شفيق الرحمان شاڪر تبديلي سرڪار جيڪا هاڻي تقريرن واري سرڪار بڻجي چڪي آهي اها ملڪي مسئلن ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿي ان جو اندازو ته گذريل ڏيڍ سال کان ۽ خاص طور تي هاڻوڪي ڪورونا بحران دوران بلڪل آسانيء سان لڳائي سگھجي ٿو.وزير اعظم جنهن کي هنن سنگين حالتن ۾ نه رڳو ڪو واضح لاحئه عمل ڏيئي قوم کي حوصلو ڏيڻ گھربو هو بلڪه سوسائٽيء جي مختلف طبقن خاص طور تي سياسي ڌرين ۽ طبي ماهرن سان ڪو بامقصد مشورو ڪري ڪي مناسب قدم کڻڻ گھربا هئا پر هن وقت تائين جيڪي ڪجهه سامهون آيو آهي اهو نهايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.ايئن ٿو لڳي ته شايد خان صاحب اڃا تائين ڪورونا معاملي جي نوعيت ۽ ان جي سنگينيء جو پوريء طرح اندازو به نه لڳائي سگھيو آهي.هن قوم کي گذريل ڏيڍ سال کان ”گھٻرائڻو ناهي“ جو جيڪو عظيم فلسفو گھوٽي پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن وقت به پوري مرض جو علاج انهيء ئي رٽيل جملي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي خيال موجب جنهن موقف تي ڄمي بيٺل آهي سو اهو ته ” لاڪ ڊائون ان ڪري نه ڪبو جو آباديء جو پنجويهه سيڪڙو غريب حصو بکن سبب مري ويندو.“ جڏهن ته سندس بيان ڪيل انهيء سچائيء کان ڪنهن کي به انڪار ناهي تنهن هوندي به جڏهن سموريون سياسي ڌريون،باشعور طبقو ۽ طبي ماهر ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏيندا رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته خطرو نهايت ئي سنگين آهي ۽ سنڌ حڪومت انهيء خطري کي نظر ۾ رکندي ئي صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت مختلف طريقن سان مخالفت ڪندي رهي.پر هاڻي جڏهن ”ڪرائڻ وارن“ سمورن صوبن کان لاڪ ڊائون ڪرائي ڇڏيو آهي ته خان صاحب وٽ هاڻي ڪهڙو جواز باقي رهجي ويو آهي. جيستائين لاڪ ڊائون سبب غريب ماڻهن جي تڪليفن ۽ مشڪلن ۾ اضافي جو سوال آهي ته اهي ته برابر حد کان وڌي وينديون پر ڇا ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ سواء هن وقت حڪومتن وٽ ٻيو ڪو آپشن به آهي ؟اهو لاڪ ڊائون پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪوبه ملڪ خوشي يا پنهنجي مرضيء سان ان طرف نه وڃي رهيو آهي بلڪه ماڻهن کي هن موذي وبا کان بچائڻ لاء اهو هڪ بنيادي قدم آهي جيڪو مجبوريء وچان کڻڻو پئجي رهيو آهي.خان صاحب سان مسئلو اهو آهي جو هو پنهنجي عقل جي بنياد تي جنهن به معاملي تي ضد ٻڌي ويهي ٿو ان تان واپس هيٺ لهڻ لاء تيار نٿو ٿئي. ايستائين جو وقت ۽ حالتون هن کي مجبور ڪري کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪن ٿيون.ماڻهن کي پندرهن يا ٽيهن ڏينهن لاء گھرن تي کاڌو مهيا ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي پر جيڪر حڪومت ۾ ان معاملي کي مينيج ڪرڻ ۽ سرندي وارن ماڻهن توڙي فلاحي ادارن سان ڳالهين ذريعي ڪو گڏيل لاحئه عمل جوڙڻ جي ڪا صلاحيت موجود هجي جيڪا هن تقريرن واري سرڪار ۾ بلڪل ئي نظر نٿي اچي.ٻيو ته ٺهيو پر ڇا عالمي مارڪيٽ ۾ آيل تيل جي اگھن ۾ زبردست لاٿ باوجود حڪومت تيل جون قيمتون نه گھٽائي جيڪو پئسو ڪمائي رهي آهي ڇا اهو ان لاڪ ڊائون دوران عوام جي کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪري نٿو سگھجي؟ ڇا غريب ماڻهن جا بجلي ۽ گئس جا بل هڪ مهيني لاء معاف نٿا ڪري سگھجن؟ڇا احساس پروگرام توڙي بينظير انڪم سپورٽ جي بجيٽ في الحال انهن بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاء خرچ ڪري نٿي سگھجي؟ ترقياتي اسڪيمن مان ڪجهه رقم ان هنگامي فنڊ ۾ منتقل ڪري نٿي سگھجي جنهن ذريعي غريبن جي مدد ڪئي وڃي؟رڳو بار بار ٽي وي تي اچي بي مقصد تقريرون ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.پهرين ته حڪومت کي مڃڻو پوندو ته ملڪ هن وقت هڪ سخت صورٽحال ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ۽ انهيء مان نڪرڻ لاء انهن ئي تجربن کي سامهون رکڻو پوندو جن ذريعي دنيا جا ٻيا ملڪ انهيء مصيبت مان ڪجهه ٻاهر نڪتا آهن يا يا نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سڄي دنيا جا ملڪ پاڳل ته ناهن جيڪي پنهنجن شهرين کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيئي رهيا آهن ۽ اسان جو وزير اعظم فرمائي رهيو آهي ته جيڪر ماڻهن کي گھرن کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏنو ويو ته انهن مان پنجويهه سيڪڙو بکن وگھي مري ويندا.اهو ڪهڙو سياڻپ ڀريو بيان ۽ دانش ڀريل فلسفو آهي.خان صاحب ۾ ته ايتري صلاحيت به ناهي جو هن ڏکئي وقت تي ملڪ جي سمورين سياسي ۽ سماجي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ساڻن صلاح مشورو ڪري قوم کي وڌيڪ مونجھارن جو شڪار ڪرڻ بدران هڪ واضح حڪمت عملي ۽ پروگرام جوڙي سگھي. هن وقت به خان صاحب جو اجايو ضد ۽ هٺ ڌرمي کيس اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي رهي آهي جن سان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگھي ٿي.هن وقت به هر معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ٿي رهي آهي جيڪا گھڻي ڀاڱي حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي.معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت غريب عوام لاء هڪ ”وڏي“ معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري رهي آهي پر ماضيء جي تجربن مان نٿو لڳي ته هن حڪومت وٽ اهڙو ڪو پلان هجي جنهن ذريعي واقعي غريب عوام کي ڪو حقيقي فائدو يا رليف ملي سگھي.جيڪر حڪومت مزدورن کي ٽي هزار روپيا ماهوار مالي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اها عوام سان هڪ وڏي مذاق هوندي جو ٽن هزارن مان ته ڪنهن غريب جو ٽن چئن ڏينهن لاء به گھر نٿو هلي سگھي. مهنگائيء تي ڪو ڪنٽرول ناهي. هاڻوڪي لاڪ ڊائون دوران به کاڌي جي شين جي اگھن ۾ واڌ جا اطلاع ملي رهيا آهن.رڳو لاڪ ڊائون سان ئي سمورو معاملو حل نه ٿيندو بلڪه اصل معاملو انهن شڪي ماڻهن جو آهي جيڪي هن وقت تائين حڪومت جي غفلت ۽ سستيء سبب انهيء مرض جو وائرس پاڻ سان گھڻي گھمي رهيا آهن ۽ خبر ناهي ته ڪيترن ٻين ماڻهن تائين اهو پکيڙي به چڪا آهن. جيستائين انهن سمورن ماڻهن جي ٽيسٽ نٿي ٿئي تيستائين حالتون ڪنٽرول ۾ اچي نه سگھنديون.هاڻي وفاقي حڪومت اها ٽيسٽ ڪيپيسٽي وڌائڻ لاء صوبائي حڪومتن جي ڪيتري مدد ڪري رهي آهي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاء وينٽيليٽرز جو ڪيتري حد تائين انتظام يقيني بنايو پيو وڃي انهيء جا تفصيل وفاقي حڪومت جو ڪوبه نمائندو واضح طور تي عوام سان شيئر ڪرڻ لاء تيار ناهي.وزير اعظم جي ان معاملي تي سنجيدگيء جي اها حالت آهي جو سنڌ جتي وائرس جا گھڻي ۾ گھڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ جتي سنڌ حڪومت پنهنجن وسيلن آهر ڪجهه نه ڪجهه مناسب قدم به کڻي رهي آهي پر خان صاحب کي ايتري توفيق ناهي ٿي جو هو سنڌ ۾ اچي ڪنهن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري يا پاڻ انتظامن جو جائزو وٺي ۽ سنڌ حڪومت کي حوصلو ڏئي.حڪومتن هلائڻ ۽ ڪرڪيٽ جي ميچ کيڏڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.جڏهن عوام جون چونڊيل حڪومتون پنهنجي حصي جو ڪم نٿيون ڪن ته پوء ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو ڪم ڪرڻو آهي توڙي جو انهن جي اها مداخلت اوهان کي پسند هجي يا نه!