سنگت سنڌ منهنجو عشق آهي ۽ ان جي سلامتي منهنجو فرض... ڳچ وقت جي وٿيءَ کان پوءِ وري حاضر ٿيا آهيون، ان آس ۽ ان اميد سان ته هاڻي وري مکا ميلو ٿبو، هميشه جيان هاڪاري انداز ۾.... سنڌ وطن توڙي ولايت ۾ ڪورونا جي پکيڙ سبب سڀ ڪو چنتا ۽ واسامي ۾ آهي، ماڻهو سڀ ملول ۽ مايوس آهن پر پاڻ مايوس ناهيون... اسان لاءِ اميد زندگيءَ جي آخري گهٽي آهي ۽ خبر آهي ته فرسٽريشن ڪنهن پکيڙي آهي ۽ ان جو ٽارگيٽ ڪير ڪير آهن... پاڻ کي اها به پروڙ آهي ته هنBlind war جي مهڙ ڪٿان ٿي ۽ پڄاڻي ڪٿي ٿيڻي آهي سو اچو ته ڪورونا جي هنBlind war تي پنهنجا پنهنجا ويچار هڪ ٻئي سان ونڊيون