ج ع مُنگھاڻي جي ھن ناول رُڃ جي ڏاڍي تعريف ٻڌي ھئي تنھن ڪري مون کي ان ناول پڙھڻ جي ھورا کورا لڳي ويئي، لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ ۾ ڪتابي ميلو لڳو، سنڌي ادبي بورڊ به آيل ھو، اسٽال تي اچي پڇا ڪيم "رُڃ ناول ملي ويندو؟ جواب مليو ھڪڙي ڪاپي ھئي، ھيئنر ٿورو اڳ ۾ وڪڻي ڇڏي! ٻئي دفعي نصير آباد ۾ ٽيون ادبي ميلو لڳو خاص ڪري ناول خريدڻ لاء پھرين ڏينھن ئي ھليو ويس ۽ ڪتاب خريد ڪري آيس،اڄ پڙھي پورو ڪيو اٿم واقعي ڪمال جو ناول آھي. ناول پڙھي مونکي پنھنجي ڪوشش سجائي محسوس ٿي آهي. ج ع مُنگھاڻي جو ھي ناول ڪوھستان جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ پيار ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ڪوھستان، اتان جي ماڻھن ۽ اتان جي ٻولي جو پسمنظر پڙھڻ لاء ملي ٿو. دراصل ڪھاڻي ھيءَ آهي ته مھراب خان ۽ حمل خان پاڙي جا چڱا آھن ۽ پاڻ ۾ مائٽ به، سندن وچ ۾ سڱاوتي ٿيل آھي، حمل خان جي ڌيءُ تاج بيبي جو سڱ مھراب خان کي ڏنل آھي، پر مھراب خان جو راضپو تاج بيبي جي ننڍي ڀيڻ جان بيبي تي آھي ۽ ھو پنھنجي ماءُ عزيز جان سان اھا ڳالھ ونڊ به ڪري ٿو ته مونکي تاج بيبي نه، جان بيبي گھرجي پر سندس ماءُ اھو دڙڪو ڏئي ته ماڻھو ڇا چوندا، کيس راضي ڪري ٿي ۽ مھراب خان ۽ تاج بيبي جي شادي ٿئي ٿي جنهن ۾ مھراب خان جو دوست طارق خان به ساڻس رسمن ۾ گڏ ھجي ٿو،اتي جان بيبي جي نظر طارق خان تي پئي ٿي ۽ ھوءَ طارق خان تي فدا ٿي پئي ٿي. طارق خان جي يادن ۾ سندس ننڊون اڏامي وڃن ٿيون ۽ جيئن ئي کيس طارق خان جي ياد اچي ٿي ته ھوءَ شاھ لطيف جو رسالو کڻي پڙھي ٿي ته سندس نيڻن جو جر جاري ٿي وڃي ٿو، طارق خان حمل خان جي گھر ايندو به رھي ٿو ۽ ان وچ ۾ جان بيبي ساڻس پيار جو اظھار به ڪري ٿي پر طارق خان کيس سمجھڻ جو چئي ٿو ته آءُ ھڪ شادي شده فرد آھيان ۽ پيار جي ان ٻوٽي کي وڌڻ نه ڏنو وڃي ته بھتر ٿيندو! پر جان بيبي جو پيار ڏينھون ڏينهن وڌنڌو وڃي ٿو کيس سھيليون به روڪين ٿيون پر ھوءَ 'مان مجبور آهيان' جو جواز ڄاڻائي سندن نصيحتون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏي ٿي. ڪتاب جو گھڻو حصو جان بيبي جو طارق خان جي سڪ ۾ گھاريل گھڙين، ڀوڳنائن، ۽ سندس تڪيلفن تي لکيل آهي جيڪي ھوءَ طارق خان کان پري رھي برداشت ڪري ٿي.ان کانپوء جان بيبي جي شادي سندس ماسي جي پٽ مير محمد سان ٿئي ٿي جيڪو کيس ته گھڻو چاھييندو ۽ ڀائيندو اٿس پر جان بيبي جي ذھن تي صرف طارق خان سوار ھو. حالانڪ جان بيبي ڏاڍي حسين آھي تنھن ڪري ٻيا به ڪيترائي مٿس فدا ھئا ۽ کيس ماڻڻ پئي چاھيو جنھن ۾ ڪمال خان ۽ ٻيا شامل ھئا پر جاني (جان بيبي) جي ماءُ امير بيبي جاني جو سڱ پنھنجي ڀيڻ نور بيبي کي ڏنو. ھاڻي جاني مير محمد سان ڪراچي رھڻ لڳي ھئي ۽ طارق خان به ڪراچي ۾ رھندو ھو ان وچ ۾ ھوءَ طارق خان کي به پنھنجو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي ھئي ۽ ھاڻي سندن ملاقات زيبو جي گھر ۾ ٿيندي ھئي جنھن جو مڙس طارق خان جو دوست ھو پر جاني لاء اتي به سندس نڻان وزيران مصيبت ھئي جيڪا ان گھر ۾ پرڻجي آئي ھئي.جاني جون نڻانون وزيران ۽ نذيران ميرمحمد کي چور (گِلا) ڪن ٿيون، ھو کيس مار ڏئي ٿو ۽ ھڪ دفعو طلاق ڏئي گھر مان نڪري وڃڻ جو چئي ٿو ۽ ھوءَ موٽي اباڻن ۾ اچي ٿي. ان وچ ۾ مھراب خان به ٻي شادي ڪري ٿو ۽ تاج بيبي به پنھنجي اباڻي گھر اچي ٿي. امير بيبي پنھنجي ٻنھي ڌيئن جي ڏک ۾ بيمار ٿي پوي ٿي ۽ گذاري وڃي ٿي. طارق خان جو به ھاڻي حمل خان وارن ڏي گھڻو اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو جيڪا ڳالھ جبار کي نه ٿي آئڙي جو کيس به ڪجھ جاني ۽ پنھنجي کُڙڪ پئي آھي، اھا ڳالھ طارق خان به سمجھي وڃي ٿو ۽ ھو حمل خان جي حويلي ڀرسان پنھنجو محل جوڙائي ٿو جتي به جاني ساڻس ملڻ وڃي ٿي ۽ جبار کي خبر پئي ٿي ھو ڪلاشنڪوف کڻي نڪري طارق خان وارن تي حملو ڪري ٿو ۽ طارق خان نه چاھيندي به جان بيبي کي ڀڄائي وڃي ٿو، طارق خان اتي سوچي جنھن گھر ۾ مونکي ھزار عزتون مليون اتان آءُ ٻانھن کڻي آيو، کيس فالج جو اٽيڪ ٿئي ٿو پر جلد سندس علاج ڪرايو وڃي ٿو. جان بيبي ھاڻي طارق خان سان خوش رھڻ لڳي ٿي، ورلي گھر وارا به کيس ياد اچڻ ٿا پر اتي به طارق خان جو اولاد کيس نه ٿو ڀانئي ۽ ھو پنھنجي پيءُ جي بيماري جو باعث سمجھن ٿا، طارق خان کي ٻيھر اٽيڪ ٿي ويو سندس ڳالھائڻ جي سگھ ختم ٿي وئي، حميد جاني کي گھران ڪڍي ڇڏيو، طارق خان گھر آيو ته ھن اکين ئي اکين ۾ جان بيبي جو پڇيو، اڪبر کيس سڀ ڪجھ ٻڌايو، طارق خان جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا، ھن جو بي پي ھاءِ ٿي ويو ڊاڪٽر آيا پر طارق خان زندگي جي جنگ ھارائي ويو ۽ جان بيبي رُڃ ئي رُڃ ۾ رلي وئي! ھي ھڪ شاندار ناول آهي. سراج لکي ٿو ته ناول ۾ خوبصورت جملا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، ھو ھيٺين جملي جو مثال ڏئي مٿين ڳالهه لکي آھي ته 'ڪي ماڻھو سفر ۾ گڏ ھلڻ جي قابل نه ھوندا آھن ۽ ڪي رستا تنھا ڪٽجي نه سگھندا آھن.' واقعي اھڙا خوبصورت جملا ناول ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آھن. محترمه ج ع مُنگھاڻي ڪمال ڪاريگري سان جان بيبي جي گھاريل جيون جو جيڪو مختصر خاڪو چٽيو آھي، اھو اوھان به پڙھي ڏسو. 'زندگي جي ڪتاب جو ھڪڙو ھڪڙو باب ماٺ ۽ خاموشيءَ سان ختم ٿي رھيو ھو. بنا ڪنھن گوڙ گھمسان جي، بنا ڪنھن احتجاج ۽ فرياد جي. پھرين ھڪ آس ھئي ھڪ سھارو ھو، اھو به اڻڳڻين، اڻمٽ اونڌاھين ۾ لڪي وڃائجي ويو ۽ ھٿن ۾ رڳو ويل وقت جو ڪشڪول ھو. جنھن ۾ ڪجھ يادون ڪجھ لفظ کڙڪي رھيا ھئا. اھو ئي حصو ھو سندس گھاريل جيون جو.' ڪيڏي ڪاريگري سان پوري جيون ڪٿا کي ٿورن سٽن ۾ بيان ڪيو ويو آھي! ٻيا به اھڙا کوڙ سارا جملا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ' وقت وڏي کان وڏي گھاءُ جو مرھم ھوندو آھي. ' ' دنيا جو حافظو ڏاڍو ڪمزور آهي ھو ھڪ ٻه ڏينهن سوچي پوء ساڳي ڳالھ کي صحيح مڃي ويندا. ' ' پيار جو معراج اھو ئي آھي ته پريتم وٽ پڪار پھچي!' 'روح ۾ ڪيڏي گُھٽ ۽ ٻوساٽ آھي... آءُ ڄڻ پنھنجو قيد خانو آھيان.' ان کان علاوه ناول ۾ شاھ جا ٻه ڪيترا ئي شعر پڙھڻ لاء ملڻ ٿا جيڪي جاني اڪيلي اڪيلي پڙھندي رھندي آهي، مجموعي طور ھي ھڪ شاندار ناول آهي! عاشق چانڊيو