمين تي ناهي هاريو ويو سهڻي جا وار اڻڀا ٿو ڀانيان او مومل جي ماڙي تي ڪنهن مور جي ٽور ته گهڻن کي ته گهايو ڇڏي ٿي لوڪ کي مگر ان معذور پيءُ جا ٻچاءَ بيماري بک اڌ لاش بڻجي ويل پٽ جي تڙپ ڇو نه ٿي ڪنهن جا ضمير جهنجهوڙي هي موت جا سفير ڪڏهن رواري رواري وري کلائيندا.. ؟ اهو احساس اسان ماڻهن جو ڇا لکڻ تائين محدود آهي يا خالي ڳالهيون ڪٽڻ تائين اسان تقريرون جا ماهر آهيون پر ڇو اسان ڪنهن جي وجود لاءِ مسيحا ڇو ناهيون بڻيا اسان پنهنجي قوم کي پنهنجائپ جو احساس ڇو ناهي ڏياريو اسان ڪنهنجي بک بد حالي جي سڏڪن جي صدائون کي محسوس ڇو ناهي ڪيو لوڪ جي توجهه ته فقط ڪنهن دهل جي تال تائين هوندي آهي هن قوم سان ظلم جيڪو چڪي ۾ پيسجندڙ مون کي مخدوم بلاول جي گهاڻي واقعي جيان محسوس ٿيندو آهي .
    پيارا محبوب جي مرڪ ۽ تبسم جهڙا جوان..! آئون ڪنهن کان پڇان ته هي سنڌي سورميون جي مٿي تي اجرڪ ڌڪڻ وارو ڇا بشير خان قريشي هڪ هو جيڪو سنڌ جي غمن کي سمجهندو هو نياڻين جي عظمتون جو رکوالو هو ٻيا ڪٿي هن ڪيڏانهن ويا. ها وئشيا جي ڀيڏي جي مٿان ٻڌل ان پازيب جي گهنگهرن جو آواز ٻڌي لکن جا لک ته لٽيائين ٿا ساغر صديقي جي هن قول جيان هن شهر جي معززن جي شرافتون کي ۽ انهن جي ڪردارن مان جيترو هي طوائف وقف آهن ايترو ته ڪوبه ناهي هوندو انهن ۾ معززن کي وري انهن وئشيائون جي پازيبن جي گهنگهرن جي تعداد جي جيتري انهن معاشي بداخلاق سيٺن کي ڄاڻ هوندي آهي اوتري ان وئشا کي به ناهي هوندي هو تال تي تال ۽ پير جي پٻ ماربل جي سر مٿان هڻي سرداري نظام ۾ خلل بڻجي ويل ناسور جهوني وڏيري جي دل کي تي راحت بخشيندي آهي مگر هن کي راحت ناهي هوندي جيڪا گهر ٻار بک تي ماني جو آسرو ڏئي آئي هوندي آهي هن بد بخت نظام تي ڇا ڇا لکجي ڇا ڇا سوچجي ڪا مند نه لٿي سک جي ڪو گيت نه ڇڙيو آ گلشن ۾ ميت رڳو ملڪ ۾ ڏکن جا لٿل ٿا محسوس ٿيڻ ڪنهن لائون لهڻ مهل ڇا نه سوچيو هو سي شانتيون سلامتيون ڪنهن واهڙ ۾ وهيندي ٿيون محسوس ٿين. موجوده دور ۾ ڪجهه سٺو نظر نه پيو اچي ائين ٿي ويو آهي جئين گهوڙا گهاڻا چاڪي جارن تي پيل هٿ جي آچار جون برنيون گاسليٽ جا شيشا تيل جا مٽ هٽ نظر کان غائب ٿي ويا آهن ائين ئي محبوب ادائون صدائون گهٽين ۾ ٽهڪ ۽ مهڪ کان ڏور ٿيندا ٿا وڃون ها لاڙ جا پٽ چٽ ٿيل ٿا لڳن ٿر جي ڀٽن تي تتل واري ڏور کان ٿي چمڪا ڇڏي واحد الوجود کي ڪنهن جو ته غم کائي ويو آهي نمرود. همود. قارون جيان ٿا هي اڳواڻ لڳن شداد فرعونيت جهڙا ٿا حڪومتي عملدار لڳن جن کي سنڀل ۽ سنڀال جي ڪا خبر ئي ناهي جن کي غرور جي گهوڙي فلڪ ۽ اُفق جي درميان ڇڏيو آهي
    سلمان سائين آئون سوچون جي ساگر جي گهرائي ۾ هليو ٿو وڃان ها منهنجي ملڪ ۾ مينگهه ملهاريون ڪڏهن ٿينديون هي پٽ ۽ کيت ڪڏهن رونقون بخشيندا ڪڏهن تترن جون ٻوليون ٻرنديون وڇوڙڻ جي ورن کي ڪڏهن ڪا تيلي راک ڪندي ها اميد اٿم ريڍار ولر واڙي واڙي ۾ هڻندا ضرور. ڇيلا ٻڪرين جي ٿڻ جون چسڪيون وٺي چيلھ جيڏي گهر جي آگر تي ٺهيل ڀت تي ڪڏندا مالوندون جي چهرن تي سرمائي شام جون محفلون مهڪنديون تنبوري جي تار تي الله الله جو ورد جون تسبيحون هلنديون پاڻ اضطرابي جي عالم مان نڪري پريتم جي پٽن تي پيار کي ضرور ٻکينداسين
    پرين سائين...! اسان پنهنجي دلين ۾ اوهان جي محبت جون ميکون ڀٽائي جي بيتن جيان ٿا ڀايون آهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاءِ اوهان جو پتوڙيندڙ آهيو قابل رشڪ اعتماد جوڳي عمل تي اسان نازان آهيون ۽ هن وقت ملڪ ۾ جا وبا ڦهليل آهي ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري عوام راشن ۽ ٻين سبب جي ڪري پريشان آهي اتي اوهان جي مڪمل ٽيم سگا جو ڪم بلڪل ساراھ جوڳو عمل آهي انهن سببن جي ڪري اوهان جي چاهيندڙن جي هڪ طويل لسٽ آهي ان لسٽ ۾ مون کي فخر آهي ته مون خڪسار جو نالو به شامل آهي اوهان جي چاهيندڙن جو سمنڊ موج ۾ آهي هر لهر جي پنهنجي پنهنجي روانگي آهي اميد اٿم سدا سلامت هوندوَ عظمتن جي بلنديون تي رقصان هوندوَ ها آخر ۾ منهنجي طرفان ماما تاج محمد وساڻ ۽ سائين ربنواز ڀٽو کي پيار جا پنڇي سلامن جي روپ ۾ ضرور موڪلجو.
    سونهن سنڌ سچائي سڀيتا سڪ سرھاڻ سان سدا سنڌ ۾ سکيو وسندو رهندين
    آئون توهان جي چاهتن جو چاھ سان شڪرگذار اصغر علي جمالي دادو
    _______________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو