ڪھاڻي ”علو اڌمغزي“

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبدالسلام ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2020۔

  1. عبدالسلام ٿھيم

    عبدالسلام ٿھيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    جاتي ضلعو سجاول سنڌ
    علي محمد
    عرف
    علو اڌ مغزي ،
    اڌ مغزي وري ڪھڙو ،
    بس ڳوٺ ۾ عام ماڻھن کان مختلف ڳالھائيندو ھو،
    رات کي ڏينھن ڪونه چوندو ھو،
    ظالم کي شينھن ڪونه چوندو ھو.
    ڏينھن جي سُتلن کي جيئرو ڪونه سڏيندو ھو،
    چوندو ھئن
    ”اوھان کان ته مئل چڱا ، گھٽ ۾ گھٽ کانئن نه دُشمن کي ڊپ نه سڄڻ کي آسرو...“
    تنھنڪري ھُنن کيس ناڪاره سمجھي اڌ مغري قرار ڏئي ڇڏيو ھو..
    جيڪڏھن ڪنھن زور آور جي خلاف ڳالھائيندو ھو ته سندس ئي ڳوٺ جا ماڻھو ٽپال کڻي ات پھچي ويندا ھئا
    ”سائين پک ڪٽيوس ، نه ته اھو اڌ مغزي ڦڙڪيون ھڻڻ ڪونه ڇڏيندو..“
    علي محمد جي مخالفت ۾ رمون سڀني کان اڳيان ھوندو ھو، رمون کي ته علي محمد ڏٺي ڪونه وڻندو ھو..
    جيئن ڪرونا وائرس کان بچاءُ سبب لاڪ ڊائون ٿيو،
    علي محمد جا ليڪچر شروع ٿي ويا
    ”بابا ڏاھا ٿيو، گھرن ۾ ويھي مصيب کي مات ڏيو..“
    مجال آھي ڪو ھن جي سُڻي ، نيٺ رمونءَ کيس چيو
    ”گھر ۾ ويھنداسين ته اسانکي پڻين قبر مان اُٿي کارائيندو ڇا...اھڙو مڙس ماڻھو آھين ته ماڻھن کي اٽو پھچائي ، باقي خالي ٺڪاءُ نه ڇڏ....“
    علي محمد کي به ڳالھ ذھن ۾ اٽڪي وئي،
    سو ھُن ماڻھن لاءِ سرنديءَ وارن آڏو صدائون ھڻڻ شروع ڪيون ، جھول جھليا..
    ڪٿا اتساھ ته ڪٿان مايوسي پلئه پوڻ شروع ٿيس ،
    ھمت نه ھارايائين ، روز ٻن ٽن خاندانن جي چلھي ٻارڻ جيترو راشن ڪري وٺندو ھو..
    پر رمون جت ڪٿ ھن جي پيو گلا ڪندو ھو ته
    ”علو اڌمغزي موقعو ڏسي مال پيو ٺاھي....“
    پر عملي ڪم سبب نه رڳو ڳوٺ ۾ پر سوشل ميڊيا تي ھُن جي واھ واھ شروع ٿي وئي ھئي،
    ساڳي جڳھ تي انھيءَ واھ واھ به گھڻن جا لاھ ڪڍڻ شروع ڪيا
    جن پنھنجي ڪاروائي شروع ڪئي
    ”علي محمد نالي ڪڍرائڻ لاءِ پيو ڪري...“
    ”علي محمد سيلفي پروگرام لاءِ پيو ڪري...“
    پر ھن ڪنھن جي به ڳالھ تي ڪن نه ڏنو ، ڪم جاري رکيائين
    سندس ڪوششن سان غريبن جا چلھا ٻرندا رھيا ، ۽ انھن چلھن ۾ تعصبي به سڙندا رھيا،
    اڄ رمون جو حال به بيحال ھو ، جيڪو ڪجھ رکيل ھيس کائي ختم ڪيو ھئائون ، سوچيائين پي ته علي محمد جي اڳيان صدا ھڻان ،
    ساڳي جڳھ تي پشيمان به ھو،
    علي محمد جي اڳيان جھولي جھلڻ جي ھمت نه ٿي رھي ھيس، سوچيائين
    ”آئون پنھنجي پيٽ لاءِ ھن جي اڳيان جھولي جھلڻ جي ھمت نه پيو ڪريان ،
    ھو ته روز ڪيترن ئي ماڻھن جي اڳيان ٻين جي پيٽ لاءِ صدائون ھڻندو آھي، کين ايلاز ڪندو ھوندو....ٻي کان گھرڻ ڪيترو ڏکيو آ....ته.....“
    ايتري ۾ سندس گھر جي ٻاھرين در تي ٺُڪ ٺُڪ ٿي ،
    ھن جي پٽ ڊوڙي وڃي دروازو کوليو.
    رمون به دروازي جي طرف وڃي ڪنائڻ لڳو
    ”پٽ ھي سامان توھانجي گھر لاءِ آھي ، بابين جي حال جي مونکي خبر آھي...ويچارو پريشان ھوندو...بس ھن کي اھو نه ٻڌائجو ته ھي راشن علي محمد ڏئي ويو آ....“

    سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو