سلام ڪوٽ ڀرسان ڀٽن جي ڀرمهاڙ ۾ ريٻاري قبيلن جي وسندي ۾ هڪ ٽٽل لانڍيءَ منجهه منجي تي ويٺل هيءَ وينجهر جنهن جي گرڀ مان ڳچ ڏينهن اڳ هي گلن جهڙو ٻار جنميو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽرن چيو آهي ته هن ۾ غذائيت جي کوٽ آهي. هيءَ وينجهر ويچار ۾ آهي ۽ ان ويچار ۾ ڌرتي ۽ آڪاس کان به وشال اهو پيار آهي، جيڪو هن جي ٻچڙي تي پالوٽ ڪندو رهندو