بــرڪـت جـو مـهـيـنو ڪتاب اکيون پسي آئيون حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي

بــرڪـت جـو مـهـيـنو هـي رمـضـان ســندو

جـنـهـن ۾ تـه سـڙيـو گـھـر آ شـيـطـان ســنـدو

رحمــت ۽ فــضـيلـت جــو آ مــاه ڀـــلــو

تحـفـو هـي مـلــيو جــنــهــن ۾ قــرآن ســنـدو

هـي مـاه ڀـلـو بـيـشـڪ رمـضـان ٿـيو

حــيران جــهـين ۾ آ شـيـطــان ٿــيو

بـخـش جـو مـهـيـنو ئـي مـومـن لـئه هي

نـازل تـه جـنـهـين ۾ قـرآن ٿــيـو

رمــضـان ۾ جــدائــي ٿــي والــد جــي وئــي

سـا رات جـمـع جـي ۽ بـرڪت جي هئي

يـاسـين تـه “اڪــرم” ٿـي انـوقـت پـڙهـي

فــرقـت ۾ تــه والــد جــي روئــي ۽ رڙي​
 
Back
Top