• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“ڳوليان ڳوليان م لهان”

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
هيءَ عورت ان جپسي قبيلي سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي نام نهاد شرفاءُ “ٻالو” جو لقب ڏئي هن جي شخصيت ۽ حيثيت کي جبري طور توهين جي زمري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
پاڻ کي مهذب سمجهندڙ فرد توڙي قبيلا هنن جپسين کي “انسان” سمجهڻ به عيب تصور ڪن ٿا پر مون سوڌو اهي ماڻهو جيڪي جپسين جي جهان ۾ “ڳوليان ڳوليان م لهان” واري بشارت کڻي نڪتل آهن، تن هنن سان گڏ هميشه سور کڻي سفر ڪيو آهي.
Cv06c6r.jpg

ڪراچي جو الهندو علائقو اورنگي هنن جپسين سان ڀريو پيو آهي. منگهو پير واري گس تي بلوچ ڳوٺ ٻاهران گداگري جي نيت سان نڪتل هن عورت کي ڪهڙي خبر ته لاڪ ڊائون ۾ هن کي خيرات ۾ ڪجهه پئسا نه پر پريشانيون پاڇيءَ ۾ ملنديون، اهڙيون پريشانيون، جيڪي هن جي ميري مک تي به نروار آهن.
 
Back
Top