انفلوئنزا کان ڪرونا وائرس تائين

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اڄ جي حق سچ اخبار م چپيل منھنجو ڪالم
    17/4/2020
    انفلوائنزا کان ڪرونا وائرس تائين


    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    • اگر ڪو انسان تاريخ جا پنا اٿلائڻ شروع ڪندو، تہ ھن ڌرتي جي گولي تي، کوڙ ساريون اھڙيون وبائون (بيماريون) ملنديون، جن جي ڪارڻ ڪافي سارن انسانن جون حياتيون ضايع ٿيون آھن، جن وڏي پيماني تي انساني آدمشماري جي انگ کي گھٽايو آھي،
    • اڄ مان توھان جي اڳيان فقط انفلوائنزا وائرس کان ڪرونا وائرس تائين ھڪ مختصر مضمون کي پيش ڪري رھيو آھيان،
    • انفلوئنزا جي وبا، ھن وبا بہ ڪرونا وائرس وانگر، پوري ڌرتي جي گولي تي وڏي پيماني سان تباھي مچائي ھئي، ھن وبا 1918 م آمريڪا جي 48 رياستن م وڏي تيزي سان وڌڻ شروع ڪيو، جنھن جي خوف کان آمريڪا جي ننڍن وڏن شھرن م اشتھار لڳايا ويا، تہ کنگھڻ ء چينگھڻ ھڪ غير قانوني عمل آھي، اھيي ڪرڻ واري شخص کي 500 سو ڊالر جرمانو ادا ڪرڻو پوندو، آمريڪا جي ڊاڪٽر نوبل پي بينرز چيو، تہ جيڪو بہ ماڻھون انھي وبا م ورتل ھجي، انھي شخص جي کنگھڻ ء چينگھڻ تي مڪمل پاپندي لاڳو ڪنجي، يا وري ھون جيستوڻي مڪمل صحت ياب نہ ٿي، تيستوڻي ھون شخص پنھنجي منھن کي ماسڪ سان ڍڪي، ھي عمل تيستوڻي انجام ڏئی جيستوڻي ھون مڪمل صحت ياب نہ ٿي،
    • ان وقت ھر انسان ان سوچ م ھو، تہ ان وبا کان بچڻ مشڪل ئي نہ پر نا ممڪن پڻ آھي، اگرچہ، ھر ڪو انسان پنھنجي ڌندي داري سان لڳل ھو، پر حالات ان وقت بہ اھڙا پيدا ٿيان، جھڙا ان وقت ڪرونا وائرس جي ڪري پيدا ٿيا آھن، جئين ھن وقت ڪرونا وائرس سان مقابلي لاء، ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاپ ء پوليس وغيرہ وغيرہ جا آھن، اھڙا ئي حالات ان وقت جي انسانن سان پڻ ھئا، ھن وقت بہ ڪافي سارين ديوارن تي اشتھار لڳل نظر ايندا، جنھن م صاف ء واضع لکيل آھي، ھي وبا بہ انتھائي خطرناڪ آھي، جيڪا تيزي سان وڌي رھين آھي، ان جو بھتر علاج فقط احتياط آھي، ان وقت بہ ھر ڊاڪٽر جو بہ اھيو ئي چوڻ ھو،
    • انفلوائنزا جی وبا ٻن لھرن جي صورت م پکڙي، پھرين لھر 1918 جي ابتداء م آئي، ٻئي لھر 1918 م گرمي جي موسم م وائرس جي علامت جي تبديلي سان آئي، جنھن شديد ترين نقصان پھچايو.
    • انفلوائنز جي شدت جو ڪاٿو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو، تہ 1919 جي بھار واري موسم تائين، ھن وبا يورپ، ء سڄي آمريڪا کي پنھنجي پڪڙ م آڻي چڏيو.
    • ھن پر اسرار وبا جي باري م مختلف نظريہ سامھون آيا آھن، نيو يارڪ ٽائمز (21 jun 1981) جي مطابق جرمن جي فوج شلجم جو گھڻو استعمال ڪندي ھئي، جنھن جي ڪارڻ ھن بيماري جنم ورتو، ٻن ھفتن کان بعد م ساڳي ٽائمز ھيء رپورٽ پڌري ڪئي، تہ فرانس کان آيل ھوائن ان بيماري کي جنم ڏنو آھي، پر سوال اڃا تائين موجود آھي، تہ ھن وبا جنم ڪٿان ورتو؟ 1918 جي ستمبر واري مھيني م آمريڪا م ھن وبا جي ڪري، ھر ڏينھن لڳ ڀڳ 387 افراد اجل جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيان، انھي مھيني م مجموعي طور تي 12 ھزار انسان، ھن وبا جي ڪارڻ پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي ويٺا، انھي طرح سان ھر ڏينھن مرڻ جي بنياد تي، ھلاڪ ٿيڻ وارن جي تعداد 6300 ٿي وئي، آڪٽوبر واري مھيني م مرڻ وارن جي تعداد ھڪ لک پنجانوي ھزار ٿئي وئي.
    • ھن وائرس جي ڪري ٻہ ڪروڙ ويھ لک ماڻھون پنھنجي جانيون ضايع ڪري ويٺا، ليڪن ھڪ ٻئي رپورٽ مطابق، ھن وبا جي ڪري چار ڪروڙ ماڻھون ھلاڪ ٿيان، پر انھن ٻنھي رپورٽ تي سابقہ صحت واري اداري واري ڊاڪٽر گولڊ وائز پنھنجي ھڪ بيان م چيو، حڪومت جيڪا مرڻ وارن جي تعداد بيان ڪئي آھي اھا سراسر غلط آھي. حالانڪ مرڻ وارن جي تعداد انھن کان بہ وڌيڪ آھي، جيڪا عوام کان لڪائي وئي آھي.
    • ھڪ انگريز ماھر سٽيفن جي سپينس، پنھنجي ھڪ ڪتاب م لکيو آھي، انفلوائنز جي بيماري اڄ تائين موجود آھي، ليڪن فائديمند ويڪسين جي بدولت ھي محدود ٿي وئي آھي، اسان وٽ انفلوائنزا جی اڪثر وائرسن جو علاج موجود آھي، ليڪن ھڪ ڳالھ پريشاني جي بہ آھي اگر اھڙي ٻئي ڪنھن وائرس جنم ورتو تہ ان جو علاج اسان وٽ ممڪن نہ ھجي.
    • انفلوائنزا وانگر ڪرونا وائرس بہ نزلہ کنگھڻ ء چينگھڻ سان شروع ٿي، ڏسندي ڏسندي ھن پوري دنيا کي پنھنجي پڪڙ م آڻي چڏيو، دنيا جي چند ملڪن کان سواء ٻين تمام ملڪن ھن وائرس اڳيان گوڏا کوڙي چڏيا آھن، ڇوجو ان وائرس جي نہ پھريان ڪا ويڪسين ھئي، نہ وري اڄ تائين دنيا جي ڪنھن ليباٽري ھن وائرس جي ڪا ويڪسين ٺاھي سگھي آھي، ھڪ سو سال پھريان بہ ڊاڪٽر پريشان ھئا، تہ انفلوائنزا ڪٿا آيو؟ ڪيئن آيو؟ ڪيڏاھن ويو؟ ليڪن ڪنھن وٽ بہ انھن سوالن جو جواب نہ آھي، ھڪ انگريز ماھر پنھنجي ھڪ ڪتاب م لکي ٿو، قدرت وارو جڏھن بہ ناراض ٿيندو آھي، پوء مختلف بيمارين ذريعي امتحان وٺندو آھي،
    • ھن وقت ان وائرس بابت بہ مختلف تجزيا ٿين پيا، ساڄي ٻانھ وارا چون ٿا، ھي ھڪ قدرتي آفت آھي جنھن جو واحد حل دعا آھي، کاٻي ٻانھ وارا چون ٿا، ھي سب بائيو لاجيڪل آھي جنھن جو جلد حل ملي ويندو، ٽيون قسم وري سائنس دانن ء ريسرچرز جو آھي، جنھن وٽ سو سال پھريان انفلوائنزا جي ڪا ويڪسين ھئي، نہ وري ٺاھي سگھيا، موجودہ وائرس جي بہ ڪا ويڪسين اڃا تائين تہ نہ ٺاھي سگھيا آھن، اڄ بہ ھن وائرس کي روڪڻ جا اھي اپاء ورتا پيا وڃن، جيڪي سو سال پھريان انفلوائنزا جي روڪٿام لاء ورتا ويا،
    • اسانجي ملڪ م جڏھن ڪرونا وائرس، جي بچاء بابت لاڪ ڊائون کي سڄي ملڪ م لاڳو ڪيو ويو، ء ھر ڪنھن کي پنھنجي گھرن تائين محدود رھڻ لاء چيو ويو، پر اسان جي عوام ڪٿان ٿي مڙھي، اگر حڪومت ڪرفيو ھڻندي، تڏھن بہ اسانجي عوام نہ مڙھندي، مونکي ھڪ ڏاھي جي چوڻي ياد ٿي اچي، تہ جنھن چيو دنيا م اسانجي واحد عوام آھي، جنھن کي اگر جنت م موڪليو وڃي، تڏھن بہ چوندا تہ اسانکي ھڪ چڪر جھنم جو ھڻايو، تاڪہ ڏسون تہ جنھم م ڇا آھي؟
    • پر حڪومت کي ھن وقت ٻھراڙي جي عوام طرف توجہ ڏيڻ گھرجي، ڇوجو انھن کي اڃا تائين اھيا خبر نہ آھي، تہ ڪرونا وائرس ڇا آھي؟ ان جون علامتون ڪھڙيون آھن، ان جي روڪٿام لاء ڪھڙا اپاء ورتا وڃن،
    • انھن سان گڏوگڏ حڪومت کي بہ عوام سان تعاون ڪرڻ گھرجي، ھر ڪنھن خاندان کي فردن جي تعداد مطابق ماسڪ ڏئی، ء انھن کي راشن ڏنو وڃي، خصوصن انھن ماڻھن جي سار سنڀال لھجي، جيڪي روز ڪمائیندا آھن ء روز کائیندا آھن،
     
    آخري ترميم: ‏13 مئي 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو