ابوعمير
سينيئر رڪن
*اپريل فول جي تناظر ۾ ڪوڙ جي برائي ۽ خطرناڪي!*
*تحرير : ابوعمير حزب الله بلوچ*
ڪوڙ انهن وڏن ڪبيره گناهن ۾ سرفهرست آھي جيڪي سچي دل سان توبه ڪرڻ کان سواء معاف نه ٿا ڪيا وڃن ، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڇا آئون توهان کي ڪبيره گناهن مان به سڀني کان وڏن ٽن گناهن جي باري ۾ نه ٻڌايان ؟ اهي آھن الله سان شرڪ ڪرڻ ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ ۽ توهان خاص طور تي ڪوڙ کان بچو ۽ اها آخري ڳالھ پاڻ ڪيترائي دفعا ورجائي ورجائي فرمايائون جو اسان چيو ته ڪاش پاڻ ھاڻي خاموش ٿين . (صحيح بخاري: 2654)
اڳئين زماني ۾ ته ڪافر به ڪوڙ کي عار سمجهندا هئا ۽ حياءُ ڪندي ان کان بچندا هئا جيئن ابوسفيان مسلمانن ٿيڻ کان اڳ نبي ڪريم ﷺ جو سخت دشمن هوندي به سندن باري ۾ قيصر بادشاھ جي درٻار ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ بلڪه پوري حقيقت سچائي سان بيان ڪئي . (صحيح بخاري: 2940)
*ڪوڙ دوزخ ۾ وڃڻ جو سبب*
رسول الله ﷺ جن فرمايو:
وَإِنَّ الكَذِبَ يَهْدِي إِلَى الفُجُورِ، وَإِنَّ الفُجُورَ يَهْدِي إِلَى النَّارِ، وَإِنَّ الرَّجُلَ لَيَكْذِبُ حَتَّى يُكْتَبَ عِنْدَ اللَّهِ كَذَّابًا. (صحيح بخاري: 6094)
بيشڪ ڪوڙ برائي ڏانهن وٺي ويندڙ آھي ۽ برائي انسان کي دوزخ ۾ پهچائي ٿي ۽ ماڻھو ڪوڙ ڳالهائيندو ئي رهي ٿو ايستائين جو الله تعاليٰ ان وٽ وڏو ڪوڙو لکيو وڃي.
نبي ڪريم ﷺ کي دوزخ جا عذاب ڏيکاريا ويا جن ۾ هڪ ماڻھو اهڙو به هيو جنهن جون واڇون مسلسل قيامت تائين چيريون پئي ويون ۽ ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻھو آھي جيڪو صبح جو اٿي ڪوڙ ڳالهائيندو هيو ۽ سندس ڪوڙ دنيا ۾ ڦھلجي ويندو هيو . (صحيح بخاري: 6096. مسلم: 2275)
ان ڪري نبي ڪريم ﷺ جن هر ٻڌل ڳالھ بغير تحقيق جي اڳتي پهچائڻ واري کي به ڪوڙو گناهگار ۽ ڪوڙ ۾ جو برابر شريڪ قرار ڏنو . (صحيح مسلم : 5 )
*ڪوڙ ٻَڌڻ بي ايمان ۽ منافق ماڻھڻ جي نشاني*
اللہ تعاليٰ جو فرمان آھي :
إِنَّمَا يَفْتَرِي الْكَذِبَ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِآيَاتِ اللَّـهِ وَأُولَـٰئِكَ هُمُ الْكَاذِبُونَ (النحل:105)
ڪوڙا ٺاھ ته اهي ئي ماڻھو ٺاھيندا آھن جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ به ) ڪُوڙا آھن.
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
آيَةُ المُنَافِقِ ثَلاَثٌ: إِذَا حَدَّثَ كَذَبَ، وَإِذَا وَعَدَ أَخْلَفَ، وَإِذَا اؤْتُمِنَ خَانَ. (صحيح بخاري: 6096)
منافق ماڻھو جون ٽي نشانيون آھن (1) جڏھن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي. (2) واعدو ڪري ته نه پاري .(3) جڏھن ان وٽ ڪا امانت رکي وڃي ته خيانت ڪري.
صحيح مسلم(59) جي حديث ۾ وڌيڪ آھي ته اهڙو ماڻھو ڀلي نماز پڙھي ، روزا رکي ۽ پاڻ کي مسلمان سمجهندو رهي پر اهو منافق آھي.
ڪوڙ جي موجودگي ۾ نيڪ عمل پڻ برباد ٿي وڃن ٿا جيئن نبي ڪريمﷺ جن روزيدار جي باري ۾ فرمايو ته جيڪو ماڻھو روزي جي حالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏي ته الله تعاليٰ کي سندس بک ۽ اڃ جي ڪابه ضرورت ناهي .(بخاري:1903)
*شرڪ ۽ ڪوڙ جو گڏ ذڪر*
اللہ تعاليٰ جو فرمان آھي :
فَاجْتَنِبُوا الرِّجْسَ مِنَ الْأَوْثَانِ وَاجْتَنِبُوا قَوْلَ الزُّورِ (الحج:30)
بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.
قارئين ڪرام ڪوڙ جي برائي مان اندازو لڳايو جو الله تعاليٰ هن آيت ۾ ڪوڙ جو ذڪر بت پرستي سان گڏ فرمايو آھي .
*ڪوڙن جي قسمت ۾ ھدايت ناهي*
الله تعاليٰ فرمائي ٿو :
إِنَّ اللَّـهَ لَا يَهْدِي مَنْ هُوَ كَاذِبٌ كَفَّارٌ (الزمر:3)
بيشڪ الله اُنھي ماڻھو کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) ناشُڪرو آھي.
*ڪوڙا شيطان جا ساٿي*
الله تعاليٰ جو فرمان آھي :
هَلْ أُنَبِّئُكُمْ عَلَى مَن تَنَزَّلُ الشَّيَاطِينُ تَنَزَّلُ عَلَى كُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ يُلْقُونَ السَّمْعَ وَأَكْثَرُهُمْ كَاذِبُونَ [الشعراء: 221-223].
ڇا اوھان کي (نه) ٻڌايان ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟ اهي سڀ ڪنھن ڪوڙي ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.
*ڪوڙن لاءِ ھلاڪت ۽ لعنت*
وَيْلٌ لِّكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ[الجاثية: 7].
ھر ڪنھن ڪوڙي ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل (هلاڪت تباهي ۽ خرابي) آھي.
مباهلي واري آيت ۾ آھي :
ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَلْ لَعْنَتَ اللَّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ . [سورة آل عمران 61]
پوءِ پاڻ مباهلو ڪندي دُعا گھرون ۽ پوءِ ڪُوڙن تي الله جي لعنت ڪريون.
*نبي ﷺ کي ڪوڙن کا نفرت*
نبي ڪريم ﷺ جن کي ڪنهن ماڻھو جي ڪوڙ جي باري پوندي هئي سندن دل ۾ ان جي باري ۾ نفرت ويهي رهندي جيستائين جو هو ڪوڙ کان توبه تائب نه ٿيندو هيو .(مسند احمد : 25183)
*ماڻھن کي کِلائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ*
نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو :
وَيْلٌ لِلَّذِي يُحَدِّثُ بِالحَدِيثِ لِيُضْحِكَ بِهِ القَوْمَ فَيَكْذِبُ، وَيْلٌ لَهُ وَيْلٌ لَهُ .( ترمذي: 2315، قال الألباني: حسن )
تباهي (هلاڪت ۽ بربادي) آھي ان ماڻھو لاءِ جيڪو ماڻھن کي کِلائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ان لاءِ ٻيهر هلاڪت هجي ۽ ان لاءِ ٽيهر هلاڪت هجي .
ٻي حديث ۾ پاڻ ﷺ فرمايائون ته آئون ان ماڻھو کي جنت جي وچ ۾ گهر جي ضمانت ڏيان ٿو جيڪو (هر حال ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي ايستائين جو) مذاق ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي . (ابوداؤد : 4800)
ڪي ماڻھو وري اپريل فول جي ڪري ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڪوڙيون رٿابنديون ۽ خبرون نشر ڪري مسلمانن جي معاشري ۾ خوف ۽ ڏھڪاءُ پکيڙيندا آھن ، رسول الله ﷺ سان گڏ سفر ۾ ڪجھ ماڻھن اهڙو عمل ڪري مذاق ڪندي هڪ مسلمان کي خوفزده ڪيو جنهن تي پاڻ ﷺ تنبيھ ڪندي فرمايائون :
لَا يَحِلُّ لِمُسْلِمٍ أَنْ يُرَوِّعَ مُسْلِمًا .
ڪنهن مسلمان لاءِ اهو حلال ئي ناهي جو هو ٻي مسلمان کي ڊيڄاري خوفزده ڪري پريشان ڪري . (ابوداؤد: 5004)
قارئين ڪرام اهو ته ذڪر هيو پاڻ ۾ روزاني گفتگو دوران ڪوڙ ڳالهائڻ جو پر اسان جي معاشري ۾ ڪي ماڻھو اهڙا به آھن جيڪي الله تعاليٰ سندس رسول ﷺ يعني شريعت متعلق ڪوڙ ڳالهائيدا رهن ٿا اهو انتهائي خطرناڪ گناھ آھي ، نبي ڪريم ﷺ جن اهڙي ماڻھو کي به ڪوڙو قرار ڏنو بغير تحقيق جي صرف شڪي ڳالھ سندن ڏانهن منسوب ڪري ( مسلم في المقدمة ،)
بلڪه پاڻ ﷺ فرمايائون ته جيڪو مون ڏانهن ڪا اهڙي ڳالھ منسوب ڪري جيڪا مون نه چئي هجي ته ان کي پنهنجي جاءِ جهنم ۾ سمجھڻ گهرجي . (بخاري: 108-109)