نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! ڪافي دوست اهو سوال ڪندا آهن ته يو ٽيوب تان وڊيو سنڌ سلامت تي ڪيئن ونڊ ڪجي۔۔؟
تمام آسان آهي؛
يو ٽيوب کوليو
پنهنجي پسند جي وڊيو هلايو، جيئن مون هي هيٺ وڊيو هلائي آهي ۽ انتي مون نمبر 1 ۽ 2 ڏنا آهن؛
هڪ نمبر تي وڊيو شيئر ڪرڻ جو آپشن آهي انکي ڪلڪ ڪندا ته نمبر ٻي تي هڪ لنڪ يو آر ايل ظاهر ٿيندي، اها لنڪ نقل (ڪاپي) ڪيو ۽ سنڌ سلامت جي نئين ڌاڳي تي ٿاڦيو( پيسٽ) ڪيو ۽ پنهنجي ان ڌاڳي جي هيٺ وڃي ڏسندا ته ڪجهه هدايتون آهن؛ انهن مان ”لنڪس پاڻ مرادو شامل ٿي وڃن “ ۽ ” وڊيو کي سڌو سنئون ڏيکارڻ لاءِ چيڪ لڳايو“ کي ڪلڪ ضرور ڪندا، جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل آهي؛
هاڻي اوهان ” نئون موضوع موڪليو“ کي ڪلڪ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڌاڳي کي ڏسو ته ڇا اوهانجو ڪم ٿي ويو آهي ۽ جي ڪم ٿي وڃي ته دعائن ۾ ياد ڪندا ۔۔۔