سگا جي دوستن جي نانءُ۔۔۔ غزل۔۔۔ آھن لکيل پڙھيل، باڪردار ماڻھو، سڀ باصلاحيت، خدمتگار ماڻھو۔ ڏين پيا شعور جڳ کي، منشور سمجهي، علمي ادب جا سي سرجڻهار ماڻھو۔ گھرڙا ڪَچا پَڪا پر دل جا امير، ساٿي محبتن جا دلدار ماڻھو۔ بيمار کي کڻن جي پنھنجن ڪلهن تي، ان کان وڌيڪ ڪھڙا شاندار ماڻھو۔ لاچار بيوسن کي ويهاري سيني، ڪن ٿا هڙان وڙان مددگار ماڻهو۔ بي نور کي عطا ٿئي تجلي ڏسڻ جي، بي لوث خدمتن ۾ نروار ماڻھو۔۔ طاقت نياز آھي روشن خيالي، تعليم جي اُفق جا معمار ماڻھو۔۔ غزل۔۔۔ نياز نرالي آ باکَ ڏِٺي، ماکي لاهيندي لاکَ ڏِٺي. آزاد ھوا ۾ جيئڻ جي، گل گل کي ڏيندي ساک ڏِٺي. خوشبو خوشبو جي ڀاڪر ۾، پوپَٽ جي وَرَندي واکَ ڏِٺَي. وڻ جي ٽاري ٽاري رقصان، پَن پَن جي ساڳي ماکَ ڏٺَي۔۔ اَکِ اَکِ ۾ درياھ وھي ٿو، دل دل ۾ آھي ڳاکَ ڏٺي۔۔