ادا سومرا صاحب عرف مسٽر 100 صاحب، بلڪل اهڙي ڪابه شئي نقل ڪجي جنهن تي حقوق ۽ واسطا هجن ته پو ماڻهون ڏوهه جو ڏوهاري پر ڪجهه شيون عوامي هونديون آهن، انهن کي حوالي طور پيش ڪرڻ ڪا خرابي ناهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه اهڙو ڪو مواد جيڪو ڪنهن جي ذاتي ملڪيت هجي ته اهو به اتان کڻي ٻي هنڌ ڏيڻ چوري ٿيندو ۔۔۔ پر جيئن ته ادي مست جيڪو ڦوٽو موڪليو آهي ان ۾ ڪي حق واسطا ناهن ۔۔۔ عوامي شئي آهي ۔۔ عوام جي آڏو آهي ۔۔۔
چڱو ڇڏيو هر شئي کي ٿورڙو مسڪرايو، اڄ جي عرب نيوز اخبار ۾ هي ڪارٽون ڇپيو آهي ته ڪجهه عورتن مطالبو ڪيو آهي ته ڪيڪڙو سندن حوالي ڪيو وڃي جو کين شادي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ۔۔۔ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته؛ “نالي چڙهيو چور پاڻ پٽائي ۔۔۔ نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي ۔۔” سو ادا ماڻهون به ويچارا وحمي آهن، شل نه کين ڪو ڪٿان آسرو ملين ۔۔۔ ڪاهي پوندا ڪڙهه ۾ ۔۔۔ هي ڏسو؛
مون ته اڳ ئي
دوست مست کي صلاح ڏني هئي ته ڪيڪڙو هٿ ڪري ته ڄامشوري جي ڦاٽڪ تي ويهي رهجي ۔۔۔ اصل نوٽ ئي نوٽ ۔۔۔ هاڻ طوطا وتن نوڪريون ڳولهيندا ۔۔۔ ڪيڪڙا زنده آباد ۔۔۔