ايوب گاد جو ترتيب ڏنل ڪتاب ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي جوت

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    [​IMG]
    ايوب گاد جو ترتيب ڏنل ڪتاب "ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي" جو تفصيلي جائزو...!
    فقير محمد سنڌي
    ليکڪ ايوب گاد "ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي" جو گھڻن رخن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. ڊرامي، فلم، ٽيلي ناٽڪ ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي ٻين پاسن تي پنهنجي تجربي جي آڌار تي تفصيلي راءِ به ڏني آهي. فن جلديءَ ۾ حاصل نه ٿي سگهندو آهي اهو زندگيءَ جي تجربن مان گذرندي گذرندي فن جي شڪل اختيار ڪندو آهي. اها محنت ۽ فن جي سڌ ايوب گاد جي ڪتاب ۾ پسي سگهجي ٿي." ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي "2011ع تي ڪنول پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو چوٿون ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ ناليوارو ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري، ايوب گاد کي" سنڌ جو ڊاونچي "سڏي ٿو اهو به مضبوط حوالي سان، اخلاق انصاري لکي ٿو ته : سانوڻ جي هڪ شام جو ناميارو ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي انڊيا، جڏهن ايوب گاد جو اسٽوڊيو وزٽ ڪيو، هن اتي ڪنهن ڊرامي جو سيٽ ۽ مختلف سيريز، سيريل جا فوٽو گراف ڏٺا ته حيران ٿي ويو. چيائين، سچ اهو آهي اهڙو ڪم هُنَ بمبئي ۾ به نه ٿئي ۽ سچ اهو به آهي ته سنڌ ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هن پهرين سڀ کي حيران ڪري ڇڏيو. جيئن : سنڌيءَ ۾ پهرين ٽيلي فلم، 2 سنڌي گانن جي پهرين سي ڊي 3 پهريون سنڌي ڊرامو ايس ٽي اين تي اهڙي طرح، لاڙڪاڻي جي ريڊيو اسٽيشن تان پھريون ڊرامو به ايوب گاد جو نشر ٿيو. ڪهاڻيڪار طارق قريشي لکي ٿو ته :لطيف سرڪار جي آڳنڌ کان وٺي سچل سائينءَ جي سڪون پرور صحن تائين هُنَ جوڳيئڙي جي جَبين مان سجود جو سلسلو قيام در قيام قائم ئي قائم رهيو. "مٽيءَ جي مورتي" سيريز، سنڌ جي پهرين سولو پليز جي سيريز آهي، جنھن ۾ عورتن کي فوڪس ڪيو ويو. اسان جي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ جيڪا عورت ملندي آهي، اها ڄڻ ته "ڪمرشل" مقصد لاءِ شامل ٿيل هوندي آهي پر فقير محمد ايوب گاد جي ڊرامن ۾ موهن جي دڙي کان وٺي، اڄ جي عورت ،ان ريت پيش ڪئي وئي آهي، جو اسان کي "نياڻي" سمجهڻ ۽ تصور ڪرڻ ۾ پختو رستو ڏيکارجي ٿو. سميع بلوچ سنڌي ڊرامن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي، جيڪو ڪڙو سچ به آهي، لکي ٿو ته : سائنسي لحاظ کان گند کي دفنائي ڇڏبو آهي ته جيئن بيماريون نه پکڙجن، پر اسان جا مانَ وارا سنڌي چئنلز وارا ان گند کي ڏونگهن ۾ سجائي سيٽلائيٽ ذريعي دنيا کي ڏيکارن ٿا، ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش ڪن ٿا، دنيا وارن کي ڊيڄارين ٿا ته سنڌي ماڻهو خطرناڪ ۽ خوفناڪ آهن.
    هاڻي آهي ٽيلي ناٽڪ۽ ان جي فن جي ڳالھ : قديم دور کان وٺي اڄ تائين رام ليلا ۽ ڪرشن ليلا جا لکيل مذهبي ڏڻن تي اسٽيج ڪيا ويا آهن. سنسڪرت ۾ "ڪاليداس" بهترين ناٽڪ لکيا. يورپ کي ناٽڪ قديم يونان کان ۽ انهن کي سنڌو ماٿر مان مليو، ڇو ته ان وقت ان جو دائرو وسيع هو،ٽريجڊي ڊراما انهن ايجاد ڪيا جيڪي Rambdithy يعني جهنگلي ڪلام کي پسند ڪندا هئا ۽ ڪاميڊي ڊراما انهن ماڻهن ايجاد ڪيا جيڪي phallic يعني لنگ جا ڀڄن ڳائيندا هئا ۽ اها ڳالهه 1949ع ۾ ڇپيل Mr. Alain جي ڪتاب "انڊين ميوزڪ" جي صفحي نمبر 21تي لکيل آهي ته لنگ جا ڀڄن ڳائيندڙ سنڌوءَ ماٿر ۾ رهندا هئا ان جو ثبوت ڀنڀور جي کنڊرات مان شِوَ جو لنگ هٿ اچڻ آهي. سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو سيٽلائيٽ چينل ڪي ٽي اين علي قاضي گھڻين مشڪلاتن ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي نه هجڻ باوجود متعارف ڪرايو. جنهن ناٽڪ، فلم ۽ موسيقي کي نئون روح ڦوڪيو.
    ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهڻ گهرجي : هڪ ڊرامي ٺاهڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جو ڌيان رکڻ ۽ سکڻ لازمي آهي، ڊرامي جي تاريخ مٿي بيان ٿيل آهي. پر ڊرامي جا مکيه جُز هن ريت هجڻ گهرجن. 1 ڪهاڻي 2 ڪردار 3ڪشمڪش 4 عروج 5 اختتام. قديم دور ۾ صرف الميه، طرجيه ۽ ميلو يعني شاعريءَ ۾ ڊراما ٿيندا هئا پر اڳتي هلي جاسوسي ۽ هارر ڊرامن جو به رواج پيو. ڊرامي کي صرف ڊرامو نه سمجهڻ گهرجي، پر ان ۾ هڪ ئي وقت سائنس، آرٽ، ادب ،تفريح، هارسينگار۽ فنون لطيف جنھن ۾ناچ به اچي وڃي ٿو. اسڪرپٽ، اسڪرين پلي، سيٽ ڊزائينگ، ميڪ اپ، گيٽ اپ، فوٽوگرافي، ايڊيٽنگ، شاعري، موسيقي، تشبيهي مناظر ۽ اينيميشن وغيره سان گڏ هدايتڪار جو پڙهيل لکيل هجڻ نهايت ضروري آهي. فرينچ اديب مسٽر بئرڊ ميٿور ڊرامي بابت لکي ٿو ته :ڊرامي جو تعلق انسان جي ارادي جهاد سان آهي، هڪ دلچسپ ڊرامي لاءِ ڪشمڪش هجڻ ضروري آهي. ڊرامي جو اسڪرپٽ ائين سمجھڻ گھرجي ته محل جو بنيادي نقشو آهي. جنهن تي سڄي عمارت بيهارڻ هدايتڪار جو ڪم آهي. اسڪرپٽ ۾ ٻولي ڪهڙي استعمال ٿيل آهي، آيا ڪريڪٽر ٿا ڳالهائين يا رائيٽر ٿو ڳالهائي، گرامر جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪرڻ گهرجي.
    ايوب گاد سين نمبر 5 سمجھاڻي طور پيش ڪيو آهي، جنھن کي مختصر طورهتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
    ڪردار : فضہ ۽ لالي
    فضہ : اڄ ته ڏاڍو خوش پئي لڳين.
    لالي وڌيڪ پاڻ کي ڍرو ڇڏيندي.
    لالي :ها... اڄ منهنجو نئون سانگ آن ايئر( on air) ويو آهي ڏٺئي؟
    فضہ ڪتاب رکندي ٿوري
    سڌي ٿيندي چوي ٿي.
    فضہ : مان ٽي وي تمام گھٽ ڏسندي آهيان، اهو به تنهنجو ڪو ڊرامو هوندو آ، ٻڌائيندي آن تڏهن.
    لالي : اڄ منهنجو دل ٿو چوي ته....
    لالي جي جملي کي فضه اڌ ۾
    ڪٽي ٿي.
    فضه :معاف ڪجان ءِ، دل مونث آ، مذڪر ناهي، اهو جملو منهنجو دل نه، پر منهنجي دل ٿيندو.
    ڊرامي، ناٽڪ ۽ فلم لاءِ اداڪارن جي چونڊ، سيٽ، لوڪيشن، ڪيوشيٽ، ڊرامي جي فائينل ڪاپي تيار ٿيڻ کان پوءِ هڪدم ان جو ڪيوشيٽ ٺاهڻ گهرجي. سيٽ هميشه ايل( L) جي شڪل ۾ ٺهندو آهي پر ڪن حالتن ۾ اهو -(U) جي شڪل ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو. ميڪ اپ، گيٽ اپ، ڊريسنگ سان گڏ لائيٽنگ ۽ ڪئميرائن متعلق ايوب گاد تمام باريڪ بيني سان لکيو آهي. ايوب گاد صفحي 52 تي شاٽس جا نالا ٻڌايا آهن جيڪي هر هدايتڪار کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. تشبيهي مناظر، ايڊيٽنگ، ٿيم سانگ، ٽائيٽل سانگ ۽ بئڪ گرائونڊ ميوزڪ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ مهيا ٿيل آهي.
    ڪتاب ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي جي 64 پيج کان 73 پيج تائين ايوب گاد جي زندگيءَ جو مڪمل پروفائيل ڏنل آهي، جيڪو هر آرٽسٽ کي پڙهڻ گهرجي. ايوب گاد گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، جنھن فنون لطیفہ سان ڀرپور عشق ڪيو آهي. ان عشق جي پنڌ ۾ ايوب گاد ڊائريڪٽر، فوٽوگرافي، ڪهاڻيڪار، آرٽسٽ ،ايڊيٽر ،صداڪار ،ڊراما رائيٽر ۽ ڪومل جذبن جو شاعر پڻ آهي. ڪتاب جو بيئڪ ٽائيٽل بيدل مسرور بدوي جو لکيل آهي، جيڪو ايوب گاد لاءِ لکي ٿو ته :
    "پاڪستان ٽيليويزن کان ٻاهر ايوب گاد اهو پھريون هدايتڪار آهي جيڪو اسڪرپٽنگ کان وٺي فائينل ايڊيٽنگ تائين جي سمورن مرحلن کان بخوبي واقف آهي" مان ته اهو چوندس ته اهڙو اعزاز ٿورن آرٽسٽن کي ملندو آهي. هي لطيف سرڪار جو فقير واقعي ڀاڳن ڀريو آهي. آخر ۾ ايوب گاد لاءِ لطيف سائينءَ جو هي بيت ته :
    نوري ۽ ناري جوڳــيئڙا جهان ۾،
    ٻري جن ٻاري، آءُ نه جئيندي ان ري..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو