• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي تاريخ جديد مادي نقطئ نظر تحت لکڻي پوندي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
سنڌ جي تاريخ نئين سر جديد مادي نقطئي نظر تحت لکڻي پوندي ته جيئن اها تاريخ عوام منجهه جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجون حالتون سڌارڻ جو شعور پيدا ڪ
fPAwQ3I.jpg

ري سگهي، عوام پنهنجي حقن ۽ فرضن کان واقف ٿئي ۽ ماضي منجهه ساڻس جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا ويا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو اهل ثابت ٿئي.
اسان کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ وقت فرضي قصن ۽ ڪهاڻين کي رد ڪري سائنسي سوچ کي اپنائڻو پوندو. تحقيق ڪرڻ وقت هر هڪ واقعي جي سائنسي مادي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي. هر هڪ دور جي حالتن جي تجزيو نهايت ايمانداري سان ڪرڻو پوندو. هر قسم جي سماجي اٿل پٿل جي سببن کي پيش.ڪرڻو پوندو.
 
Back
Top