• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ديوان احسن رديف الف (۱) حافظ محمد احسن چنه

رديف الف (۱)

خـالـق و رازق راحـم پـاڪ پـرور خـدا،

تـنـهـنـجـي ذات ڪـبريـا الله اڪــبر يــا خــدا

تـون مـنـزھ و مـبرا حــى ۽ حــنان تــون

بـاد بـي چـون تـنـهجـو شـان بـرتر يـا خـدا

تـون صـمـد صـانـع مـهـيـمن قـائم و دائـم قـديـر

اول و آخـر ۽ بـاطـن تـون مـقـرر يـا خـدا

“ڪـن” چـئي پـيـدا ڪـيو ڪـونـين تو هڪ پلڪ ۾

اڀ زمينون عـرش ڪرسي ڪيا تو اظهر يا خدا

مالڪ و مختيار آهين جيئن وڻئي تئين ٿو ڪرين

ڪـي ڪرين ٿو بادشاه ۽ ڪي گـداگـر يا خدا

رزق سـڀ کـي ٿـو رسـائين بحر بر ۽ شهر ۾،

آهه هـر شـئي تي نـظـر تـنـهـنـجـي سـرار يـا خـدا

لـطـف تـنـهـنـجـا لـکه اسـانـتي ڪـيـترا احسن ڳڻي

جـو ڪـيـئ مـخـلـوق ۾ انـسـان بـهــتر يــا خــدا​
 
Back
Top